اڌ رنگ ۽ دل جي دوري جي 99 سيڪڙو ڪيسن ۾ بچاءُ ممڪن!

هڪ منفرد تحقيق سان خبر پئي آهي ته اڌ رنگ ۽ دل جي دوري جهڙي سنگين مرضن جي 99 سيڪڙو ڪيسن ۾ احتياط ۽ علاج سان بچي سگهجي ٿو.
طبي ويب سائيٽ موجب آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪئي ويندڙ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته دل جي دوري ۽ اڌ رنگ جو شڪار ماڻهو عام طور تي لاپرواهي سبب سنگين بيمارين جو شڪار ٿيندا آهن، جيڪڏهن احتياط ڪيو وڃي ته 99 سيڪڙو ماڻهو محفوظ زندگي گذاري سگهن ٿا.
ماهرن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته دل جي بيمارين سان ٿيندڙ 85 سيڪڙو فوتگيون دل جي دوري ۽ اڌ رنگ سبب ٿينديون آهن ۽ سڄي دنيا ۾ 6 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو هر سال دل ناڪارا ٿيڻ جو شڪار بڻجندا آهن.
ماهرن موجب عام طور تي دل جي دوري ۽ اڌ رنگ جو شڪار ٿيندڙ ماڻهو هاءِ بلڊ پريشر، هاءِ ڪوليسٽرول، هاءِ بلڊ شوگر ۽ تماڪ واپرائڻ سبب خطرن ۾ پئجي ويندا آهن، اها طبي مسئلا احتياط ۽ علاج سان حل ڪري سگهجن ٿا.
ماهرن ٻڌايو ته هاءِ بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول ۽ شوگر جهڙن عملن تي قابو ڪرڻ سان دل جي بيمارين کان بچاءُ ممڪن آهي، هاءِ بلڊ پريشر کي آساني سان جاچي سگهجي ٿو پر ڇو ته ان جي ڪا علامت ناهي هوندي، تنهن ڪري اڪثر ان کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي، اهو ضروري آهي ته وقت سر ان جي سڃاڻپ ڪري علاج ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.