ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا جويريا سعود دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪي مڙس پنهنجي گهروارين کي وڌيڪ خوش رکندا آهن انهن جا ناجائز لاڳاپا هلي رهيا هوندا آهن.
نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ ڳالهائيندي جويريا سعود چيو ته جيڪڏهن ڪنهن عورت جو مڙس حد کان وڌيڪ سٺو آهي، اهو زال کي تحفا وغيرا ڏئي ٿو ۽ گهڻو خوش رکي ٿو ته ان جو مطلب آهي ان جو ٻئي هنڌ به چڪر هلي رهيو آهي.
هن چيو ته گهرواري کي خوش رکندڙ ۽ تحفا ڏيندڙ مڙسن جا ناجائز لاڳاپا هوندا آهن ۽ هو زال جو ڌيان انهن ڳالهين تان هٽائڻ لاءِ کين وڌيڪ خوش رکندا آهن.
سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ڀرپاسي ۾ اهڙا ڪيترائي جوڙا ڏٺا آهن، جن جا مڙس پنهنجي گهروارين کي خوش رکندا آهن، ڇو ته انهن جا ناجائز لاڳاپا هلي رهيا هوندا آهن.
You might also like