رمضان جي مهيني جا ڪجھه اهم تاريخي واقعا

تحرير: ياسر قاضي

هجري ڪيلينڊر جو نائون مهينو رمضان نه رڳو روزن رکڻ جو مهينو هجڻ ڪري مسلمان معاشرن ۾ توقير وارو مهينو تصور ڪيو ويندو آهي، بلڪه ان مهيني دؤران اسلامي تاريخ جا ڪي اهم واقعا پڻ پيش آيا، جن ۾ ڪجھه اهم جنگيون ۽ ڪن اهم شخصيتن جون وفاتون ۽ شهادتون به شامل آهن. انهن منجھان اچو ته ڪن واقعن کي مختصراً ياد ڪريون:

 1 ــ اسلام جي پهرين جنگ بدر ۾ مسلمانن جي فتح:

هجرت جي ٻئين سال 17 رمضان تي، پاڻ سڳورن ﷺ ۽ سندن ساٿي مڪي جي ڪافرن خلاف پنهنجي پهرين جنگ وڙهڻ لاءِ نڪتا، جيڪا بدر جي ميدان ۾ وڙهي وئي. ان وقت باطل جي مقابلي ۾ حق جي حامين جو تعداد تمام گهڻو هو، جنهنڪري اسلام کي ان جنگ ۾ فتح حاصل ٿي. هن جنگ ۾ ٻين سان گڏ پاڻ سڳورن ﷺ جو دشمن ابو جهل به مارجي ويو. قرآن پاڪ ۾ بدر جي جنگ بابت سورة آل عمران جي 121هينءَ کان 125هين آيت تائين واضح طور ارشاد آيو: ”(اي پيغمبر ياد ڪر!)جنھن مھل (تون) پنھنجي گھر مان سويرو نڪتين جو مؤمنن کي جنگ لاءِ مورچن تي وھاريئي ٿي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي. (121) (ياد ڪر!) جنھن مھل اوھان مان ٻن ٽولين بي ھمت ٿيڻ جو ارادو ڪيو ۽ الله سندن مددگار ھو، ۽ مؤمنن کي جُڳائي ته الله تي ڀروسو ڪن. (122) ۽ بيشڪ الله اوھانکي اُنھيءَ حالت ۾ جو اوھين بي زور ھيؤ، بدر ۾ سوڀ ڏني، پوءِ الله کان ڊڄو! منَ اوھين شڪر ڪريو. (123) (اي پيغمبر! اُنھيءَ مھل کي ياد ڪر!) جنھن مھل تو مؤمنن کي چيو ٿي ته اوھان کي اوھان جي پالڻھار جي ٽن ھزارن ملائڪن (آسمان کان) لاٿلن سان مدد ڪرڻ ڪافي نه آھي ڇا؟ (124) ھائو جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ۽ پرھيزگار بڻجو ۽ ھڪدم اھي (ڪافر) اوھان تي اچي ڪڙڪن ته اوھان جو پالڻھار پنجن ھزارن ملائڪن نشان ڪيلن سان اوھان کي مدد ڏيندو. (125)“ (ترجمو: علامه امروٽي(

2 ــ مڪي جي فتح:

بدر جي جنگ کان 6 سال پوءِ، سنه 8 هجريءَ ۾، پاڻ سڳورن ﷺ امن سان مڪي شهر کي فتح ڪيو ۽ درگذر جو عالمگير مثال قائم ڪيو، جنهنڪري سندن دشمنن منجھان گھڻا سندن مطِيع ٿي ويا، جن مٿن تيستائين ايمان ڪونه آندو هو. ان کان اڳ قريشن ۽ مسلمانن، حديبيه جو معاهدو ڪيو هو، جنهن تحت مسلمانن کي امن سان ڪعبي جي زيارت ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. قريشن شرطن جي ڀڃڪڙي ڪندي ستت ئي اهو معاهدو ٽوڙي وڌو ۽ حديبيه صلح ختم ٿي ويو. پوءِ پاڻ سڳورا ﷺ 10 هزار سپاهين جي لشڪرَ سان مديني مان پنهنجي اباڻي ديس مڪي ڏانهن روانا ٿيا ۽ بنا ڪنهن خونريزيءَ جي امن سان مڪي شهر کي فتح ڪري ورتائون. اهو مسلمانن لاءِ سياسي ۽ روحاني طور هڪ عظيم موڙ هو. ان فتح واري ڏينهن بُت پرستيءَ جو دؤر ختم ٿي ويو ۽ مسلمانَ پنهنجي ديرينه وطن مڪي ڏانهن واپس وڃڻ جي قابل ٿي ويا. مڪي جي فتح جو بيمثال واقعو 20 رمضان 8 هجري (11 جنوري 630 ع) تي پيش آيو.

3 ــ تبُوڪَ جي جنگ:

تبُوڪ جِي جنگ 9 هجري (630 عيسوي) ۾ لڳي. اها جنگ حضرت محمد ﷺ جي قيادت ۾ رومي (بازنطيني) سلطنت جي فوج سان وڙهِي وئي. هيءَ جنگ 9 هجريءَ ۾ رجب جي مهيني ۾ شروع ٿي. ڪن روايتن موجب اها جنگ رڳو 20 ڏينهن ۽ ڪن موجب لڳ ڀڳ 3 مهينا شوال 9 هجريءَ تائين جاري رهي. ٻي روايت موجب ان سال پُورو رمضان جو مهينو تبوڪ جي ويڙهه جارِي رهي. حضرت محمد ﷺ پنهنجي فوج کي تبوڪ (جيڪو علائقو اڄ سعودي عرب ۾ واقع آهي) طرف روانو ڪيو، جتي دشمن رومي فوج سان جنگ ٿي، جنهن جو نتيجو اسلام جي حق ۾ آيو. هي حملو سخت ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڪيو ويو. ڊگهي سفر، گرم موسم، گهٽ سواريءَ، کاڌي پيتي جي مسئلن ۽ لشڪر جي تعداد جي تمام گهڻائيءَ ڪري مسلمانن کي هن جنگ ۾ وڏيون تڪليفون آيون. اهو ئي سبب آهي جو هن جنگ ۾ اسلام جي لشڪر کي ”جيش الاسرا“ (تنگ دستن جي فوج) به سڏيو وڃي ٿو. تبوڪ ۾ رومين گھڻي مزاحمت ڪانه ڪئي. انڪري اها جنگ مسلمانن آسانيءَ سان کٽي ورتي. مقابلو گهٽ ٿيڻ باوجود، اسلامي سلطنت تي تبوڪ جي سوڀ جو وڏو مثبت اثر پيو، ڇاڪاڻ ته ان کانپوءِ مسلمانن جو موقف مضبوط ٿي ويو ۽ اسلامي سلطنت جا علائقا وڌيڪ محفوظ ٿي ويا. ان جنگ ۾ حضرت محمد ﷺ جي قيادت ۾ مسلمانن عظيم حوصلي ۽ جنگي حڪمتِ عمليءَ جو مظاهرو ڪيو.

4 ــ حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضي الله عنها ۽ حضرت ابو طالب جو لاڏاڻو:

اُم المؤمنين حضرت بيبي خديجة الڪبريٰ رضي الله عنها جي وفات 65 ورهن جي ڄمار ۾ 10 رمضان سنه 10 هجريءَ (619 ع)تي ٿي. هوءَ 23 سالن تائين پاڻ سڳورن ﷺ جِي پياري زال رهي. پهرين وحيءَ جي نزول کانپوءِ هوءَ کين تسلي ڏيڻ واري پهرين فرد هئي. هوءَ اسلام قبول ڪرڻ واري پهرين عورت پڻ هئي. بيبي خديجه رضي الله تعاليٰ عنها جي وفات کان ستت پوءِ، ان ئي رمضان ۾ پاڻ سڳورن ﷺ جو چاچو ۽ حضرت علي ڪرم الله وجه جو والد، حضرت ابو طالب به فوت ٿي ويو، جن جي وفات وقت عمر لڳ ڀڳ 80 سال هئي. انهن ٻنهي ويجھن پيارن جو لاڏاڻو پاڻ سڳورن ﷺ لاءِ بيحد ڏکارو هو. تنهنڪري هن سال کي پاڻ سڳورن ﷺ ”عام الحزن“ (غم جو سال) پڻ سڏيو.

5 ــ حضرت علي ابنِ ابي طالب ڪرم الله وجه جي شهادت:

اسلام جي چوٿين خليفي حضرت علي ابن ابي طالب ڪرم الله وجه جي شهادت جو دل جھوريندڙ واقعو ابنِ ملجم جي جنهن وارَ سبب ٿيو، اهو مٿن رمضان جي 19 تاريخ تي 40 هجري ۾ ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻ 21 رمضان 40 هجري (661 عيسويءَ) تي شهادت جو جام نوش ڪري امر ٿي ويا. رمضان جو مهينو هن دُکدائڪ واقعي جي ياد به پاڻ سان آڻيندو آهي.

6 ــ مسلمانن پاران اندلس جي فتح:

لڪه واديءَ جي ويڙهه (گواڊليٽ جي جنگ) سنه 92 هجري (711 عيسويءَ) ۾ رمضان جي آخري ڏهي جي بالڪل آخري ڏينهن ۾ وڙهي وئي. هيءَ جنگ اسلامي تاريخ جي اهم ويڙهه هئي، ڇاڪاڻ ته ان جي نتيجي ۾ مسلمانن اسپين (اندلس) فتح ڪري ورتو ۽ اتي اسلامي سلطنت قائم ڪئي. هيءَ جنگ مسلم اُموي خلافت ۽ ’وِيزگٿ‘ جي بادشاهت وچ ۾ وڙهي وئي، جنهن ۾ مسلمان فوج جي نمائندگي حضرت طارق بن زياد ڪئي. هيءَ جنگ مسلمانن جي اعليٰ جنگي حڪمتِ عمليءَ جو عمدو مثال هئي.

7 ــ عين جالوت جي جنگ:

3 سيپٽمبر 1260ع (19 رمضان 658 هجريءَ) تي مملُوڪ فوجن ۽ منگولن جي وچ ۾ تاريخ جي مشهور جنگ وڙهي وئي، جنهن ۾ مملوڪ بادشاهه سيف الدين قطز ۽ سندس مشهور جرنيل رُڪن الدين بيبرس، منگول فوجن کي شڪست ڏني. هيءَ جنگ فلسطين ۾ ’عين جالوت‘ جي مقام تي وڙهي وئي. ان فتح جي نتيجي ۾ مصر، شام ۽ يورپ منگولن جي تباهيءَ کان بچي ويا. جنگ ۾ الخاني حڪومت جي منگول باني، هلاڪو خان جو ڪمانڊر ’ڪتبگھا‘ پڻ مارجي ويو. جڏهن هن شاندار سوڀ جي خبر دمشق ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ پهتي ته مسلمان بيحد خوش ٿيا ۽ تاتارين تي حملو ڪيائون ۽ ساڳئي سال منگولن کي حمص مان ڪڍي ڇڏيائون. جڏهن تاتارين محسوس ڪيو ته اوڀارين اسلامي سرزمين تي سندن حڪومت ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ مسلمانن وري طاقت حاصل ڪري ورتي آهي، تڏهن هو پنهنجي وطن ڏانهن ڀَڄي ويا، جنهنڪري مملوڪَ آسانيءَ سان شام کي ڪجهه هفتن ۾ آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

8 ــ قسطنطينيه جي فتح:

قسطنطينيه، 29 مئي 1453ع بمطابق 29هين رمضان 857 هجريءَ تي عثماني سلطنت هٿان فتح ٿيو. صدين تائين مسلمان حڪمرانن جي ڪوششن باوجود دنيا جي هن عظيم الشان شهر جي فتح عثماني سلطان، محمّد (ٻئين) جي حصي ۾ آئي، جنهن بازنطيني راڄڌاني فتح ڪئي. هي اسلامي تاريخ جو هڪ اهم معرڪو هو.

ان کانسواءِ قرآن پاڪ جي نزول جهڙو عظيم الشان واقعو به رمضان مهيني ۾ ئي پيش آيو، جنهنڪري هن مهيني کي ”قدر واري رات“ جهڙو عظيم تحفو به نصيب ٿيو ۽ اهو نزول ئي هن مهيني جي احترام ۽ عظمت جو وڏي ۾ وڏو سبب آهي. هن مهيني ۾ قرآن جي نزول سبب ئي هر سال ختم القرآن جو خاص اهتمام ڪيو ويندو آهي ۽ تراويح جُون شبينه محفلون سجايون وينديون آهن. ان عظيم پيغام جو هن بابرڪت مهيني ۾ نزول ئي هن جي اهميت جو هڪ وڏو سبب به آهي. مسلمان ان قدر واريءَ رات جي ڳولا ۾، دنيا جا ڪم ڪارَ تياڳي رمضان جو آخري ڏهو مسجدن ۾ ڪُل وقتي عبادت لاءِ اعتڪاف ۾ پڻ ويهندا آهن ۽ رب راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.