هيمون ڪالاڻي لاءِ بحثيت قومي هيرو ڪجهه به ناهي ڪيو ويو

تحرير: مجيد نواز مغل

21 جنوري جي ڏينھن تي سکر جي فضائن ۾ پکين اڃان پنهجا آکيرا به نه ڇڏيا هئا، سکر (ڊسٽرڪٽ) جيل جي لوهي گيٽ وڏي آواز سان کليو هو، ڪجهه سرڪاري عملدار جيل اندر روانه ٿيا، ۽ گيٽ وڏي آواز سان وري بند ٿي ويو.  هيمون جو پتا پيسو مل سمجهيو ته سندس ڳڀرو  ڦاسي چڙهيل  هيمون جي ارٿي سندن حوالي ڪئي ويندي.  پر ائين نه ٿيو، سندن آلا نيڻ شام چار وڳي تائين پنهجي پُٽ جو لاش وصول ڪرڻ جو اوسيئڙو ڪندا رهيا. شام چار وڳي سرڪاري گاڏي ۾ مڙھ کي سندس گھر تائين پهچايو ويو. هيمون کي ڦاسي صبح جو ستين وڳي ڏني وئي، ۽ لاش 4 وڳي شام جو ڏنو ويو، سو به انهيءَ شرط سان ته سکر ۾ ڪو ھل ھنگامو ۽ فساد ٿيو ته اُن جا ذميوار سندس مائٽ هوندا. هيمون جو مڙهه ڏسڻ . هزارين ماڻهو روڊ رستن تي گڏ ٿي ويا هئا، ڪي ماڻهو گهرن جي ڇتن تي پڻ بيٺا هئا.

سنڌ جي سرزمين جوڌن جوانن ۽ دودن جي تاريخ سان ڀري پئي آھي، جن وقت سر پنھنجي وطن ۽ آدرشن . جانون قربان ڪري ڇڏيون،  ھيمون ڪالاڻي پڻ اھڙن ڪردارن مان ھڪ ڪردار آھي ـ جنھن مذھبي تنگ نظري سبب پوئتي رکيو ويو ـ ھيمون جنھن غلام ھندستان جي آزادي. طاقتور انگريز سامراج سان ٽڪر ورتو ۽ پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي ـ

هيمون ڪالاڻي جي ڪردار کي خبرناهي ڇو اسان سنڌ واسين  نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، اسان سنڌ واسين هيمون ڪالاڻي کي ايئن وساري ڇڏيو آهي جيئن پنجاب وارن ڀڳت سنگهه کي، پر هاڻي ڪجهه لاهوري ڀڳت سنگهه کي ياد ڪرڻ لڳا آهن ۽ اُن جي ياد ۾ ڪجهه پروگرام ڪن ٿا.  پيرعلي محمد راشدي جنهن پنهنجي ضخيم ڪتاب ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن ۾“  ڪٿي به شهيد سورهيه بادشاه. ٻه اکر به نه لکيا آهن، اُتي هن ڪجهه پيراگراف هيمون ڪلاڻي تي لکيا آهن. راشدي لکي ٿو. جيڪڏهن سکر جو احوال لکندي مون جيڪڏهن هيمون تي قلم نه کنيو ته سکر سان وڏي زيادتي ٿيندي.

علي محمد راشدي  لکي ٿو، 1942ع ۾ مهاتما گانڌي انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ  مشهور Quit India  تحريڪ هلائي. اُن تحريڪ جي سلسلي ۾ سموري هندستان اندر باهه ٻري وئي. بيشمار ھنگاما ٿيا. سرڪاري عملدارن تي خوني حملا ڪيا ويا. ريلون ڪريون، پوليس ٿاڻن تي حملا ٿيا. انتقامي جذبي ۾ انگريز به انڌا ٿي پيا. ان ٻه طرفي خوني هلچل جو اثر سنڌ تي به پيو. سال 1942ع ۾ هيمون ڪالاڻي پراڻي ۽ نئين سکر جي وچ ۾ هڪ جاءِ تي ريل (فوجي ٽرين) ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ريل ته ڪانھ ڪري پر ھو نوجوان پڪڙجي پيو. انهن ڏينهن ۾ حرن کي سزا ڏيڻ . سنڌ ۾ اڳيئي مارشل لا لاڳو ٿي چڪو هو. هيمون تي به ڪورٽ مارشل ۾ ڪيس هليو. کيس ڦاسي جي سزا ڏني وئي، مٽن مائٽن گهڻو ئي اپيلون ڪيون پر هيمون پاڻ معافي نه گهري پر هيمون پشيماني، پريشاني ناممڪن هو. انگريز تنگ ٿي کيس ڦاسي ڏنائونس. (ڪتاب مان حوالو)

اڄوڪي سنڌ جي نوجوان نسل کي صرف ايتري ڄاڻ آهي ته هُن انگريز سرڪار جي ٽرين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پڪڙجي پيو ۽ ڦاسي جي سزا اچي ويس. ان کان اڳتي تمام گهٽ ماڻهو ان جي زندگي متعلق ڄاڻن ٿا. اسان ماڻهن  سنڌ جي انهن هندو آزادي پسندن کي شايد انهي ڪري وساري ڇڏيو آهي جو  هو مسلم ليگي نه هئا، يا هو هندو هئا، انگريزن خلاف جدوجهد آزادي ۾ هندستان جي سڀني قربانيون ڏنيون. جڏهن انگريز سامراج خلاف آزادي جي تحريڪ شروع ٿي 1857ع ۾ آزادي جي جنگ ۾ مسلمانن سکن، ۽ هندن  برابري جون قربانيون ڏنيون هيون. انھن قربانين ڏيڻ جو  مطلب ھو ته ڪنهن طرح انگريز سامراج کي هن ڌرتي تان تڙي ڪڍجي ـ اها  ٻي ڳالهه آهي ته  ورهاڱي جي راهه ۾  ايترو ظلم شايد انگريز سامراج به نه ڪيو هو جيترو هندن، سکن. مسلمانن هڪ ٻئي جي خلاف رت جون نديون وهائيون ـ انهيءَ نفرت جو اندازو ڪرشن چندر جي ناول غدار کان وٺي خوشونت سنگهه جي لکيل ناول ”اي ٽرين ٽو پاڪستان“ کي پڙهي لڳائي سگهجي ٿو.

حقيقت اها آهي ته سعادت حسن منٽو جي افساني ”ٽوبا ٽيڪ سنگهه“ ۾ پاڳلن جي ورهاست تي سوچيو ويوهو ـ جيڪي آزادي کان اڳ انگريز سامراج سان مهاڏو اٽڪائيندڙ شخصيتون وڙهندي شهيد ٿيون  جيڪڏهن مسلمان آهن ته اسان جون،  جيڪڏهن هندو هيون ته هندستان جي حوالي پوءِ ڇو نه انهن جو خون سنڌو  ماءَ جي مٽي سان ڳوهيل هُجي.

اھو ساڳيو مهينو جنوري جو سخت سرد راتيون سي به سکر جا سرد ڏينهن 1943ع جو سال هو جڏهن هن آزادي پسند جوان کي ڦاسي تي لٽڪايو ويو هو.  انگريزن جي روايت هُئي ته هو آزادي پسندن کي مارڻ کانپوءِ انهن جا مڙهه گم ڪري ڇڏيندا هئا.  هيمون کي شايد اها خبر نه هئي ته جڏهن انگريز هي ملڪ ڇڏي هليا ويندا، تڏهن سندن ماتا پتا به سنڌ کي  ڇڏي ويندا ـ

هيمون ڪالاڻي جو جنم 23 مئي 1923ع ۾ سنڌ جي قديم شھر سکر ۾ ٿيوهو. هن جي والد ۽ ٻين خاندان وارن جا انگريز عملدارن سان سُٺا لاڳاپا هئا. هيمون ڪالاڻي جو پتا پيسو مل ڪالاڻي سرن جي بٺن جو مالڪ هو . هو جيلن جي تعمير جا ٺيڪا کڻندو هو. هيمون جو والد پيسو ڪالاڻي سکر جو معزز واپاري هو ـ هو جائن جي اڏاوت جا ٺيڪا به کڻندو هو.

انھيءَ زماني ۾ خاص ڪري سکر بکر، سانگهڙ ۽ اُن جي ارد گرد حرن جي ڪافي دهشت هوندي هئي، هنن جي ڏهڪاءُ کان ڪافي انگريز به خفي هئا. حر جانٺا ۽ مضبوط هوندا هئا، جيل ٽوڙي ڀڄي ويندا هئا، حرن کي قيد ۾ رکڻ . مضبوط جيلن جي ضرورت هئي.

اُن وقت سنڌ ۾ حرن جي جدوجهد عروج تي هئي، مئي 1942ع ۾ حرن به لاهور ميل ڪرايو هو، جنهن کانپوءِ جون 1942ع  ۾ مارشل لا لڳي وئي هئي. ڪانگريسين ۽ سڀاش چندر بوس جي انقلابي تقريرن جو به نوجوانن تي وڏو اثر هو. اُن وقت سکر به جدوجهد آزادي جي ڪارڪنن جو وڏو مرڪز هو.ساڌ ٻيلو ديش ڀڳتن . وڏي پناهه گاهه هو جتي هندستان جي ٻين علائقن جا روپوش اچي پناھ وٺي رھندا ھيا ـ هيمون جڏهن ريل جي پٽڙي ٽوڙڻ جو منصوبو جوڙيو هو هن سان گڏ 28 ڄڻا هئا، رات جو سکر جي بسڪوٽ جي ڪارخاني ڀرسان هيمون ۽ ان جي ساٿين اوزارن سان ڪم شروع ڪيو پر ڪارخاني جو چوڪيدار کين ڏسي ورتو ھو ـ جنهن وڃي پوليس کي اطلاع ڪيو. پوليس کي ايندو ڏسي هيمون جا ساٿي ڀڄي ويا پر ھيمون پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو ۽ پڪڙجي پيو. هن کي سکر جي مرڪزي جيل ۾ رکيو ويو جيڪو 1906ع ۾ تعمير ٿيو هو.  هن تي ٽارچر ٿيو کيس ساٿين جا نالا ٻڌائڻ ۽ گواهه بڻجڻ تي کيس آزادي جي آفر پڻ ڪئي وئي، پر هن ڪجهه به نه ٻڌايو. هيمون کي وڪيلن سمجهايو ته اوهان ڪڏهن به اقبال جرم نه ڪجو پر هيمون ڪنهن جي به نه ٻُڌي. حيدرآباد جي فوجي هيڊ ڪوارٽرمان ڪمانڊر لارڊ لاروني؛ هيمون جي ڦاسي جا حڪم سکر جيل جي جيلر کي موڪليا. هيمون جي مائٽن کان وٺي سنڌ جي اهم شخصيتن جن ۾ ڄيٺي سپاهميلاڻي، جمشيد مهتا، ساڌو ٽي ايل واسواڻي،  جهڙن شخصيتن دهلي جي وائسراءِ لارڊ لنٿگو کي هن معصوم . رحم جي اپيل ڪئي  ۽ کيس يقين ڏياريو ويو ته هيمون لکت ۾ معافي وٺندو پر هيمون معافي نه ورتي، بقلم پير علي محمد راشدي جي ڪيتري وقت تائين ڦاسي جي سزا کي ليٽ ڪيو ويو، شايد هي نوجوان پنهنجي عمل تي پڇتائي معافي وٺي پر هن ڦاسي جي ڦندي تائين سرڪار اڳيان سر نه جهڪايو. لکندڙ لکن ٿا جڏهن هيمون جي ارٿي کنئي وئي تڏهن نئين ۽ پُراڻي سکر جي ڪل آبادي چاليهه هزار هئي، پر ارٿي ۾ شامل سوڳوار لک کان مٿي هئا. هيمون جي خاڪ کي سنڌو ۽ گنگا ۾ لوڙهيو ويو. هيمون جي ڦاسي تي جواهر لال نهرو سخت افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ هن سنڌ اچي هيمون جي خاندان سان تعزيت به ڪئي هئي ـ

هيمون ڪالاڻي جي گرفتاري 23 اڪٽوبر 1942ع ۾ ٿي.  بغاوت جي ڪيس ۾  ڦاسي جي سزا 21 ڊسمبر 1942ع ۾ ٻڌائي وئي،  اُن کي 21 جنوري 1943ع ۾ ڦاسي ڏني وئي.  هي اُهي ڏينهن هئا جڏهن شهيد سورهيه بادشاهه به حيدرآباد جيل ۾ ڪورٽ مارشل لا تحت مقدمو هلي رهيو هو. شهيد سورهيه بادشاهه کي ٺيڪ ٻه مهينا بعد شهيد ڪيو ويو. پر افسوس شهيد جو جسد خاڪي وارثن حوالي نه ڪيو ويو. هندستان ۾ هيمون ڪالاڻي جي ياد ۾ 18 اڪٽوبر 1983ع ۾ يادگار پوسٽ ٽڪلي جاري ڪئي وئي. اُن کان علاوه لوڪ سڀا ۾ هيمون جو يادگار مجسمو به جوڙيو ويو.

هندستان وارن ته پنهنجي قومي هيروز جو قدر ڪيو پر اسان پنهنجي هيروز جو ڪهڙو قدر ڪيو آهي؟  پاڪستان سرڪار ته پري رهي اسان جي سنڌ سرڪار  اڄ تائين پنهنجي قومي بهادر ھيروز . ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.