سنڌ جي درياهه، زمين ۽ جر تي لڳندڙ ڌاڙو

تحرير: غلام حسين جوڻو

سنڌ جو عوام ڪئنالن جي خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي. حڪومت عوام جو اهو مطالبو مڃڻ کان نابري واري ويٺي آهي ته وري ٻيو مسئلو پيدا ڪيو ويو آهي. اهو به مسئلو، سنڌ جي وحدانيت تي وار آهي. سنڌ جي بقا ۽ وجود جو مسئلو آهي وفاقي حڪومت اهڙيون پاليسيون جوڙيندي وتي جنهن سان سنڌ کي تمام گھڻا نقصان پهچي رهيا آهن. ايندڙ وقت ۾ سنڌ کي انهن نقصانن کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو. اهي نقصان عوام جي برداشت ڪرڻ جوڳا ڪونه آهن. اهي سنڌ جي مستقبل لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهن. سنڌ جون زمينون مختلف ڪمپنين کي ڏنيون پيون وڃن. اهڙا سمجهوتا ۽ معاهدا لڪ ڇپ ۽ خفيه طريقي سان ٿي رهيا آهن. ان فيصلي ۾ اسان سنڌ حڪومت کي به ملوث سمجهون ٿا. سنڌ ڪابينا هڪ اجلاس ۾ ڳجهي نموني سان سکر، نوابشاهه، سانگھڙ، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن جون ويهه لک ايڪڙ وارياسي زمينون، ڪمپني کي ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. تنهن کان پوءِ ڄاڻايل زمينون ليز تي ڏيڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو آهي. ان باري ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ خبر پئي آهي ۽ اهو راز فاش ٿي پيو. ياد رهي ته، پهرين مرحلي ۾ عمرڪوٽ ۽ ناري جون زمينون ڪمپني کي ڏنيون ويون آهن. انهن زمينن تي ڪمپني پنهنجو ڪم به ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. اها ڪمپني مختلف منصوبن تحت مختلف طريقن ۽ نمونن سان ڪم ڪري پئي. انهيءَ ڪمپني جي منصوبن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ حڪومت به ان سان سهڪار ڪري رهي آهي. هونئن به حڪومت جي سهڪار ۽ تعاون جي بغير ڪمپني ڪوبه ڪم ڪري نه ٿي سگھي. ڪمپني کي ڪابه منصوبابندي ۽ رٿا مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڏکيائيون پيش اچي سگھن ٿيون. جن کي منهن ڏيڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ان ڪمپني کي صوبائي حڪومت کان مدد وٺڻ ضروري آهي. جڏهن حڪومت جو ڪمپني سان معاهدو، سمجهوتو ۽ سودو ٿيو هوندو تڏهن سودي جي شرطن ۾ حڪومت جي سهڪار ۽ تعاون لاءِ به لازمي چيو ويو هوندو. ان شرط موجب هاڻ عمل ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.

هاڻ، سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ته هنيو پيو وڃي سنڌ جون زمينون به ڪپمنين کي ڏنيون پيون وڃن. پر، اڃا به سنڌ سان وڌيڪ دشمني ڪئي پئي وڃي. باوثوق ذريعن کان ٻڌون پيا ته سنڌ ۾ ڄاڻايل ڪمپني ، ٻه لک ٽيوب ويل لڳائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. جنهن سان سنڌ جي زميني جر کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هاڻ جڏهن سنڌ جو جر ٻه لک ٽيوب ويل لڳائي سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پوءِ سنڌ ۾ مٺي پاڻي جو ملڻ به مشڪل ٿي ويندو. حياتيات کي پاڻي پيئڻ لاءِ به ڪونه ملي سگھندو. مٺو پاڻي ملڻ محال ٿي ويندو البته کارو پاڻي ملي سگھي ٿو جيڪو انسان توڙي حيوان استعال ڪري ڪونه سگھندا اهو پاڻي صحت لاءِ نقصانڪار آهي ان صورت ۾ انسانن سان گڏ جهنگلي جيوت به اڃ مرندي سنڌ جي جر سڪائڻ جو جيڪو معاهدو ڪيو ويو آهي اهو به انتهائي خطرناڪ آهي جنهن کي هر ماڻهو رد ڪري ٿو ۽ عوام ان فيصلي جي خلاف سراپا احتجاج بنجي ويو آهي. پاڻي جي سواءِ جياپو ممڪن ئي ڪونهي. پاڻي قدرت جي نعمت مان هڪ اهم نعمت آهي انهيءَ جي بغير ڪابه زندگي زنده ۽ جيئري رهي نه ٿي سگھي. اسان کان جيئڻ جو حق نه کسيو سنڌ جي جر کي ٽيوب ويلن جي ذريعي سڪائڻ بند ڪريو هن حڪومت اچڻ شرط سنڌ سان جيڪي ويڌن ڪيا آهن. جيڪي سنڌ خلاف سازشون ڪيون آهن

جيڪي ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سو، واپس ورتو وڃي. اقتدار عارضي طور آهي. پر، درياءَ هميشه لاءِ سڪي ويندو. ان کان علاوه صوبن جا وسيلا کسي ڪمپني کي نه ڏنا وڃن. سنڌ جي زمينن کي نيلام ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت ۽ تقاضا آهي. ترقي جي بهاني ۽ آڙ ۾ سنڌ جون زمينون کپائيون ۽ نيلام نه ڪرڻ گھرجن. جيڪا ويهه لک سنڌ جي زمين ڪمپني کي ڏني ويئي آهي اهو فيصلو به واپس ورتو وڃي ۽ سنڌ جي ملڪيتن کي ڪمپني جي حوالي نه ڪيو وڃي. سنڌ جي ماڻهن جون دانهون ٻڌيون وڃن، سنڌ جي ماڻهن جي احتجاجن ۽ ڌرڻن کي روڪڻ لاءِ سنڌ دشمن سمورا فيصلا واپس ورتا وڃن. ٻئي حالت ۾ اهي احتجاج ۽ ڌرڻا ديرپا هلي سگھن ٿا جيڪي ملڪي مفاد وٽان ڪونه آهن خدارا مٿي بيان ڪيل فيصلن کي سنڌي عوام رد ڪري ٿو جنهن ڪري اهي واپس وٺو هتان جي عوام جي پريشاني ۽ بيچييني دور ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.