واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جي ستيتاليهين صدر جي حيثيت سان ٻئي مدي جي لاءِ ساک کڻي ڇڏي.
ساک کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي گهرواري ميلانيا ٽرمپ سان ڪيپيٽل هل پهتو، ساڻس گڏ صدر جو بائيڊن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ڊونلڊ ٽرمپ ٻئي مدي جي لاءِ آمريڪا جي ستيتاليهين صدر جي حيثيت سان ساک کنئي. آمريڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جان رابرٽس صدر ٽرمپ کان قسم کڻايو.
آمريڪي صدر کي قسم کڻائڻ کانپوءِ کيس توپن جي سلامي به ڏني وئي.
ڊونلڊ ٽرمپ کان اڳ نئين چونڊيل آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس قسم کنيو.
آمريڪي صدر جي قسم کڻڻ واري تقريب واشنگٽن جي يوس ايس ڪيپيٽل روٽونڊا ۾ ٿي. تقريب ۾ ٽن اڳوڻي صدرن براڪ اوباما، جارج ڊبليو بش ۽ بل ڪلنٽن به شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ ايڪس جو مالڪ ايلون مسڪ، اميزون جو چيئرمين جيف بيزوس ۽ گوگل جو سربراهه سندر پچائي به موجود هئا.
قسم کڻڻ کان ڊونلڊ ٽرمپ گهرواري سان گڏ چرچ جي دعا واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي ساڻس گڏ نائب صدر جي ڊي وينس ۽ ان جي زال اوشا وينس به موجود هئا.
واشنگٽن ۾ گهڻي ٿڌ جي رڪي چاليهه سالن کانپوءِ اها قسم کڻڻ واري تقريب بند جاءِ ۾ ڪوٺائي وئي. عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ قوم کي خطاب ڪندو.
آمريڪي آئين جي سيڪشن هڪ جي آرٽيڪل ٻه تحت صدارت قسم اهو آهي ته مان قسم ٿو کڻان ته مان آمريڪي جي صدر واري آفيس ۾ سڀني ڪمن کي وفاداري سان سرانجام ڪندس ۽ پنهنجي بهترين صلاحيتن کي استعمال ڪندي آمريڪي آئين جي حفاظت ۽ بچاءُ ڪندو رهندس.
اٺهتر سالن جي ڊونلڊ ٽرمپ قسم کڻڻ واري تقريب دوران ان ئي بائيبل تي قسم کنيو جنهن تي اڳوڻي صدر ابراهم لنڪن کان 1861ع ۾ قسم ورتو ويو هو ۽ انکانسواءِ هن پنهنجي فوتڻ ماءُ ميري اين ميڪلوڊ ٽرمپ طرفان تحفي ۾ ڏنل بائيبل تي به قسم کنيو.
انکان اڳ هن صدر جو بائيڊن سان ملاقات ڪئي هئي.