اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مذهبي مامرن واري وزارت حج 2026ع لاءِ ويندڙ پانڌيئڙن لاءِ طبي ماهرن جو خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مذهبي مامرن واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته طبي عملي جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 25 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 55 سال تائي هوندي، حج مشن لاءِ 98 ڊاڪٽرز، فارماسٽس، 196 پيراميڊيڪس اسٽاف گهربل هوندو، دل، شوگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جا مريض اهل نه هوندا.
طبي عملي طور وڃڻ لاءِ خواهشمند اميدوار کي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال جو فٽنيس سرٽيفڪيٽ به جمع ڪرائڻو پوندو، حج مشن لاءِ درخواستون 2 ڊسمبر تائين ڏنيون وينديون ۽ اميدوارن جي چونڊ اين ٽي ايس ذريعي ٽيسٽ جي بنياد تي ڪئي ويندي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيڪل حج مشن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي سال سرڪاري سروس جو تجربو لازمي آهي، رٽائرڊ اهلڪار ميڊيڪل حج مشن لاءِ اهل نه هوندا، رڳو حاضر سروس اهلڪار طبي عملي لاءِ اهل هوندا.
چونڊيل اميدوار حج دوران سعودي عرب ۾ خدمتون انجام ڏيندا ۽ ميڊيڪل مشن جي مقرري وفاقي حڪومت جي پاليسي تحت ڪئي ويندي، جڏهن ته عورت ميڊيڪل اسٽاف لاءِ 30 سيڪڙو ڪوٽا رکي وئي آهي.
You might also like