عمران خان کي 14 سال جي سزا ڏني وئي آھي،ان ھوندي پاڪستان ۾ اتر ڪوريا سان ھڪجهڙائي رکندڙ نظام کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڏکي بڻجي رھي آھي. موجوده نظام ۾ انساني حقن ۽ جمھوريت جو خاتمو ٿي رھيو آھي.اٺ فيبروري جي چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ٿيل ڌانڌلي جي جاچ ۾ لڳاتار رڪاوٽ جي ڪري پارليامينٽ جو مينڊيٽ شڪي آھي.عدليھ جي نظام تي وڪيل برادري سان گڏ عالمي ادار پڻ تنقيد ڪري رھيا آھن..آئيني ترميم کانپوءِ عدليھ تي انتظاميا حاوي آھي، ھڪڙو ٻيو مسئلو ھي آھي تھ ھڪ اھڙي حڪومت جنھن کي عوامي حمايت نھ ھجي ملڪ ۾ وڌندڙ انتھاپسندي ۽ دھشتگردي جو مقابلو نٿي ڪري سگھي.جمھوريت ۽ انساني حقن جي لاءِ پاڪستان تي شديد عالمي دٻاءَ آھي.ان حالت ۾ ھاڻوڪي حڪومت جي تبديلي جا چٽا آثار نطر اچي رھيا آھن.
پاڪستان جي سياست ۾ حڪومتن جو اوچتو ختم ٿيڻ ۽ نئين حڪومت قائم ٿيڻ کي رد نٿو ڪري سگھجي.عام طور تي موڪلائيندڙ وزيراعظم پنھنجي اقتدار جي ختم ٿين تائين بي خبر رھندو آھي.وزيراعظم نوازشريف آخري وقت تائين ُپراميد ھو تھ سندس اقتدار برقرار رھندو.پر عدالت ھن کي نااھل قرار ڏئي ڇڏيو، ھو عھدو برقرار رکي نھ سگھيو.عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ منظور ٿي وئي جنھن جي ھن کي اميد نھ ھئي.ھو وزيراعظم جي عھدي تان ھٽي ويو ۽ ھن کي فوري طور تي وزيراعظم ھائوس خالي ڪرڻو پيو.موجوده وزيراعظم پڻ انھيءَ اميد سان آھي تھ ھن جي حڪومت کي ڪو خطرو نھ آھي.پر ھو چئي ٿو تھ کيس وسوسو نامعلوم خوف)آھي.
سياسي استحڪام جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ حڪومت وچ ۾ جاري ڳالھين جو نتيجو نڪرندي نظر نھ پيو اچي.پر ڳالھين جي ڪاميابي يا ناڪامي جي صورت ۾ ھاڻوڪي حڪومت جو خاتمو ٿي سگھي ٿو.ان جو ھڪ وڏو سبب ھي آھي تھ موجوده حڪومت جي تسلسل جي صورت ۾ عدم استحڪام ختم ٿيڻ ممڪن نھ آھي ۽ حڪومت کي عالمي سطح تي جائز سمجھيو نھ پيو وڃي.عالمي سطح تي پاڪستان تي جمھوريت ۽ انساني حقن جي طئي ٿيل اصولن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڏنو پيو وڃي.جيڪو نئين شفاف چونڊن کانسواءِ ممڪن نھ آھي.اھي ئي سبب آھن جنھن ڪري ھڪ عبوري حڪومت قائم ٿي سگھي ٿي.ان صورت ۾ نئون وزيراعظم ايندو، ملڪ ۾ڪافي وقت کان ھڪ قومي حڪومت يا عبوري حڪومت جو تصور ڪجهه تجزئي ڪندڙ پيش ڪري چڪا آھن.ھڪڙو خيال ھي بھ آھي تھ پردي جي پٺيان ھڪ مستقل سياسي ڍانچو ھميشھ تيار رھندو آھي، تھ جئين حڪومت جي ھنگامي خاتمي جي صورت ۾ متبادل ڍانچو سامھون آندو وڃي.
پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه ھفتن کان غيريقيني واري ڪيفيت ۾گھڻي شدت پئدا ٿي وئي آھي.خاص طور تي 25 نومبر تي اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي احتجاج تي فائرنگ کانپوءِ عالمي سطح تي حڪومت ڪجي مٿان شديد دٻاءَ آھي.آمريڪي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي عھدي تي ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان جي ھاڻوڪي حڪومت جي آمريڪي حمايت جي ختم ٿيڻ جا آثار پئدا ٿي ويا آھن.عوامي سطح تي پڻ حڪومت مسلسل پنھنجي حمايت وڃائي رھي آھي.طاقتور حلقن کي احساس ٿي رھيو ھو تھ اٺ فيبروي جي ڌانڌلي وارين چونڊن سان وجود ۾ ايندڙ حڪومت مصنوعي حڪومت جي ناقص حڪمراني کي ڊيگھھ ڏيڻ خطري کان خالي نھ ھوندو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان جيل ۾ رھي ڪري ڏينھون ڏينھن طاقتور ٿي رھيو آھي، اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني ھڪ انٽرويو ۾ چيو ھو تھ ڇھن فوٽن جي قد واري عمران خان کي مسلسل قيد ۾ رکي ڪري ان جو قد ويھھ فوٽ ڪيو ويو آھي ۽ ھاڻوڪي حڪومت جو برقرار رھڻ ممڪن نھ آھي.مسلم ليگ ن جي حڪومت جي زوال جا آثار ڏسي ڪري پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پڻ پنھنجو رستو جدا ڪرڻ جي تياري ڪري رھيون آھن ۽ سمورن مسئلن جي ذميواري مسلم ليگ ن کي قرار ڏئي ڪري پاڻ کي الزامن کان بچائڻ چاھين ٿيون.عوام کي اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي تھ ناقص حڪمراني جي ذميوار صرف ۽ صرف مسلم ليگ ن آھي.پيپلزپارٽي کي عرصي کان شڪايت آھي تھ پارٽي جي پنجاب ۾ سرگرمين جي رستي ۾ مسلم ليگ ن مسلسل رڪاوٽ بڻجي رھي آھي، ان کي ھڪ ٻي شڪايت ھي بھ آھي تھ وفاقي حڪومت سنڌ کي ان جو جائز حق نھ ٿي ڏيڻ چاھي. ايم ڪيو ايم کي پڻ مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي کان شڪايت آھي.
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ حڪومت جي ڳالھين جي پٺيان ھڪ ٻي ڪھاڻي ٿي سگھي ٿي.ائين لڳي ٿو تھ حڪومت ڪنھن دٻاءَ يا مجبوري ۾ ڳالھيون ڪرڻ تي راضي ٿي آھي.پاڪستان تحريڪ انصاف قومي ۽ عالمي سطح تي دٻاءَ وڌائي ڪري ڳالھين تي حاوي آھي ۽ حڪومت جي گرفت ڪمزور ٿي رھي آھي،عبوري حڪومت جي قائم ٿيڻ جي صورت ۾ وزيراعظم جي لاءِ مشاھد حسين، شاھد خاقان عباسي، محمد علي دراني يا ڪنھن غيرسياسي مشھور شخصيت جو نالوسامھون اچي سگھي ٿو.موجوده حڪمران پنھنجو اقتدار بچائڻ جي لاءِ عجيب غريب حرڪتون ڪري رھيا آھن.جنھن سان ھنن خلاف نفرت وڌي رھي آھي.ان ۾ ھڪ معاملو پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو مختلف تعليمي ادارن جو دورو آھي.جنھن تي ھر ھنڌ تنقيد ٿي رھي آھي.مختلف صحافين پنھنجي تحقيقي رپورٽ ۾ ٻڌايو آھي تھ مريم نواز جو اھو بيان غلط ھو تھ جڏھن اھا فيصل آباد جي لاءِ پرواز ڪرڻ واري ھئي تھ ڌنڌ جي ڪري موسم سازگار نھ ھئي. لاڳاپيل عملي جي انڪار باوجود خطرو کڻي ھو شاگردن سان ملڻ لاءِ پھتي ھئي. ھڪ ٻي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو تھ موسم پرواز جي لاءِ سازگار ھئي.جڏھن تھ خراب موسم ۾ سفري پابندي جي ڀڃڪڙي بھ قانون ٽوڙڻ جي برابر آھي. پنجاب جي وڏي وزير جو ھڪ شھر ۾ گھڻن ئي تعليمي ادارن مان ڪنھن ھڪ جي چونڊ ڪري دورو ڪرڻ جو عمل ٻين تعليمي ادارن جي شاگردن ۾ سٺا جذبا ڪئين پئدا ڪري سگھي ٿو.جنھن ھنڌان وڏي وزير جي سواري گذري ٿي اتان رستو بند ڪيو وڃي ٿو.عوامي حمايت کان محروم ھئڻ جي ڪري اتي موجود ماڻھن ۾ سٺا تاثرات پئدا نٿا ٿين.
عوام جي حمايت لاءِ مھانگائي جي خاتمي، برآمدات کي هٿي ڏيڻ، ٽيڪسن ۾ گھٽتائي،امن امان قائم ڪرڻ، صنعت و واپار کي وڌائڻ جھڙن قدمن جي ضرورت آھي.جنھن سان نوجوانن کي ملازمت ۽ ڪاروبار جا موقعا فراھم ڪيا وڃن.سياسي استحڪام ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي کانسواءِ اھي قدم ممڪن نھ آھن.
حڪومت جي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو عمران خان جي مستقبل جو فيصلو آھي.ھن کي آزاد نھ ڪرڻ جي صورت ۾ ٻاھريون دٻاءَ وڌندو رھندو. حڪومت جي ڪوشش آھي تھ ھن سان ڪو معاھدو ٿي وڃي ۽ عمران خان جمھوريت جي بحالي ۽ عدليھ جي آزادي جي لاءِ دٻاءَ وجھڻ کان پوئتي ھٽي وڃي ۽ سخت موقف اختيار نھ ڪري، ڪجهه صحافين عمران خان جي ھڪ ٻي گفتگو رپورٽ ڪئي آھي.جنھن ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ عمران خان ڪن ماڻھن سان ڳالھائيندي ڦاھي گھاٽ ڏانھن اشارو ڪندي چيو تھ مان روز ان پاسي ڏسان ٿو.ان کان اڳيان ڪجهه بھ نھ آھي.خدا جي مرضي کانسواءِ اوڏانھن نٿو وڃي سگھان.جيڪڏھن خدا جي مرضي ھوندي تھ ان کي ڪو روڪي نٿو سگھي.ھر طرح سان مان تيار آھيان.مونکي ناجائز دٻاءِ سان ڪجهه حاصل نھ ٿيندو. اھو ان رپورٽ جو حاصل مطلب آھي.جيڪڏھن اھو درست آھي تھ عمران خان جي ان موقف کانپوءَ ڪنھن سمجھوتي جي اميد گھٽ آھي.اندورني ۽ ٻاھرين دٻاءَ سان سياسي ۽ معاشي بحران ۾ اضافو ٿي رھيو آھي.ملڪ جون فيصلو ڪندڙ قوتن ۽ سياسي اڳواڻن کي ڪنھن طوفان جي اچڻ کان اڳ جلدي ئي ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو.