ڊونلڊ ٽرمپ جو اقتدار ۽ پاڪستان ڏانھن رويو

دنيا جي سپر پاور آمريڪا جي صدر طور ڊونلڊ ٽرمپ ٻيو ڀيرو اقتدار سنڀالي ورتو آھي. ھڪ سپر پاور ھجڻ ڪري، ان جون پاليسيون سموري دنيا تي اثر انداز ٿينديون.ان ڪري ھر ملڪ ان کي پنھنجي ملڪي مفادن جي نسبت سان ڏسي رھيو آھي.اڪثر مبصرن جو چوڻ آھي تھ ٽرمپ بابت اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو آھي.ھو ڪو بھ اھڙو ڪم ڪري سگھي ٿو، جنھن جي توقع نھ ھجي.ڏکڻ ايشيا جي حوالي سان پاڪستان جي ڪنھن خاص حوالي سان آمريڪا کي ضرورت نھ رھي آھي، ان ڪري پاڪستان آمريڪا جي حڪمرانن جي ايجنڊا ۾ ھيٺ نظر اچي رھيو آھي.

مدو ختم ڪندڙ آمريڪا جو  صدر جوبائيڊن جو دور بھ پاڪستان جي حوالي سان ڪو خاص نھ رھيو ھو. پر ماھر توڻي پاڪستان جا ماڻھو ماضي ۾ صدر ٽرمپ جي دور ۾ پاڪستان بابت ڏنل راءِ ۽ تبصري کي وساري نھ سگھيا آھن.جنھن ۾ ٽرمپ چيو ھوتھ آمريڪا گذريل 15 سالن ۾ پاڪستان کي 33 ارب ڊالر جي امداد ڏئي بيوقوفي ڪئي آهي، ۽ انهن (پاڪستان) اسان کي بدلي ۾ ڪوڙ ۽ ٺڳي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي.ھن اھو بھ چيو ھو تھ اھي (پاڪستان) دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون ڏين ٿا، جن کي اسين افغانستان ۾ شڪار ڪري رهيا آهيون. ڊونلڊ ٽرمپ 2018 جي شروع ۾ اھو سڀ پاڪستان بابت سوشل ميڊيا تي لکيو ھو.پر 2019 ۾ وائيٽ هائوس ۾ پاڪستان جي ان وقت جي وزيراعظم عمران خان سان سٺي نموني مليو ھو ۽ ھن کي پنهنجو ‘سٺو دوست’ به سڏيو ھو.

جو بائيڊن پاڪستاني اڳواڻ سان  ڪو رابطو نھ رکيو ھو.سندس پرڏيھي وزير اينٿوني بلنڪن  بھ پاڪستان ڏانھن ڪو ڌيان نھ ڏنو.بھرحال ھن جي آخري وقت ۾ وچ اوڀر جنگ دوران آمريڪا پاران پاڪستان جي ڊگهي فاصلي واري بيلسٽڪ ميزائل سسٽم تي سخت بيان آيا.بي بي سي سان ڳالھائيندي مليحا لوڌي دعويٰ ڪئي ته ”پاڪستان صدر ٽرمپ جي پرڏيهي پاليسي جي  اوليت  ۾ شامل نه هوندو“ لڳي ٿو ته افغانستان مان آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جي واپسي کان پوءِ آمريڪي انتظاميا جي نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ پڻ دلچسپي گهٽجي وئي آهي.گذريل چئن سالن ۾ ٻنهي ۾ ڪو  اعليٰ سطحي رابطو نه ٿيو آهي.”  ھن جو اھو بھ چوڻ آھي تھ "افغانستان ۾ جنگ جي خاتمي ۽ اتي طالبان جي  اقتدار ۾ اچڻ کان  وٺي پاڪستان سان لاڳاپا آمريڪا جي اوليت ۾ نه رهيا آهن، ۽ ساڳي  پاليسي ايندڙ ٽرمپ انتظاميا ۾ جاري رهندي.”

پاڪستان جي حوالي سان ھڪ بحث ھي آھي تھ  صدر ٽرمپ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي قيد ۽ سزا گهٽائڻ يا کيس آزاد ڪرڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهندو. يا نھ ؟ پاڪستان تحريڪ انصاف کي صدر ٽرمپ  مان اھڙي اميد توقع کان بھ ڪجھھ وڌيڪ آھي. آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني ان حوالي سان بي بي سي جي سوال جو جواب ڏيندي  چيو تھ اھو پاڪستان تحريڪ انصاف جو (گمان) آھي.پر ان حوالي سان تاحال اھڙو ڪو بھ اشارو نھ مليو آھي.فرض ڪيل ڳالھيون آھن. ھن اھو بھ چيو تھ ذوالفقار علي ڀٽو بابت تڏھوڪي صدر جمي ڪارٽر بيان ڏنو ھو پر ان ھوندي ضياءَ اھو ئي ڪيو جيڪو ھن کي ڪرڻو ھو.پر جيڪڏهن ٽرمپ واقعي پاڪستان تي ڪجهه دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿو ته هو اصل ۾ ڇا ڪري سگهي ٿو؟

اڳوڻي سفير حسين حقاني جواب ۾ چيو ته جڏهن جمي ڪارٽر ڀٽو جي ڦاھي  جي مخالفت ڪئي هئي، ته ان وقت آمريڪا جو ڪو به دٻاءُ نه هو، جهڙوڪ ڪو امدادي پيڪيج جيڪو هو منسوخ ڪري سگهي ٿو، ڪا به پابندي نه هئي جيڪا پاڪستان تي لاڳو ڪري سگهجي ها.ھن جو چوڻ ھو تھ 2007 ۾ بينظير ڀٽو جي پاڪستان واپسي وقت آمريڪا کي پاڪستان تي اھا برتري حاصل هئي تھ پاڪستان کي ساليانو ڏيڍ کان ٻه ارب ڊالر امداد ڏني ويندي ھئي، جيڪا ان وقت ملڪي معيشت ۽ مشرف حڪومت کي برقرار رکڻ لاءِ ضروري ھئي. تنهنڪري اهو ممڪن ٿيو. بهرحال، ان وقت آمريڪا طرفان پاڪستان تي ڪو به دٻاءُ  ناهي. وڌ ۾ وڌ  اھو ٿي سگهي ٿو ته صدر ٽرمپ اھو چئي تھ ھو آءِ ايم ايف ۾ آمريڪا جو ووٽ پاڪستان جي خلاف استعمال ڪندو. جيتوڻيڪ تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو صدر ٽرمپ آهي، اهو ممڪن آهي ته هو اهڙي ڳالهه ڪري وجھي.باقي  مون کي ان ۾ اهڙو ڪو به ڪردار نظر نٿو اچي.

پاڪستان جي حوالي سان ھڪ بحث ھي آھي تھ  صدر ٽرمپ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي قيد ۽ سزا گهٽائڻ يا کيس آزاد ڪرڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهندو. يا نھ ؟ پاڪستان تحريڪ انصاف کي صدر ٽرمپ  مان اھڙي اميد توقع کان بھ ڪجھھ وڌيڪ آھي. آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني ان حوالي سان بي بي سي جي سوال جو جواب ڏيندي  چيو تھ اھو پاڪستان تحريڪ انصاف جو (گمان) آھي.پر ان حوالي سان تاحال اھڙو ڪو بھ اشارو نھ مليو آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.