موسمياتي تبديلي متوازن ماحولياتي نظام ۾ وڏو بگاڙي پئدا ڪري ڇڏيو آھي.جنھن جو اثر ھاڻي ظاھر ٿي رھيو آھي.ان سان سڀ کان پھريون اثر اھو ٿيندو تھ انسان واري ترقي جي رفتار گھٽجي ويندي.ٻيو اثر انساني وسيلن جو انسان جي ھٿ وس مان نڪرڻ ھوندو.ٿوري ئي وقت ۾ دنيا ۾پاڻي، صاف ھوا، ۽ زمين جي کوٽ پئدا ٿي ويندي.ان جي ٻين منفي اثرن ۾ ھڪ سھي نھ سگھڻ جھڙي گرمي، سامونڊي طوفان، برسات جو وڌيڪ پوڻ، ٻوڏون اچڻ ۽ ڏڪار جو منھن ڪڍڻ بھ شامل آھي.سموري ڪائنات ۾ سمورن اسانن جي لاءِ رھڻ جوڳي واحد ڌرتيءَ هاڻي اسان جي وسيلن جي استعمال کي برقرار رکڻ جي قابل نھ رھندي.جنھن جو نتيجو اھو نڪرندو تھ آبهوا زندگيءَ لاءِ سوڙھ پئدا ڪندي،جنھن سان سماجي ڍانچا ڊھڻ شروع ٿيندا، موسمياتي بحران صرف هڪ مسئلو ناهي جنهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر انسان قدرتي جي وسيلن جي جنھن بي رحمي سان ڀيل ڪئي آھي، ان جي سزا نھ رڳو ڪنھن ھڪ ماڻھو ڪنھن ھڪ قوم پر سموري انسان ذات کي ملڻي آھي.
سال 2024 جي اونهاري ۾ گرميءَ جي لهرن ڏکڻ ايشيا ۾ هزارين ماڻهن کي موت جي ننڊ سمھاري ڇڏيو آھي.پاڪستان ۾ پڻ موسمن جي انھن منفي اثرن کي ڏسي سگھجي ٿو. وقت گذرڻ سان گڏ اھو مسئلو جيترو سنگين ٿيندو پيو وڃي ان ڏانھن گھربل ڌيان ڏيڻ جي ڪا بھ زحمت نھ پئي ڪئي وڃي. زهريلي هوائي گندلاڻ (پنجاب ۾ سموگ) ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ زندگي کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي.
پاڪستان ۾ موسمياتي بحران خراب حڪمراني جي ڪري وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي. 2022 ۾ تاريخي ٻوڏ لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو، ملڪ جي شھري آبادي گاڏين جي خارج ٿيندڙ دونهين ۽ ڳري ٽرئفڪ سبب پريشان آهي، وڏن شھرن ۾ ٽريفڪ جو دٻاءَ وڌي رھيو آھي.ٻھراڙين جي جوڙجڪ اھڙي آھي جيڪي موسممن جي بي رحمي جي سٽ سھي نھ سگھندا.پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي موسمياتي تبديلي اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڏنا آهن، وڌندڙ آبادي، بي هنگم تعميرات، پلاسٽڪ جو بي رحمي سان استعمال، ٻيلن جي بي دردي سان واڍي، سمنڊ ۾ بنا ٽريٽمينٽ جي ڪني پاڻي جو ڇوڙ توڙي صحت لاءِ هاڃيڪار ٻارڻ جو استعمال،گاڏين جو دونهون ۽ ٻين اهڙن عنصرن ملي ڪري ماحول کي تمام گهڻو گدلو ڪري ڇڏيو آهي.
دنيا جي ماهرن ۽ سائنسدانن تھ اڳي ئي دنيا کي خبردار ڪيو آھي پر ان طرف امير ملڪ ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نھ آھن، جيئن تھ ھن عالمي مسئلي کي گڏيل طور ئي منھن ڏئي سگھجي ٿو، پر ان ھوندي بھ ھر ملڪ ۽ ان جي حڪومت ايندڙ اھڙي ھنگامي صورتحال کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ماڻھن کي سجاڳي، سکيا ۽ تربيت ڏئي ڪري امڪاني نقصان کي گھٽائڻ جي تياري ڪري سگھي ٿي.وڏن ملڪن جي هٺ ڌرمي ۽انهن پاران گهربل فنڊ فراهم نه ڪرڻ جي ڪري اهي مسئلا خوش اسلوبي سان حل نه پيا ٿين.ماحوليات جي حوالي سان دنيا ۾ اهو محسوس ڪيو پيو پيو وڃي ته هن ماحول کي ٻئي ڪنهن نه پر خود انسان جي چُرپُر مان ئي خطرو آهي.جنهن ڪري دنيا کي ان خطري مان صرف ان صورت ۾ ئي بچائي سگهبو جڏهن انسان شعوري طور تي جهنگلي جيوت، نباتات ۽ حيوانات، ماحولياتي نظام جو خيال ڪندو۽ ان جي محتاط ۽ جٽادار استعمال ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو.
پاڪستان جھڙي اسرندڙ ملڪن لاءِ ڌرتيءَ جي موسمي تبديلين خطري جي بيمارين جي پکڙجڻ، خوراڪ جي کوٽ، پاڻي جي قلت، غربت ۽ انساني حقن جي ٻين ڀڃڪڙين سميت، ملڪ لاءِ سخت سلامتي ۽ وجودي خطرن کي جنم ڏنو آھي. تبديليءَ واري موسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ حڪومت جي ناڪامي جو اصل سبب پڻ پائيدار ترقي وارو رستو اختيار نه ڪرڻ ۽ ناڻي جو کوٽ ئي آهي.ان سان گڏ انهن مسئلن کي هن ملڪ ۾ گهڻي اهميت پڻ نٿي ڏني وڃي، جنهن ڪري موسمي جي پيدا ٿيندڙ مسئلن بابت ڪا جوڳي حڪمت عملي پڻ نٿي جوڙي وڃي.ننڍي کنڊ ۾نه رڳو پاڪستان پر هندستان جي لاءِ پڻ ماحوليات جا خطرا موجود آهن پر پاڪستان ۾ عام طور تي قانون تي عمل گهٽ ٿئي ٿو جنهن ڪري ملڪ ۾ موجود قدرتيءَ وسيلا تيزي سان تباهه ٿي رهيا آهن.هڪڙي لحاظ سان هن ملڪ ۾ وسيلن جي ڪا کوٽ نه آهي، پر انهن کي بچائڻ جي لاءِ شروع کان ئي ڪا ڪوشش نه ورتي وئي ته ٻئي پاسي اهڙي منظم شعور جي پڻ گهٽتائي رهي آهي.
جبلن جا وڏا سلسلا، برفاني ڇپون، قدرتي درياهه، سامونڊي ڪنارا، بهترين ٻيلا، مٺي پاڻي جون وڏين ڍنڍون، وڏيون ۽ وسيع واديون، چشما ۽ ريگستان سڀ ھن ملڪ ۾ آھن. قدرتي وسلين سان مالا مال هن ملڪ ۾ ان حساب سان ڪمي نه آهي. اصل معاملو انهن کي بچائڻ ۽ انهن جو پائيدار استعمال آهي.هر حڪومت چوندي آهي ته اها ماحول جي لاءِ ڪم ڪندي پر سياست، معيشت ۽ آئيني مونجھارن ۾ ڦاٿل ھئڻ سان ان شعبي ڏانھن گھربل ڌيان نھ ھئڻ ڪري مسئلا حل نٿا ٿين.ڪنھن بھ حڪومت وٽ ماحول ڪڏهن به ايجنڊا تي نه رهيو آهي. ڪي معاملا ته ايترا معمولي آهن جي ان طرف ڏيان ڏئي ۽ عوام کي ترغيب ئي بھ نتيجو حاصل ڪري سگھجي ٿو. ھن وقت موسمياتي خطرا جنھن حساب سان پکڙجي رھيا آھن، ان جي لاءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي ماحوليات کي نصاب جو حصو بڻائي ڪري ان بابت شروع کان ئي شعور ڏنو وڃي. ان بعد ان مھارت جي ڪورس بھ ڪرايا وڃن.تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي ھن اھم معاملي ۾ شامل ڪيو وڃي.
عالمي سطح تي هلندڙ مهم جو حصو بڻجندي پاڪستان خاص ڪري سنڌ سرڪار کي فوري طور تي ماحوليات کي سيڪنڊري سطح کان نصاب جو حصو بڻايو وڃي جيئن بروقت هن اهم مسئلي بابت شعور جنم وٺي سگهي، ان سان اسين مستقبل کي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن کي موسمين جي تبديلي واري خطري کان بچائي سگهون ٿا.حڪومت کي ھڪڙو ٻيو اھم ڪم ماحوليات بابت قانون ۽ ان جي لاءِ جدا عدالتون بھ قائم ڪرڻ گھرجن، جئين روز روز ماحوليات جي قانون جي ٿيندڙ ڀڃڪڙي کي روڪڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻي سگھجن.