دنيا جي هر قوم وٽ پنهنجا سونهان، رهبر، صحيح دڳ ڏسيندڙ عظيم انسان آهن، هر دور اهڙن انسانن کي پيدا ڪيو آهي جن پنهنجن معاشرن کي خوشحالي ۽ آسودگيءَ جي آڪسيجن ڏئي سدا حيات رکيو. انهن پنهنجي سماجن جي حالتن کي تبديل ڪري اتان جي ماڻهن جي ذهنن کي ڌوئي اجرو ڪرڻ سان گڏوگڏ اهڙا رستا، پيچرڏيکاريا جن تي هلڻ سان سمجهه ۽ ڏاهپ ۾ واڌارو ٿيو.اهڙن ماڻهن وقت جي وشال رستن تي پنهنجي ڪارنامن، مثبت ڪمن ۽ بي لوث جدوجهدن جا اهڙا ته اهڃاڻ ڇڏيا آهن جيڪي ڪڏهن به مٽجي نٿا سگهجن. اڄ رسول بخش پليجي جي ڄمڻ جو ڏينهن آهي، اڄوڪو ڏينهن ان ڪري به ڀاڳوند آهي جو هن ڏينهن تي سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني ٺٽي ضلعي جي پسمانده علائقي ۾ اهڙو گل پيدا ٿيو جنهن جي سرهاڻ سان وطن جا ويڙها سرها بڻجي ويا.
هو انهن سياسي اڳواڻن مان هرگز ڪونه هيو، جيڪي فقط سياستدان ئي رهجي ويندا آهن، هڪ سياسي اڳواڻ جي خوبين ۽ لياقتن تي پورو لهندڙن مان رسول بخش پليجو پڻ هڪ آهي. سندس شاندار ڪمن ۾ هي ڪم به شامل آهي ته هن ماڻهو لطيف تي تمام زبردست ڪم ڪيو، لطيف جي ڪردارن جي عوام اڳيان جهڙي انداز سان هن سڃاڻپ ڪرائي ان جهڙي ٻئي ڪنهن نه ڪرائي، هو سنڌ جي سڀني ڇيڙن جي هر ننڍي وڏي شهر ۽ ڳوٺ ۾ وڃي جشن لطيف جا نرالا جلسا ڪرايا ۽ لطيف تي ليڪچر ڏنا، انهن جلسن ۽ ليڪچرن جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جو هاري، مزدور، پورهيت، شاگرد، عورت ۽ ننڍو ٻار لطيف جي فڪر کان چڱي طرح واقف ٿيو، ۽ هو لطيف جي انقلابي ۽ عوامي شاعري تي مدلل ڊگها ڊگها بحث ڪرڻ لڳو جيڪا ڳالهه غير رواجي ۽ نراليت سان ڀرپور هئي.
رسول بخش پليجي جون ادب جي ميدان ۾ به وڏيون خدمتون رهيون آهن، تحريڪ جهڙو رسالو شائع ڪرائي جهر جهنگ پهچائڻ واري ڪم کي جڏهن ڏسجي ٿو ته دنگ ئي رهجي وڃجي ٿو، اسان جڏهن تحريڪ رسالي جا پراڻا پرچا پڙهو ٿا ته اهو پتو پئجي وڃي ٿو ته تحريڪ رسالو ڪيئن نه ڏکين ۽ ڪٺن گهڙين ۾ وطن جي دانهن کي ورنائي تاريخ تي اڻ مٽ نقش ۽ عڪس ڇڏي ويو.
رسول بخش پليجي تحرير ۽ تقرير جي وسيلي ظلم، ڏاڍ ۽ ناحق جي ڪوٽن ۽ قلعن ۾ ڏار وڌا، سندس لکڻيون عوام ۽ قوم جي لاءِ وڏي ڍال ۽ ڏڍ بڻيون، ساڳئي طرح هن جون لکڻيون وطن جي ويرين مٿان وڄ وانگي ڪريون. رسول بخش پليجو سياسي مدبر، قانوني ماهر، اديب، نقاد، شاعر، صحافي ۽ موسيقي جو ڄاڻو هيو. هن سنڌ اندر سنڌياڻي تحريڪ جو بنياد وجهي سنڌي عورتن کي پنهنجا حق ڏياريا ۽ انهن کي پنهنجي حقن بابت ڄاڻ ڏني، هن شاگرد تحريڪ شروع ڪئي ته جيئن شاگردن کي سياست بابت خبر پوي ۽ سياست کي سمجهي سگهن، هن صحافت ۾ به پاڻ ملهايو. هن پنهنجي علم، عمل، عقل، ڪم ۽ ڪردار جي وڏي ڇاپ ڇڏي، هن مظلومن جي حقن جي ڳالهه ڪئي ته کيس وڏين تڪليفن مان گذرڻو پيو، ڏکين حالتن ۾ رهي به هن ديس جي اٻوجهن ۽ محڪوم لوڪ جي حقن لاءِ آواز بلند ڪيو.
رسول بخش پليجي جي نظريي جو ڪمال اهو به آهي جو هن هيٺين طبقي کي اڳتي آڻي ان کان سياست جي اڳواڻي ڪرائي، ان ڳالهه جو نتيجو اهو نڪتو جو عام ماڻهو جيڪو سياست کان ڪوهين ڏور پري هيو، جيڪو ذاتي زندگي جي دٻڻ ۾ ڳچي تائين غرق ٿيل هيو، جنهن کي پنهنجي حقن جي به ڪائي خبر چار ڪونن هئي، اهڙي طبقي کي هن سياست جي سيج تي ويهاري کيس قابل بنايو.