عمرڪوٽ/جهڏو (ڊر+پ ر) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ جهڏو نيو بائي پاس کان ٽائون ڪميٽي آفيس جهڏو تائين هڪ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري اسٽيشن روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. پيادل مارچ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن سميت ھارين آبادگارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،واضع ڪر اعلان ڪئنال کپئي يا پاڪستان،سنڌ جي زمينن تي قبضا بند ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو جي زبردست نعريبازي ڪئي وئي،ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار،عوامي تحريڪ ضلعي ميرپورخاص جي جنرل سيڪريٽري اياز کوسو، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو،ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي،سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ زبيده ڪلوئي،نور بانو کوسو،پاري ڪولهي،عظمت ڪلوئي، ڪلثوم رند،عوامي تحريڪ تعلقي صدر ممتاز جوڻيجو،طالب جروار ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون غير ملڪي ڪمپنين ۽ وفاق حوالي ڪيون پيون وڃن. ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي جي نالي ۾ ملڪ کي مڪمل طور عالمي سامراجي قوتن جي حوالي ڪيو پيو وڃي، سنڌي ماڻهن کان ڌرتي ۽ سنڌو درياهه ڦري فلسطينين جيان پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪيو پيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ملڪ لاءِ قاتل زهر آهن. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياهه مان ڇھ نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌ جي عوام لاءِ موت جو پروانو آھي. پاڪستان جي وفاقي حڪومت سنڌو درياءَ تي طاقت ۽ ڏنڊي جي زور تي قبضو ڪري گريٽر پنجاب جو خواب پورو ڪرڻ چاھي ٿي، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي صدر آصف علي زرداري ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سمورا اختيار ھڪڙي صوبي پنجاب جي حوالي ڪري ڇڏيا آھن،هوڏانهن ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا گرين پاڪستان جي نالي سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ڇھ ڪئنالن خلاف عمرڪوٽ عوامي تحريڪ طرفان بک هڙتال ۽ ٿر ايڪشن ڪميٽي پاران ٿر بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي،جنھن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، اديب ۽ دانشور ميرحسن آريسر، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ڊويزنل صدر روشن منگريو، شاعر حاجي ساند، گل بجيرعوامي تحريڪ ضعلي عمرڪوٽ جي صدر ھريش مالھي ۽ ٿر ايڪشن ڪاميٽي جو صدر خالق سمون ۽ متاثر ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي،اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبا. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان منصوبن تحت سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، پيپلز پارٽي سرڪار جنرل ايوب جيان سنڌ جون زمينون نيلام ڪري رهي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ون يونٽ کان وڌيڪ خطرناڪ مارشل لا مڙهي ڇڏي آهي. عمرڪوٽ ضلعي جي 14 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏني وئي آهي، ساڳي ڪمپني کي ضلعي جي هڪ لک نوي هزار ايڪڙ وڌيڪ زمين ڏيڻ جون به رپورٽون اچي رهيون آهن، ٿر جي ڳوٺاڻي عبدالخالق سمون چيو ته اسان جا اڀا ڏاڏا پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جا رھواسي آهن انهن زمينن ته ٿر جي مارو ماڻهن جو حق آهي انهن کي ڏنيون وڃن روشن مڱريو چيو ته عمرڪوٽ ضعلي جي چوڏاھن ھزار زمين جو فيصلو ايوان صدر ۾ ٿيو آهي جنهن کي اسين ڪنهن به صورت قبول نٿا ڪيون ھتان جا چونڊيل نمائندا پنهنجي علائقي جو آواز اسيمبلين ۾ ڇو نٿا اٿارين