واشنگٽن(م ڊ) پاڪستان جي اندروني سياست جا رنگ هاڻي واشنگٽن جي روڊن رستن تي نظر اچي رهيا آهن. پي ٽي آءِ آمريڪا جي حمايتين جي احتجاجي مهم جي جواب ۾ واشنگٽن ۾ عمران خان خلاف مهم شروع ڪئي وئي آهي. ڊجيٽل پوسٽر کڻندڙ ٽرڪون پي ٽي آءِ مخالف مهم دوران واشنگٽن جي گهٽين ۾ گشت ڪندي نظر اچي رهيون آهن. انهن ڊجيٽل پوسٽرن تي طالبان ۽ اسامه بن لادن جي حق ۾ عمران خان جا مختلف بيان لکيل آهن.