دنيا جديديت تائين ڪيئن پھتي. II

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

سائنسي انقلاب جي واڌارن سان گڏ، سرمائيداري نظام جي ايجاد، عالمي جي ڊي پي ۾ واڌاري جو سبب هو.

سائنسي انقلاب ( 1600-1500ع)  ۽ روشن خيالي

سائنسي انقلاب، نشاط ثانيه جي زماني جي تبديلي ۽ مذهبي اصلاح پسند جي تحريڪ جو هڪ اهم ڦھلاءُ هو. هي عنصر، سائنسي طريقي جي پيدائش ڏانھن وٺي ويا، جنھن کي فرانسس بيڪن مرتب ڪيو. هن طريقي انسان ذات جي هن دنيا متعلق سمجهاڻيءَ کي وڌيڪ بھتر بڻايو ۽ اهڙيون ڪسوٽيون ٺاهيون جن سان سائنسي دريافتن جي جاچ پڙتال ڪري سگهجي. هن طريقي اهڙيون ڪيئي دريافتون متعارف ڪرايون جن زندگيءَ جي معيار کي وڌائي ڇڏيو. سائنسي طريقي جو پايو وجهندڙ 1600ع ۾ فرانسس بيڪن هو، جيتوڻيڪ علم فلڪيات ۾ ڪافي اهم واڌارا، خاص طور تي ڪاپرنيڪس ۽ گليليو جا ڪم ان کان پھريان 1500ع ۾ ٿي چڪا هئا. ان کان علاوه علم بدن (Anatomy)، علم رياضي، علم طبعيات (نيوٽن جا حرڪت جا قانون) ۾ ڪيل دريافتن، يورپين ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو. يورپين حڪومتن هن تحقيق جي مدد ڪرڻ ۽ ان جي سرپرستي ڪرڻ شروع ڪئي، جيئن برطانيا ۾ رائل سوسائٽي جو قيام 1660ع ۾ وڌو ويو.

روشن خيالي 1700 – 1600 (Enlightment) ۾ يورپ جي اڀار کي ڊيڪارٽ، لاڪ، وولٽيئر، هوبس، ڊيوڊ هيوم، ڪانٽ، نيوٽن، آدم سمٿ، روسيو ۽ ٻين مفڪرن جي سوچن اڃا اڳتي وڌايو. يورپ بئنڪنگ، ناڻي ۽ مارڪيٽن ۾ اهم واڌارا ڪرڻ ۾ به نمايان ٿي ويو.

ٽي رڪاوٽون عبور ڪرڻ:

هن دنيا کي جديد بڻائڻ ۽ عالمگيريت پئدا ڪرڻ جي رستي ۾ ٽي رڪاوٽون حائل رهيون آهن.

1)) سامان جي چُرپُر:

جڏهن بحري ٻيڙن تي سامونڊي ۽ ندين جو سفر بتيلن تي ڪيو ويندو هو، ڪنھن به شيءِ کي ڪٿي به کڻي وڃڻ هڪ للڪاريندڙ ڪم هو. 1820ع تائين هيءَ رڪاوٽ رهي، پوءِ ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙين ۽ اندروني ٻرندڙ انجڻين تي هلندڙ گاڏين ۽ هوائي جھازن هن رڪاوٽ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.

پراڻي زماني ۾ ريشمي روڊ تي واپار جي سامان کي چين کان يورپ تائين کڻي وڃڻ ڪيڏو نه ڏکيو، ڍرو ۽ وقت طلب هو.

2) ) خيالن جي چُرپُر:

پراڻي زماني ۾ خيالن کي به ٻيڙن ذريعي، ماڻهن سان گڏ منتقل ڪيو ويندو هو. هي ڪم ڍرو هو، ٻڌ ڌرم 500 ق.م ڌاران هندستان ۾ ظاهر ٿيو ۽ ڏور مشرق تائين پھچڻ ۾ ان کي ٻه صديون لڳيون، قطب نما چين ۾ ايجاد ڪئي وئي ۽ 1000ع ۾ جھاز رانيءَ لاءِ استعمال ڪئي وڃڻ لڳي. هن ڄاڻ کي يورپ پھچڻ ۾ ٻه صديون لڳيون. پوءِ ٽيليفون، ٽيليگراف، ريڊيو، ٽي وي جي ايجاد ۽ 1990 کان پوءِ ڄاڻ ۽ مواصلات جي دنيا ۾ آيل انقلاب (ICT Revolution) خيالن جي چرپر ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي. هاڻي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا، دنيا کي ڳنڍي هڪ ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي. اڄ دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ ٿيندڙ ڪوبه واقعو يا خبر چند سيڪنڊن ۾ سڄي دنيا ۾ ڦھلجي وڃي ٿي.

3) ) ماڻهن جي چُرپُر:

مارڪو پولو 1271ع ۾ وينس کان چين روانو ٿيو، جنھن ۾ هن کي ٽي سال لڳي ويا. پراڻي زماني ۾ ماڻهن جي چرپر ڪرائڻ وڌيڪ خطرناڪ هئي، قتل، هنگاما، ڦرون وڏن شاهراهن ۽ سمنڊن ۾ مستقل خطرا موجود هوندا هئا.

ڄاڻ ۽ مواصلاتي ذريعن ۾ آيل انقلاب (ICT-Revolution)

ماڻهن جي چُرپر کي سولو ۽ آسان بڻائي ڇڏيو آهي، بحري جھازن، موٽرگاڏين، هوائي جھازن ۽ راڪيٽن ماڻهن جو سفر ۽ چُرپر سولي ڪري ڇڏي آهي پر انٽرنيٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي ماڻهن جي ذاتي طبعي ملاقاتن جا بھترين نعم البدل تخليق ڪري ڇڏيا آهن، جھڙوڪ:ٽيلي مائيگريشن، ٽيلي پريزنس (Telepresence) ۽ ٽيلي روبوٽڪس، هولوگرافڪس، مجازي حقيقت (Virtual Reality)، بھتر بڻايل حقيقت (Augmented Reality)، اسڪائيپ وڊيو ڪانفرنسنگ وغيره. اڄ گوگل ٽرانسليٽ آن لائين ڪم ڪندڙن لاءِ هڪ ڏينھن ۾ هڪ ارب ترجما ڪري رهيو آهي.

اڄ جديد تھذيب (Modern Civilization) هيٺين ٿنڀن تي بيٺل آهي.

1)) سيمينٽ

2)) بجلي

3)) اسٽيل

4)) پلاسٽڪ

5)) امونيا (ڀاڻ)

هنن پنجن ٿنڀن کانسواءِ جديد زندگيءَ جو تصور نه ٿو ڪري سگهجي.

اڄ بــايــو انجنيئرنگ ۽ مصنوعي ذهانت اسانجن جسمن ۽ ذهنن کي نئين سر ترتيب (Re-engineer) ڏئي سگهن ٿيون. اهي زندگيءَ جا نوان روپ تخليق ڪري سگهن ٿيون ۽ ارتقا جو آئيندي جو رستو تبديل ڪري سگهن ٿيون.

جديد تھذيب پئدا ڪرڻ ۾ ٽيڪنالاجين جو ڪردار

شڪاري ميڙيندڙ سماج: هڏن مان ٺھيل اوزار، پٿرن مان ٺھيل اوزار، باهه جي ايجاد.

زرعي سماج: هَر، ڪوڏر، فصلن ۽ جانورن کي گهريلو بڻائڻ، ڦيٿو. صنعتي سماج: ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙيون ۽ انجڻيون، فئڪٽريون، پرنٽنگ پريس.

ريلوي پٽڙيون ۽ ريل گاڏيون، ٽيليگراف، اسٽيل ۽ مشيني اوزار.

ٻيو صنعتي انقلاب: اندر ٻرندڙ انجڻ، ڪيميائي انجنيئرنگ، جھاز، بجلي، ٽيليفون، ريڊيو، ٽي وي. ٽيون صنعتي انقلاب: ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، اِي ميل، سوشل ميڊيا، آن لائين وڊيوز، موبائيل فون.چوٿون صنعتي انقلاب: مصنوعي ذهانت ۽ مشيني حياتيات.اڄ هي ٽيڪنالاجيون اسان جن ڌنڌن ۽ فارغ وقت تي غالب آهن. اهي اسان جن دماغن کي والارن ٿيون، اسان جي دنيا جي هر ڪنڊ کي والارن ٿيون، اهي اسان جي جديد زندگيءَ جي عمارت ٺاهن ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.