سنڌي ادب ۾ آنند کيماڻي هڪ تخليقي لکندڙ قبول ڪيو ويو آهي، پر سندس تنقيدي لکڻ پڻ هند جي سنڌي ادب ۾ هڪ علهدو لکڻ آهي، سندس اڪائونٽ ۾ ڪي ترتيب ۽ ترجمن جا ڪتاب به آهن جن سچ پچ پنهنجن صنفن ۾ هڪ الڳ مرتبو ماڻيو آهي، ان حوالي ۾ هو گهڻ رخو ليکڪ سمجهيو ويندو آهي ۽ سندس لکڻ کي ٻين ڪيترن اديبن، عالمن ۽ نقادن جيان مون سدائين سَنَدَي/اٿارٽي قبوليو آهي.
آنند کيماڻي صاحب ڏهن کان وڌيڪ ناولن جو خالق آهي، جيڪي هلندڙ سنڌي ادبي روايت کان عليحده آهن، سندس رچنا سنسار گهڻو ويڪرو آهي، جنهن سبب گذريل مني صديءَ ۾ هن جيڪو مقام ادب ۾ ماڻيو آهي اهو ٿورن لکندڙن کي نصيب ٿيو آهي يا ٿيندو. عمر جون ٽيانوي بهارون ماڻڻ کان پوءِ به هو پنهنجي لکڻ واري عبادت کان الڳ نه ٿيو آهي، سندس لکڻ وارو عمل لڳاتار جاري ساري آهي.
تازو ئي اسان جي دوست پرڪاش کيمچنداڻيءَ ڏانهس آيل ناميارن اديبن جي خطن جو مجموعو ترتيب ڏيئي، سنڌي ادب سان هڪ وڙ ڪيو آهي، هيءُ خط اُهي آهن جيڪي گذريل صديءَ جي آخري چئن ڏهاڪن کان وٺي نئين صديءَ جي شروعاتي ٻن ڏهاڪن تائين ڦهليل آهن. ڪتاب جو نالو آهي ”ادبي خط“.
آنند کيماڻي صاحب ڏي آيل خطن جو هيءُ پهريون ڀاڱو ڄاڻايو ويو آهي، جنهن ۾ ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ عالمن جا خط شامل آهن، اها ڳالهه الڳ آهي هنن خطن ۾ ادبي ڏي وٺ آهي، خيالن جي اهڙي اُپٽار آهي، جنهن ۾ تعريف به آهي ته تنقيد پڻ، ڪي ادبي بحث آهن ته ڪجهه ادبي سهمتيون ۽ اڻ سهمتيون پڻ آهن، پر هڪ ڳالهه چٽي آهي ته انهن خطن ۾ ڪي به ڪچهرين وارا شخصي حال احوال بنهه نه آهن، پهرين سَٽَ ۾ پرڪاش کيمچنداڻيءَ کي جيڪي خط مُيسر ٿي سگهيا آهن، اُهي هن سهيڙي ورتا آهن. سندس ڳولا جاري آهي، جنهن ۾ هو گهڻي حد تائين سڦل ويو آهي، جنهن ڪري هن ڪتاب تي پهريون ڀاڱو لکيو ويو آهي، جنهن ڳالهه اهو اطمينان جاڳايو آهي ته ٻئي ڀاڱي لاءِ پرڪاش وٽ ايترو مواد موجود آهي. جو ٻيو ڀاڱو جڙي پوي، اهڙي پڌرائي هن ڪتاب ۾ ڪئي وئي آهي.
هنن خطن ۾ اهو پاسو ظاهر ٿيو آهي، جيڪو لکت ۾ آنند کيماڻي صاحب وٽ محفوظ ٿيل آهي، اهو ڀاڱو شايد ڇاپي ۾ اچي نه سگهي، جيڪو آنند کيماڻي صاحب جو خطن جي صورت ۾ ٻين ليکڪ دوستن ڏانهن اماڻيل آهي ۽ جن ڏانهن اماڻيل آهي، اُهي عالم، اديب ۽ شاعر توڻي آنند کيماڻيءَ جا دوست گهڻي ڀاڱي هيءُ جهان ڇڏي چڪا آهن، جنهن سبب انهن خطن جو ڇاپي هيٺ اچڻ گهڻو ڏکيو ڀاسجي رهيو آهي.
دنيا جي اديبن جا ايئن سنڌي اديبن جا هڪ ٻئي ڏانهن لکيل خط جيڪي ڇپجڻ جي منشا سان نه لکيا ويا آهن اهي لکندڙن جي اندر جي سچي ۽ نجي عڪاسي ڪندڙ آهن، انهن خطن جي ڀيٽ ۾ جيڪي ڇپجڻ جي خواهش هيٺ لکيا ويا آهن، اهڙو احساس ڏيندڙ اهي خط به آهن جيڪي تازو ڪتاب ”پيارا شوڪت“ جي نالي شايع ٿيا آهن جيڪي پڻ هيٺ هند جي سنڌي اديبن شوڪت حسين شوري ڏانهن لکيا آهن ۽ سالن کان پوءِ تڏهن ڇاپي هيٺ آيا آهن، جڏهن شوڪت حسين شورو هن جهان ۾ نه رهيو آهي، نه ئي وري خط لکندڙ عالم اديب اڪثر رهيا آهن.
آنند کيماڻيءَ صاحب ڏانهن آيل خط هڪ ادبي بحثُ پڻ آهن، جيڪو بحثُ اديبن جي وچ ۾ اڪثر لکت ۾ ايندو رهيو آهي، ائين ضرور آهي ته ڪي خط غير اهم به آهن جن ۾ ڪي سٽون، ڪي پئرائون ئي اهم آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ويچارڪن، اديبن جون آهن، جن مڙني ليکڪن جا نالا ته اهم آهن ئي.
ائين هي خط هڪ ڪتاب جي صورت ۾ محفوظ ڪري پرڪاش کيمچنداڻيءَ نه صرف خطن کي محفوظ ڪيو آهي پر سچ اِهو آهي ته هن هڪ دور جي ادب ۽ ادبي ويچارن کي محفوظ ڪيو آهي، ڪتاب جو اڄوڪو پڙهندڙ ان مان گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪندو ته ان دور ۾ ڇا ويچارجي رهيو هُئو؟ ۽ ڇا لکجي رهيو هُئو؟ ڪهڙا ادبي ۽ علمي بحث هلندڙ هئا ۽ ڪهڙا ڪتاب گهڻو پڙهيا ويندا هئا ۽ آنند کيماڻي صاحب ڏانهن آيل هي خط پنهنجي دور جي ادبي تاريخ جا اکين ڏٺا شاهد آهن جن ۾ ادبي لاڙا ۽ اديبن جا رويا آسانيءَ سان ڏسي سگهجن ٿا ۽ اهي به ڪهن مصنوعيت کان آجا، ڇو ته جيئن اڳ چيل آهي ته هي خط ڇپجڻ لاءِ نه لکيا ويا هُئا، هي خط ليکڪن جي ٻطرفي ويچارن جو اظهار هُئا، پيار هُئا ۽ جهيڙا جهڳڙا به پر ادب بابت انهن ۾ شخصي اُپٽار بنهه نه آهي.
ڪتاب ”ادبي خط“ ۾ موهن ڪلپنا کان موهن همٿاڻيءَ تائين هڪ ڊگهو وستار آهي، جن جي وچ ۾ اديبن جا ٽي نسل شامل آهن، ڪتاب جي اهميت اها به آهي ته اهو ڪنهن ڊگهي تمهيدي نوٽ جي بارَ کان آجو آهي، هند جو ادب ۽ اديب ڪالهه ڪيئن هو ۽ اڄ ادب جي ڪهڙي سڃاڻ رهي اهو، سنڌ ۾ سڌي طرح نظر اچي رهيو آهي، پر هند ۾ ڇا وهي واپري رهيو هُئو هيءُ ڪتاب ٻڌائي ٿو.
سنڌي ادب جو هند ۾ مستقبل ڪو چڱو نظر نه اچي رهيو آهي، سنڌي ٻولي ڳالهائڻ تائين رهجي ويئي، تڏهن به غنيمت ليکبي، نارائڻ شيام جو گمان سچ ثابت ٿيڻ جي ويجهو آهي ته:
الا ائين نه ٿئي، جو ڪتابن ۾ پڙهجي،
ته هئي سنڌ ۽، سنڌ وارن جي ٻولي.
هڪ ٻوليءَ کي ٻه لِپيون بچائي سگهنديون اهڙي ڪا اميد ڏسڻ ۾ نه اچي رهي آهي، لکڻ وارن جو تعداد گهٽجي رهيو آهي، پڙهڻ وارن جو تعداد اڳ ئي ختم ٿي چڪو آهي، ڳالهائڻ وارن جو تعداد ته آهي ئي. اهڙي صورت ۾ هي ڪتاب ”ادبي خط“ هڪ ڪوشش آهي، سنڌي ٻوليءَ کي ڏڍُ ڏيڻ جي، بچائڻ جي ڪوشش ڪڏهوڪو مري چڪي شايد!
پرڪاش کيمچنداڻي جون نيڪ خواهشون ساراهڻ جهڙيون آهن، جنهن مان سندس ٻوليءَ لاءِ اونو ظاهر ٿي رهيو آهي، ساهت جي صورت ۾ ڇو ته نه فقط آنند کيماڻي صاحب ساهتي پرڳڻي جو آهي پر پرڪاش کيمچنداڻي پڻ ساهتي پرڳڻي جو آهي، اهو ساڳيو فخر شايد رکيل مورائي لاءِ اتساهيندڙ هجي جو هو پڻ ان پرڳڻي سان جيئڻ کان مرڻ تائين ڳنڍيل رهڻ جي تمنا سانڍيندڙ آهي ۽ بس!