پهرين جنوري تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا کي اهو مثبت پيغام ڏنو ته سندس خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن سنڌ جي دوري دوران نه رڳو هر قسم جي سهڪار جي آڇ ڪئي آهي پر پروٽوڪول سان گڏ وڏي وزير هائوس اچڻ جي دعوت به ڏني آهي۔ پهرين جنوري کان اٺين جنوري تائين”سڀ ٺيڪ آهي” جو تاثر قائم رهيو، ۽ جنهن نموني سنڌ جي وزير سعيد غني آفريدي صاحب جو استقبال ڪيو، تنهن مان سياسي حلقن ۾ عام خيال اهو پيدا ٿيو ته سمورين”غير سياسي“ رڪاوٽن جي باوجود ايندڙ وقتن ۾ انهن ٻن وڏين جماعتن وچ ۾ هڪ بهتر سياسي ورڪنگ رليشن شپ قائم ٿي سگهي ٿي، خاص طور تي مرڪز ۽ پنجاب ۾۔ پوءِ آخر اهڙو ڇا ٿيو جو اهو سڄو تاثر زائل ٿي ويو ۽ سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي ئي هوم گرائونڊ تي کٽيل بازي هارائي ويٺي؟ پر ڪهاڻي اڃا مڪمل ناهي، ڇو ته پنجاب ۾ نه هو جلسو ڪري سگهيا ۽ نه ئي ڪا ريلي، پر سنڌ جي دوري دوران اٺين جنوري کان يارهين جنوري تائين آفريدي صاحب ريلي به ڪڍي، جلسو به ڪيو ۽ ايندڙ وقتن ۾ شروع ٿيڻ واري”اسٽريٽ موومينٽ“ لاءِ ڪراچي کي به متحرڪ ڪري ڇڏيو۔ آچر واري ڏينهن کان سواءِ باقي سڀ ڪجهه”سڀ ٺيڪ رهيو“، حالتون وڌيڪ بهتر ٿي سگهن ها جيڪڏهن سنڌ حڪومت غير ضروري طور روايتي رياستي حربا استعمال نه ڪري ها۔ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته”مين اسٽريم” ميڊيا اهو سڀ ڪجهه رڳو هڪ حد تائين ئي ڏيکاري سگهيو، جنهن سبب ماڻهن سوشل ميڊيا جو رخ ڪيو، جتي هر شيءِ سڌي نشريات ۾ هلي رهي هئي۔
آخر اهڙو ڇا ٿيو جو ٺهيل ٺڪيل ڳالهه بگڙي وئي؟ ڇا سنڌ حڪومت يا وڏي وزير جي پاليسي سبب ڪجهه حلقا ناراض ٿي ويا يا پوءِ آفريدي صاحب پاران صدر آصف علي زرداري تي هلڪي طنزيه انداز ۾ ڪيل تنقيد کان پوءِ راءِ بدلجي وئي؟ جيتوڻيڪ مان ذاتي طور ان ڳالهه جو شاهد آهيان ته سهيل آفريدي اها ڳالهه انتهائي نرم انداز ۾ ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي خراجِ تحسين پيش ڪندي ڪئي هئي۔ لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي اندر به ڪجهه ماڻهن زرداري صاحب بابت اهڙي تنقيد کي پسند نه ڪيو۔ مسلم ليگ (ن) جو جيترو اسٽيڪ لاهور ۾ آهي، اوترو پيپلز پارٽي جو ڪراچي جي سياست ۾ ناهي، ۽ باقي سنڌ ۾ به تحريڪ انصاف اڃا تائين ڪا مضبوط جاءِ ٺاهي نه سگهي آهي۔ تنهن ڪري ڪراچي ۾ جيڪڏهن پي ٽي آءِ وڏو جلسو ڪري ها ته ان جو سياسي نقصان يا ته ايم ڪيو ايم کي ٿئي ها يا جماعت اسلامي کي، يا وري انهن کي، جن سان پي ٽي آءِ جا لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان خراب ٿي رهيا آهن۔ ڪراچي پاڻ به پشتو ڳالهائيندڙن جو سڀ کان وڏو شهر آهي، جتي اڪثريت جو لاڙو تحريڪ انصاف ڏانهن آهي۔ اٺ فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ به سياسي لاڙو ايم ڪيو ايم کان پي ٽي آءِ ڏانهن منتقل ٿيو، ۽ جيڪڏهن آخري مڪاني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي چونڊيل ٽائون ناظم سان”مڊنائيٽ جيڪال” جهڙي صورتحال پيدا نه ڪئي وڃي ها ته اڄ مرتضيٰ وهاب هرگز ميئر نه هجي ها۔ هاڻي اها حافظ نعيم صاحب جي بدقسمتي آهي جو هو ان وقت بس غلطيءَ سان عمران خان صاحب سان ملي آيا۔
ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي لاءِ گذريل ڪجهه سالن دوران جيڪڏهن ڪو سيٽ اپ پريشاني جو سبب بڻيو آهي ته اهو ان جو ڪڏهن جو مضبوط ڳڙهه لياري آهي، جتان شايد هاڻي ڀٽو خاندان جا فرد به آسانيءَ سان چونڊ نه کٽي سگهن۔ ان کانسواءِ پيپلز پارٽي لاءِ پي ٽي آءِ جي ريلي ۽ جلسي کي روڪڻ جي ڪا مضبوط ۽ واضع وجهه سامهون نٿي اچي۔ البت قومي سطح تي ڪراچي جو پيغام وڏو اثر ڇڏي ٿو۔ گذريل ٻن ٽن ڏينهن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، تنهن مان اهو پيغام صاف ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي مقبوليت ۾ ڪا گهٽتائي نه ٿي رهي آهي، ۽ جيڪڏهن اهڙي ئي اجازت پنجاب ۾ به ملي وڃي ها ته اهو سڄو تاثر ختم ٿي وڃي ها، جيڪو”سرڪاري” طور ميڊيا ۾ ڏنو پيو وڃي ته باني پي ٽي آءِ جي آزادي لاءِ ماڻهو روڊن تي نٿا نڪرن۔ ان لحاظ کان سهيل آفريدي جي دوري جو اصل مقصد ضرور حاصل ٿي ويو، ۽ سنڌ ۾ جتي تحريڪ انصاف تنظيمي طور ڪافي ڪمزور آهي، اتي هن دوري ان جي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪري ڇڏيو۔
ٻئي پاسي پيپلز پارٽي لاءِ سياست ۾ اڄ به سڀ کان وڏو سياسي چيلينج”پنجاب“ آهي، جتي مسلم ليگ (ن) ان کي سياسي اسپيس ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ۽ صدر آصف علي زرداري پاڻ به سالن کان ان مشن تي آهن ته مسلم ليگ (ن) کي سياسي طور ڪيئن مات ڏجي۔ اٺ فيبروري کان پوءِ ووٽر جو لاڙو ڪنهن حد تائين تحريڪ انصاف ڏانهن ويو، پر ان کان اڳ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ق) وچ ۾ هڪ ورڪنگ رليشن شپ تي اتفاق ٿي چڪو هو، جنهن سبب اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الهي کي هڪ”فون ڪال“ تي گاڏي جو رخ بني گالا ڏانهن موڙڻو پيو۔”ونڊر بواءِ“ واري ٿيوري بابت ته خبر ناهي، پر مون ذاتي طور خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي سوال جواب جي حد تائين، چاهي معاملو تحريڪ طالبان بابت هجي يا صوبي ۾ وڌندڙ دهشتگردي بابت، ڪافي صاف ۽ واضح موقف وارو ڏٺو۔ هو وزير اعظم سان ڳالهه ٻولهه لاءِ به تيار آهن، ۽ ٽي ٽي پي يا داعش کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ بابت به سندن راءِ بلڪل واضع آهي۔ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ڪراچي جي دوري دوران جڏهن هن ڪراچي پريس ڪلب جي جمهوري تاريخ ٻڌي، ته لڳ ڀڳ ساڳي ڳالهه ڪئي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ نامور شاعر فيض احمد فيض ڪئي هئي ته جنرل ضياءَ جي دور ۾”جيڪو ڪم پريس جو هو، اهو ڪراچي پريس ڪلب سرانجام ڏنو”۔ آفريدي چيو:”هن پريس ڪلب جي تاريخ ٻڌي مون کي واقعي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، ڇو ته هتي نئين چونڊيل باڊي رڳو حلف نٿي کڻي، پر حلف تي عمل به ڪري ٿي۔ ڪاش هن ملڪ ۾ به اهڙي ئي جمهوريت اچي وڃي.”