ڪراچي، حيدرآباد، نوري آباد ۽ ڪوٽڙي ۾ خيبر پختونخواهه جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي دوري دوران گڏ ٿيل انتهائي جوشيلي هجوم ۾ شامل عوام جي وڏي انگ جو هڪ اهم سبب موجوده حڪمرانن خلاف پنهنجي جذبن جو اظهار به هو. عوام بابت اهو تاثر مضبوط ٿي چڪو آهي ته حڪمران سندن حقيقي نمائندا ناهن. حڪمرانن جي ناقص ڪارڪردگي سبب به عوام ۾ شديد بيزاري ۽ بيچيني موجود آهي. پاڪستان اندر حڪمرانن خلاف نفرت ۽ غصي مان جنم وٺندڙ هي سياسي لاوا يا ته حڪمرانن کان اڻڄاتل آهي، يا هو ان کي نظرانداز ڪري رهيا آهن، يا وري غفلت جي ننڊ ۾ آهن. جيڪڏهن عوامي نفرت ۽ غصي جو هي لاوا ڦاٽي پيو ته سڀني کي وهي کڻي ويندو، ۽ ان جو اصل نشانو حڪمران هوندا اهڙو خدشو ڪيترن مبصرن ۽ سياستدانن اڳ ئي ظاهر ڪيو آهي. سندن خيال آهي ته پاڪستان ۾ اندروني طور تي حالتون سري لنڪا ۽ بنگلاديش کان به وڌيڪ خراب آهن، ۽ ملڪ اهڙي رخ ڏانهن وڌي رهيو آهي.
سهيل آفريدي جي دوري دوران هر هنڌ وڏا هجوم پاڪستاني سياست ۾ يا ته ڪا انوکي ڳالهه آهن يا وري ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهن، ڇاڪاڻ ته سهيل آفريدي ڪو جن ناهي، هو هڪ عام انسان آهي. ٽي مهينا اڳ تائين سڄي پاڪستان ۾ ڪو به سهيل آفريدي کي سڃاڻيندو نه هو؛ پاڻ خيبر پختونخواهه ۾ به گهڻي شهرت نه رکندو هو. پر جيئن ئي باني تحريڪِ انصاف کيس وزيراعليٰ لاءِ نامزد ڪيو ۽ سهيل آفريدي اهو چيو ته هو باني تحريڪِ انصاف جي عشق ۾ جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تڏهن کيس ملڪ گير شهرت ملي. سڀ کان وڏي انوکي ڳالهه مزارِ قائد ڀرسان ٿيل جلسو هو، جيڪو هر قسم جي رنڊڪن باوجود ڪامياب ٿي ويو.
سياست جو گهرو جائزو وٺندڙ سمجهي سگهن ٿا ته جڏهن پوليس اسٽيج کڻي وئي، ڪرسيون کڻي وئي، مزارِ قائد ڏانهن ويندڙ سڀ رستا بند ڪيا ويا، اتي پهتل ماڻهن تي آنسو گيس اڇلائي وئي ۽ لاٺي چارج ڪيو ويو، تڏهن شايد اندروني سطح تي ڪا ڳالهه ٻولهه به ٿي هوندي، جنهن سبب اهو سلسلو روڪيو ويو. جلسي جو ميدان خالي هو نه ڪرسيون، نه اسٽيج، نه بجلي، نه ساؤنڊ سسٽم. اهڙي صورتحال ۾ جلسو ڪرڻ ناممڪن هو، پر ان جي باوجود ماڻهن جي موجودگي، سندن جوش ۽ لڳ ڀڳ رات يارهين وڳي تائين سهيل آفريدي جو انتظار حيرت انگيز هو. جلسي واري هنڌ جي چوڌاري جلسي کان به وڌيڪ ماڻهو موجود هئا؛ ڪجهه ماڻهن کي شايد اهو ڊپ به هو ته پوليس ٻيهر حملو ڪندي. ٻئي پاسي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نوجوان ٽوليون گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن تي تحريڪِ انصاف جا جهنڊا لڳائي گشت ڪنديون رهيون.
سهيل آفريدي ڪيماڙي، بلديه ٽائون ۽ گوليمار مان ٿيندو ست ڪلاڪن بعد جلسي واري هنڌ پهتو ۽ رستي ۾ وڏن اجتماعن کي خطاب به ڪيو. سندس تقرير جو اهو جملو ته “سنڌ حڪومت اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي جي بي حرمتي ڪئي آهي” پيپلزپارٽي جي تيز رفتار زوال کي وڌيڪ تيز ڪري سگهي ٿو. حڪمران سياستدان ان ڳالهه تي به حيران آهن ته هي ڪهڙو ماڻهو آهي، جيڪو شان و شوڪت کان پري ڀڄي ٿو، پروٽوڪول کي پسند نٿو ڪري، عام ماڻهن سان اڪانامي ڪلاس ۾ سفر ڪري ٿو، دولت جي خواهش نٿو رکي ۽ پنهنجي سيڪيورٽي جي پرواهه کانسواءِ عام ماڻهن ۾ ملي وڃي ٿو.
حڪمران اتحاد ۽ سندن مفادن سان لاڳاپيل ٻيا ماڻهو هڪ سچ کي نظرانداز ڪرڻ سبب اڄ سخت مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهن. اهو سچ اهو هو ته عمران خان مارچ 2022ع ۾ پنهنجي مقبوليت وڃائي رهيو هو، پر ڪجهه ئي ڏينهن بعد اپريل ۾ تحريڪِ انصاف جي حڪومت ختم ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ سندس مقبوليت ۾ اضافو شروع ٿي ويو. جيڪڏهن عين انهيءَ موقعي تي چونڊون ٿي وڃن ها ته عمران خان يا ته هارائي وڃي ها، يا کٽڻ جي صورت ۾ انتهائي ڪمزور حڪومت ٺاهي ها ۽ وڌيڪ غير مقبول ٿي وڃي ها. حقيقت اها آهي ته انتظامي طاقت ۽ غير سياسي طريقن سان عمران خان جو مقابلو ڪرڻ باني تحريڪِ انصاف جي مقبوليت ۾ واڌ جو سبب بڻيو. گرفتاريءَ سان منفي اثر وڌيڪ وڌيا. گرفتاري کان پوءِ سندس مقبوليت تيزيءَ سان وڌندي رهي آهي؛ جيڪڏهن هو گرفتار نه ٿئي ها ته شايد ايترو مقبول نه ٿئي ها. هاڻي سندس وڌندڙ مقبوليت جو هي سلسلو اڃا اڳتي وڌندو پيو وڃي. پراڻن ڪارڪنن جي جاءِ تي نون ڪارڪنن جي فوج وڌندي پئي وڃي.
فيبروري 2024ع جي چونڊن کان اڳ تحريڪِ انصاف کان چونڊ نشان ”بيٽ“ واپس ورتو ويو، جنهن سبب پارليامينٽ ۾ هو آزاد حيثيت سان موجود آهن. خيبر پختونخواهه ۾ به پي ٽي آءِ جي نه، پر آزاد ميمبرن جي حڪومت آهي. ٻين لفظن ۾، پي ٽي آءِ تي اڻ اعلانيه پابندي لاڳو آهي. حڪومت جي ٻي وڏي غلطي آئيني ترميمن ۽ ٻين قدمن وسيلي اڳ ئي ڪمزور جمهوري نظام کي وڌيڪ تباهه ڪرڻ هئي. ان حقيقت جي باوجود ته عوام جي وڏي اڪثريت باني پي ٽي آءِ سان اندهي محبت رکي ٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن سبب سندس آزادي چاهي ٿي، بدليل حالتن ۾ هو ڪنهن به ڊيل کي مڃڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي. حڪمران جماعتن، زرداري، شريف خاندان ۽ ايم ڪيو ايم جي خواهش آهي ته موجوده حڪومت کي ڪو چيلينج نه ڪيو وڃي ۽ باني پي ٽي آءِ ڪو بيان نه ڏئي. ان ئي سبب کيس اڪيلي قيد ۾ رکي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هو موجوده حڪمران جماعتن جي مخالفت نه ڪري يا ان کي محدود ڪري. هن وقت هو قيد ۾ آهي ۽ مٿس دٻاءُ وجهڻ جون سڀ سهولتون حڪومت وٽ موجود آهن.
پاڪستان ۾ عام طور اهو تصور آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي قيد ڪيو وڃي ته دٻاءُ وجهي هر ڳالهه مڃرائي سگهجي ٿي. پر جيڪڏهن حڪومت باني پي ٽي آءِ کي اڪيلي قيد يا ٻين حربن وسيلي خاموش ڪرائڻ ۾ ڪامياب به ٿي وڃي، يا هن کان موجوده حڪومت جي محدود مخالفت تي راضي نامو (ڊيل) ڪرائي وٺي، تڏهن به عوام فوراً ان تبديلي کي محسوس ڪري سگهي ٿو ۽ سندس ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿو. پاڪستاني عوام جا پنهنجا مسئلا آهن؛ کين ان ڳالهه سان ڪو خاص واسطو ناهي ته ڪير انهن مسئلن کي حل ڪري ٿو. هو ان جماعت جو ساٿ ڏيندا، جيڪا سندن بنيادي مسئلا حل ڪري. اهي مسئلا رڳو ناقص حڪمراني جي خاتمي ۽ سٺي، معياري حڪمراني سان ئي حل ٿي سگهن ٿا. عوام جو سڀ کان اهم مسئلو تحفظ آهي. جڏهن رستن ۽ گهٽين ۾ ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ نه هجي، گاڏيون، موٽر سائيڪلون ۽ رقم ڦرجي وڃڻ جو خوف هجي، ۽ ٻئي پاسي حڪومتي عهديدارن جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي اهلڪارن جا وڏا دستا، گاڏيون ۽ ڊگها پروٽوڪول هجن؛ عدليه آزاد نه هجي، پارليامينٽ نمائنده نه هجي ۽ ميڊيا سرڪاري موقف پيش ڪري ته عوام ۾ ان جو منفي ردعمل پيدا ٿئي ٿو. وڌيڪ اهو ته جڏهن سرڪاري ڪمن ۾ رشوت ڏيڻي پوي، خاص طور ڪاروباري ماڻهن ۽ صنعتڪارن لاءِ رڪاوٽون هجن، روزگار جا موقعا گهٽ ٿين، عام شين جون قيمتون وڌن، بجلي، گئس ۽ پيٽرول مهانگا ٿين ته ماڻهن لاءِ زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. موجوده دور ۾ ماڻهن کي بيوقوف سمجهڻ عقل ۽ دانش جي ابتڙ آهي، ۽ کين رڳو بي بنياد دعوائن ۽ بي معنيٰ بيانن سان پنهنجو حامي بڻائي نٿو سگهجي.