غزا ۾ جنگبندي تي عمل اڄ کان شروع ٿيندو

غزا ۾15 مھينن کان جاري جنگ کانپوءِ  ٿيل جنگبندي واري معاھدي تي اڄ کان عمل شروع ٿيندو.اسرائيل پاران پنھنجي بچاءِ واري حق جي بھاني سان فلسطيني شھرين مٿان ڪيل ظلمن ۾ فوت ٿيل جو انگ 47 ھزار  تائين پھچي ويو ھو.جنگبندي واري معاھدي تي اسرائيل جي سيڪيورٽي ڪابينا کان پوءِ مڪمل ڪابينا پڻ 6 ڪلاڪن جي اجلاس کان پوءِ حماس سان ٿيل ٺاھ جي  منظوري ڏئي ڇڏي.اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو جي آفيس مان جاري ڪل پڌرائي ۾ چيو  ويو آهي ته اسرائيلي ڪابينا غزا پٽي ۾ جنگ بندي ۽ يرغمالين جي آزادي لاءِ حماس سان هڪ معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.اسرائيل جي حڪومت يرغمالين جي واپسي لاءِ هڪ فريم ورڪ جي منظوري پڻ ڏني آهي، جنھن ۾ يرغمالين جي آزادي لاءِ فريم ورڪ آچر کان لاڳو ٿيندو. ٽن مرحلن واري جنگ بندي جي شروعات ڇهن هفتن جي پھرين مرحلي سان ٿيندي جنهن ۾ حماس پاران قيد ڪيل يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو ۽ بدلي ۾ اسرائيل بھ قيد ڪيل حماس جي حامين کي آزاد ڪندو. جنگ بندي جي اعلان کان وٺي غزا تي اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 116 ماڻهو مارجي ويا آهن.جن ۾30 ٻار ۽ 32 عورتون شامل آهن. 265 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

گڏيل قومن جي ٻارن واري اداري جي ترجمان چيو آھي  ته غزا ۾ جنگ بندي "انتهائي اهم ۽ ايتري دير سان ٿيڻ واري” آهي جو گذريل 15 مهينن دوران غزا ۾ هر روز لڳ ڀڳ 35 ٻار ماريا ويندا رھيا آهن.هڪ رپورٽ ۾ فوتگين جو انگ فلسطيني صحت واري وزارت جي رپورٽ کان وڌيڪ هو، جنهن ۾ 15,000 کان وڌيڪ ٻارن جي مارجڻ جي رپورٽ ڏني وئي هئي.صرف 2025 ۾، غزا ۾ هر روز سراسري طور تي 10 ٻار پنهنجون زندگيون وڃائي  رھيا ھئا.

ياد رهي ته 15 جنوري تي اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ يرغمالين ۽ قيدين جي مٽاسٽا جو معاهدو ٿيو هو.قطري وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته هو گڏيل ڪوششن جي ڪاميابي ۽ غزا ۾ ڌرين جي قيدين ۽ يرغمالين جي تبادلي بابت  معاهدي تي پهچڻ جو اعلان ڪندي گهڻي خوشي ٿي آهي.اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ اعلان ڪيل جنگ بندي جو معاهدو غزا تائين امداد پهچڻ جو رستو کوليندو.

ٻئي پاسي  غزا جي انتظاميھ ۽ اتي جي ڪنٽرول بابت ڌرين ۾ گھڻائي ئي اختلاف موجود آھن،پر ھن ڀيري حماس معاھدي تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ ٽن ملڪن کي ضمانتي طور وچ ۾ وڌو آھي، جنھن ڪري سمجھيو وڃي ٿو تھ معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ شايد ڏکيو ھجي.حماس اھو پڻ چٽو ڪيو آھي تھ ڪنھن بھ غيرفلسطيني کي غزا جي ڪنٽرول سنڀالڻ نھ ڏنو ويندو.جيتوڻيڪ اھو  ڪجهه بعد جو مرحلو آھي پر حماس ان تي ھوم ورڪ ڪري رھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.