هيٽر مان باهه لڳڻ جا واقعا، زال مڙس سميت 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) بهاولپور ۾ هيٽر سبب باهه لڳڻ جي ٻن واقعن ۾ زال ۽ مڙس سميت 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب حاصل پور ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ گهر ۾ هلايل هيٽر مان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمري ۾ ستل پيرسن زال مڙس سڙي فوت ٿي ويا.
هوڏانهن خانقاه شريف ۾ 50 ورهين جو موٽر مڪينڪ دڪان ۾ هلايل هيٽر مان باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.