هاري جدوجهد جي علامت ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي

تحرير: صادق لاکو

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي زماني ۾ نوابشاهه، سياسي طور تي تمام سرگرم علائقو رهيو. سڪرنڊ ۽ سن عوامي، قومي ۽ جمهوري سياست جا مرڪز رهيا. وقت جو وهڪرو وهندي جڏهن ڪامريڊ جواني ۾ پير پاتو ته پاڻ سياسي ماڻهن جي صحبت ۾ هجڻ ۽ پنهنجي ڳوٺ جو وڏو هجڻ سان گڏ علائقي جي راڄن جا فيصلا ڪرڻ ۾ مهارت رکڻ سبب سياسي سوچ ئي کيس سياست ۾ کڻي وئي. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي سياست جي شروعات ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري تحريڪ کان ٿي.

 سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ڪنڊو خاصخيلي ۾ جنم ورتل ۽ پوءِ سڪرنڊ شھر ۾ رھندڙ بظاهر مسڪين پر سگھارو ھاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي به سنڌ ھاري ھلچل جو ھڪ سگھارو، صالح ۽ ھاڪارو ڪردار رھيو آھي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جي سوچ ۽ فڪر جو طرفدار رھندڙ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي پنهنجي مزاج  طبيعت ۾ ته ھڪ شفيق، مھربان ۽ محبتون ڏيندڙ ھڪ اتساھيندڙ انسان رھيو پر پنهنجي سياسي مقصد ۽ ھارين، پورھيتن ۽ مظلوم ماڻھن جي حقن جي حاصلات توڙي ساڻن ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ ۽ جبر خلاف بھادري ۽ بي خوف ٿي ڪري جدوجهد ڪندڙ رھيو. علائقي جي سياسي سماجي علمي ادبي ڌرين توڙي راڄن جي نيڪ مردن سان ڀائپي وارا واسطا رکندڙ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي پنهنجي سياسي نظرياتي اصولن تي اڏول ٿي بيھڻ جي ڪري پنهنجي زندگي ۾ تمام گھڻين تڪليفن پريشانين کي به منهن ڏنو. ھاري ھلچل ۾ متحرڪ رھڻ ڪري ڪيترائي ڀيرا کيس مقامي وڏيرن تنگ ڪيو ۽ ھيسائڻ  جي ڪوشش ڪئي پر ھن ڪڏهن به ھيڻي ٻولي ڪانه ڳالھائي، ھن ڪڏهن به پنهنجي اصولن ۽ آدرشن تان ھٿ نه کنيو، زندگي جي آخري ساھ تائين نوجوانن کي ھاري ھلچل متعلق شعور ڏيندو رھيو.  ان بعد ضلعي نوابشاهه ۾ ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ صالح بلو، ايڊووڪيٽ رشيد احمد شاھ، سڪرنڊ ۾ ڪامريڊ سليمان لاکو، ڪامريڊ خادم چانڊيو، ڪامريڊ سارنگ انڙ، ڪامريڊ ڀائي خان انڙ، ڪامريڊ عبداش پنهور، ڪامريڊ تماچي راهو سميت ٻين اهڙن انيڪ ڪردارن هارين جي تحريڪ کي تيز ڪيو.

ان زماني ۾ پارلياماني سياست ۾ نوابشاهه ضلعي اندر اڳوڻو نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي، سائين امداد محمد شاهه، حاڪم علي زرداري، سيد شبير احمد شاهه، الحاج غلام رسول انڙ سميت ٻيا اهڙا ڪيئي سياسي ڪردار هئا. جن نوابشاهه جي سياست کي ملڪي سياسي هلچل ۾ سرفهرست بيهاري ڇڏيو.

ملڪي تاريخ ۾ جڏهن پهريون ڀيرو 1970ع ۾ عام چونڊون ٿيون ته ان وقت اولهه پاڪستان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلز پارٽي ۽ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب جي پارٽي عوامي ليگ زبردست عوامي مقبوليت سان اڀري آيون. ڀٽو ۽ شيخ مجيب جو سياسي اثر ملڪي سياست تي ڇانيل رهيو. نوابشاهه ۾ سائين جي ايم سيد جو فرزند سائين امداد محمد شاهه شيخ مجيب جو سرگرم عوامي ليگ جو اڳواڻ هو ۽ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي، شيخ مجيب ۽ سائين امداد محمد شاهه جو ويجهو سياسي ساٿي هو، جنهن 1970ع ۾ سائين امداد محمد شاهه سان گڏجي شيخ مجيب  جي اليڪشن مهم زبردست طريقي سان هلائي. جڏهن شيخ مجيب نوابشاهه ۾ اليڪشن مهم تي آيو هو ته ان گڏجاڻي ۾ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي پڻ شامل هو. جنهن اليڪشن مهم ۽ سياسي صورتحال بابت شيخ مجيب کي آگاهي ڏني هئي. هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي شيخ مجيب، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي جي سياسي راھ تي ھلندي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن جي حقن جي حاصلات لا عوامي ۽ جمهوري، سياسي، آئيني ۽ قانوني ويڙهه ڪئي.

ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي 15 جنوري 2022ع تي 88 سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ساهه جي آخري گهڙين تائين به سنڌ جي هارين جي حقن جو ذڪر سندس زبان تي هو. سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران اڄ 15 جنوري 2026ع تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي چوٿين ورسي جي موقعي تي ،، سنڌ پاڻي ڪانفرنس،، ڪوٺائي وئي آهي، جنھن ۾ سنڌو دريا جا گھڻ گھرا شرڪت ڪري رهيا آهن، موجودہ وقت قومي سوال سان گڏ طبقاتي سوال به اڃان وڌيڪ چٽو ٿي سامهون آيو آهي، سنڌ ھاري ڪاميٽي سميت پورھيت ۽ ھاري دوست جماعتن جي قيادتن کي به گھرجي ته اھي عوامي رابطا مهم کي شروع ڪري ھاري ھلچل جي حوالي سان ماڻھن ۾ ھمٿون ۽ حوصلا پيدا ڪري ڇڙوڇڙ ساٿين کي وري متحرڪ ڪن،  جاگيردارن، وڏيرن، سيٺين، ڪامورن ۽ عوام دشمن قوتن خلاف وري ڪا وڏي ھلچل ھلائڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.