رپورٽن موجب ميئر ڪراچي مرتضي ٰ وهاب شهر ۾ ٽينڪرن ۽ سرڪاري واٽر هائينڊرنٽس ذريعي پاڻي جي فراهمي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت ايندڙ ٻن هفتن اندر ڪراچي جا ست ئي هائينڊرنٽس بند ڪيا ويندا. ميئر ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جي اعليٰ عملدارن کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته شهري سالن کان سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته شهرين کي سندن درن تائين پائيپ لائينن ذريعي پاڻي پهچائڻ ئي واحد پائيدار حل آهي جنهن لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. ميئر ڪراچي موجب شهر ۾ موجود واٽر هائينڊرنٽس هر مهيني لڳ ڀڳ 300 ملين رپين جي آمدني پيدا ڪندا رهيا آهن جڏهن ته انهن جو ٺيڪو گذريل سال ئي ختم ٿي چڪو آهي. هن واضع ڪيو ڪيو ته هاڻي نوان ٺيڪا جاري نه ڪيا ويندا ۽ شهرين کي ٽينڪرن جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ بدران مستقل نظام ڏنو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته نئون نظام مڪمل طور تي لاڳو ٿيڻ بعد ڪراچي واسي ٽينڪرن جي مهانگي ۽ غير يقيني فراهمي کان نجات ماڻي وٺندا.
ان حوالي سان ٻي رپورٽ اها به آهي ته هن وقت شهر کي 650 ايم جي ڊي پاڻي گهربل آهي جنهن مان 650 ايم جي ڊي پاڻي واٽر ڪاپوريشن جي سسٽم ۾موجود هجڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي جنهن مان به ٽينڪرن ذريعي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 18 ملين گيلن روزانو پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي جيڪو هائيڊرنٽس بند ٿيڻ بعد مڪمل طور تي روڪيو ويندو. ان فيصلي سان خاص طور تي اهي علائقا متاثر ٿيندا جتي اڃان تائين پائيپ لائينن وسيلي باقاعدي پاڻي جي فراهمي بند آهي. شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ واٽر ڪارپوريشن پاران 40 سال اڳ وڇايل لائينون ناڪاره هجڻ، دٻجڻ سبب يا قبضن ڪري ڪيترن علائقن ۽ سوسائيٽيز ۾ پاڻي نٿو پهچي. ڇا مقرر وقت اندر متبادل نظام تيار ڪري ڪراچي جي لکين شهرين کي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، اهو بيحد اهم سوال آهي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽينڪرن ذريعي علائقن ۽ سوسائيٽيز ۾ پاڻي پهچائڻ عوام جو مطالبو به رهيو آهي ته انهن جو حق به آهي پر واٽر هائيڊرنٽس بند ڪرڻ کان اڳ ان سسٽم کي سئو سيڪڙو يقيني بڻايو وڃي ته لائينن ذريعي پاڻي مهيا ڪيو ويندو. مطلب ته ان تي چڱي ريت پهريون ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سروي ڪرڻ ۽ جائزي وٺڻ جي گهرج آهي ته ڪهڙن ڪهڙن علائقن ۽ سوسائٽيز جون پاڻي لائينون ناڪارا آهن، دٻجي يا ختم ٿي ويون آهن ته انهن جي پهريون مرمت ڪراچي وڃي، انهن کي بحال ڪيو وڃي. ڪراچي ۾ ڪيترائي علائقا آهن خاص ڪري ڪينٽومنيٽ وارن علائقن ۽ سوسائيٽيز ۾ ته بلڪل به پاڻي جون لائينون بند آهن ۽ انهن علائقن توڙي سوسائيٽيز ۽ وڏن وڏن فليٽن وارا ٽينڪرن ذريعي پاڻي گهرائيندا آهن. ڊفينس ۾ رهندڙ ماڻهو به ٽينڪرن ذريعي پاڻي گهرائيندا آهن تنهن ڪري تڙ تڪڙ ۾ ۽ فوري طور تي واٽر هائيڊرنٽس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران پيدا ڪندو ۽ پوءِ عوام سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي اچي ويندو.
اسان ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي ان فيصلي تي تڏهن خوش ٿينداسين ۽ تڏهن آجيان ڪنداسين جڏهن هو پهريون ڪراچي ۾پاڻي جي ختم ٿيل ۽ ناقص پائيپ لائينن جي مرمت ڪرائي انهن مان پاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائيندو. سو پهريون مرتضيٰ وهاب کي خراب ۽ بند ٿيل پاڻي جي پائيپ لائينن تي ڪم ڪرائڻ گهرجي. ان معاملي جي به جاچ ڪرڻ گهرجي ته ڪئنٽومينٽ وارن علائقن ۽ سوسائٽيز ۾ پاڻي جون پائيپ لائينون ڇو بند ۽ خسته حالت ۾ آهن؟ حيرت آهي ته ان تي ڪئنٽومينٽ بورڊ وارن به ڪڏهن ڪو نوٽيس ناهي ورتو ۽ نه ئي ڪو اعتراض ڪيو آهي ته ڪئنٽومينٽ جي سوسائيٽيز وارن کي ڪراچي واٽر بورڊ طرفان لاڳيتو پاڻي جا بل ته ماهوار موڪليا ويندا آهن پر انهن سوسائيٽيز ۾ پائيپ لائينن ذريعي پاڻي ناهي ڏنو ويندو. ڪي سوسائيٽيز ته اهڙيون به آهن جن لاءِ پاڻي جون پائيپ لائينون ته موجود آهن پر انهن تي ڪن علائقن ۾ قبضو ٿيل آهي. مثال طور ڪراچي ۾ گلستان جوهر بلاڪ 8 ۾ ڀٽائي آباد لڳ راشدي ڳوٺ جي سامهون روفي ميري لينڊ سوسائٽي آهي جيڪا ڪئنٽومينٽ جي ايريا جي سڏائي ويندي آهي، ان کي پاڻي جي پائيپ لائين ته آهي پر 20 سالن کان انهن پائيپن ذريعي پاڻي نٿو اچي. ذريعا ٻڌائيندا آهن ته انهن پائيپ لائينن کي وچ وارن علائقن جي مافيائن قبضو ڪري اهو پاڻي بند ڪري ان تي پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪندا آهن سو ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي اهڙن ڪيسن جو نوٽيس وٺڻو پوندو، اهڙن علائقن جي سروري ڪرائڻي پوندي. جيڪڏهن هو ان ڏس ۾ پهريون جامع سروي ڪرائيندو ۽ ڪراچي جي سڀني علائقن جي پائيپ لائين جو جائزو وٺندو ته سندس آڏو اهي زميني حقيقتون آڏو اچي وينديون جن کان هو يقينن بي خبر هوندو.ان ڪري کيس واٽر هائيڊرونٽس بند ڪرڻ کان اڳ ۾ مڪمل طور تي انهن علائقن ۽ سوسائٽيز جي سروي يقيني بڻائڻي پوندي ڇاڪاڻ ته پوءِ ايئن نه ٿئي جو جن علائقن ۽ سوسائٽيز ۾ سوسائٽيون يا شهري پنهنجي ذاتي ڪوششن سان ٽينڪر ذريعي پاڻي گهرائن ٿا سو به بند ٿي وڃي. سو اهڙي قسم جو خدشو پڻ انهن شهرين کي اچي ورايو آهي جيڪي ٽينڪرز ذريعي پاڻي گهرائيندا آهن.
سنڌ حڪومت جي بيڊ گورننس کي ڏسندي ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي واٽر هائيڊرنٽ بند ڪرڻ واري اعلان سان اهو به خدشو پيدا ٿي رهيو آهي ته ايئن نه ٿئي ته جيئن عوام کي بجلي، گيس جي فراهمي ۾ شديد تڪليف ڏني وڃي ٿي تيئين هاڻي انهن علائقن ۽ سوسائيٽيز کان ٽينڪرن ذريعي ملندڙ پاڻي جي سهولت به کسي وڃي ۽ ان جي فراهمي ۾ به شهرين کي بحراني حالتون نصيب ٿين تنهن ڪري مرتضيٰ وهاب جي ان اعلان سان شهرين کي خوشي گهٽ پر بي چيني ۽ خدشا وڌي ويا آهن، جنهن جو ڪالهه مرتضيٰ وهاب پاڻ به اعتراف ڪيو آهي.