ٿرڙي محبت ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هڙتال

راڌڻ (ت ر) راڌڻ ڀرسان ٿرڙي محبت جي مشهور ڪرياني جي دڪاندار محمد ايوب کوکر، جي گهر ۽ وچ شهر ۾ ڪريانه جي بند پيل  دڪان  کي هٿياربندن پاران فائرنگ ڪري  شٽر کي گوليو هڻي فرار ٿي ويا، چوڪيدار موجب ٻن ڪارن ۾ هٿياربند ويٺل هئا جن  وچ شهر ۾ فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ ۾ چوڪيدارتي سڌيون گوليون هلايون  جيڪو معجزاني طور بچي ويو، جنهن تي هٿياربندن  ڪريانا دڪاندار محمد ايوب کوکر جي بند پيل ڪريانه دڪان جي شٽر کي گوليون هڻي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، واقعي بعد شهر جي سياسي، سماجي ڪاروباري دڪاندارن ۽ شهري اتحاد پاران  مڪمل طور شٽر بند هڙتال ڪري راڌڻ ميهڙ روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، محمد ايوب کوکر، ڀاءُ قمرالدين کوکر، شهري اتحاد صدر ممتاز مينگل ۽کوکر برادري جوا ڳواڻ،ايڊو ڪيٽ ذوالفقار کوکر  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڻڄاتل  ماڻهن رات جي اونداهي ۾ گهر جي در ۽ بند پيل دڪان تي فائرنگ ڪري حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، حملي ملوث جوبدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ذريعن وٽان معلوم ٿيو ته هفتو اڳ ٿرڙي محبت جي عيد گاھ مان وڻ وڍي لاءِ آواز آٿارڻ تان  ٿرڙي محبت جي چيئرمين شاھد حسن سھول ۽ ان جي واٺي آصف علي سومرو پاران محمد ايوب کوکر کي مارڪٽ ڪئي جنهن تي شھري اتحاد شھرين پنھنجا ڪاروباربند ڪري ٿرڙي محبت ٿاڻي تي 5 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو ويو، ان وقت راڌڻ جي معزز شھري  پ پ يوٿ ضلع صدر غلام مرتضيٰ ڳورڙ ۽ الزام ھيٺ آيل شاھد حسين سھول جي ڀاءُ ماجد علي سھول ڌرڻي ۾ ويٺل شھرين ۽ متاثر محمد ايوب کوکر ھٿ ٻڌي معافي ورتي جنھن سٺي موٽ ڏيندي ٿرڙي محبت شھري اتحاد ۽ شھرين متاثر محمدايوب کوکر تڏي تي آيل کي معاف ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.