لاهور(بيورو) پنجاب حڪومت سرڪاري محڪمن ۾ ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي فروغ ڏيڻ لاءِ پئٽرول ۽ ڊيزل گاڏين جي خريداري تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب جي چيف سيڪريٽري موجب، مستقبل ۾ صرف اليڪٽرڪ يا هائبرڊ گاڏيون خريد ڪري سگهبيون، جڏهن ته فيلڊ ڊيوٽي لاءِ استعمال ٿيندڙ گاڏين کي استثنا ڏنو ويندو.چيف سيڪريٽري چيو ته نون پيٽرول پمپن لاءِ اين او سي صرف اليڪٽرڪ چارجنگ يونٽ سان مشروط هوندي.