ڪڪڙ ڀرسان 11 هزار والٽيج تارن ۾ وچڙي چاچو ۽ ڀائيٽيو فوت، 5 زخمي، ڌرڻو

ڪڪڙ (رپورٽ: شفيع محمد جنجھه)ڪڪڙ ڀرسان افسوسناڪ واقعو پيش آيو، واپڊا وارن جي مبينا نااھلي سبب11ھزار لٽڪيل بجلي جي تارن ۾ وچڙي چاچو ۽ ڀائٽيو وچڙي سڙي فوت ٿي ويا، 2 عورتن سميت 5 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا، ڪڪڙ ڀرسان ٻورڙي شهر ۾ واپڊا جي مبينا لاپرواهي سبب افسوسناڪ سانحو پيش آيو، جتي 50 کان وڌيڪ گهرن مٿان گذرندڙ 11 هزار وولٽيج جي لڙڪيل بجلي تارن ۾ ڪرنٽ لڳڻ ڪري چاچو  ۽ ڀائٽيو سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 عورتن سميت 5 ڄڻا سڙي سخت زخمي ٿي پيا، حادثي ۾ سڙي فوت ٿيلن جي سڃاڻپ 8 سالن جي شاهزيب ولد شهزاد جوڻيجو ۽ سندس چاچو 25 سالن جي محمد اسلم ولد آندل جوڻيجو طور ٿي آهي ، جڏهن ته زخمين ۾  ٻن عورتن ۽ مرد فوجي اھلڪار رحمان جوڻيجو سميت 5 ڄڻا شامل آهن، زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ فوري طور تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو واقعو شھزادو جوڻيجو جي گھر اندر پيش آيو، ھوڏانھن سڙي فوت ٿيلن جي وارثن مقامي رهواسين پاران ڪڪڙ ڀرسان خانپور جوڻيجو مين روڊ انڊس ھاءِ وي تي لاش رکي احتجاجي مظاھرو ڪندي لڳاتار 4 ڪلاڪن تائين ڌرڻو جاري رکيو، شاھنواز جوڻيجو ، آفتاب سنڌي، بلاول جوڻيجو ، واجد ، احسان سميت ٻين احتجاج جي اڳواڻي ڪئي، ڌرڻي ۾ لاڙڪاڻي بار جي اڳواڻ ايڊوڪيٽ عابد علي ڪلھوڙو پڻ ٻڌي طور متاثرن سان احتجاج ۾ شامل ٿي ويو، لڳاتار ڌرڻي دوران گاڏين جو ڊگھيون قطارون لڳي ويون، مسافر سخت پريشان جو شڪار ٿي ويا، سنڌ پنجاب ويندڙ ٽريفڪ ٻنھي پاسن کان بيھي ويون مظاھرين سيپڪو عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي قاتل سيپڪو قاتل جا نعرا ھنيا ويا ڊي ايس پي ڪي اين شاه مظاھرين وٽ پھچي متاثرن کي سيپڪو عملدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي ان دوران ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ن دوران ٻورڙي شهر واسين چيو ته  50 کان وڌيڪ گهرن مٿان 11 هزار وولٽيج جون تارون انتهائي خطرناڪ نموني لڙڪيل آهن ڪافي عرصي کان سيپڪو عملدارن کي بار بار گھرن مٿان لڙڪيل تارون ھٽائڻ جون درخواستون ۽ دانھون ايلاز منٿون ڪندا رهيا سين.

 پر انتظاميا مڪمل طور نظرانداز ۽ ڪن لاٽار ڪندي رهي جنهن جو نتيجو اڄ 2 انساني جانيون ضايع ٿيڻ جي صورت ۾ نڪتو جيڪا سيپڪو جي نااھلي ۽ ڪوتاھي ھئڻ جو چٽو ثبوت آھي سيپڪو ايس ڊي او ڪي اين شاھ ۽لائين مين خلاف ڪاروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻن ڄڻن فوت ٿيڻ جي  واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇائنجي وئي فوتي جي گھرن ۾ قيامت برپا ٿي وئي روڄ روڙو ڪھرام مچي ويو، ڳوٺاڻن وفاقي وزير بجلي ۽ سنڌ سرڪار توڙي سيپڪو چيف کان مطالبو ڪيو آهي ته ذميوارن عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، گهرن مٿان گذرندڙ خطرناڪ بجلي تارون فوري طور هٽايون وڃن ۽ متاثر خاندانن کي انصاف ۽ مالي مدد فراهم ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.