8 فيبروري تي احتجاج جو سڏ عمران خان ناهي ڏنو: عليمه خان

راولپنڊي(م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان واضح ڪيو آهي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ احتجاج جي ڪال عمران خان نه پر اپوزيشن اتحاد پاران ڏني وئي آهي.عليمه خان پنهنجي وڪيل فيصل ملڪ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته عمران خان عدليه جي آزادي لاءِ پرامن احتجاج جي هدايت ڏني هئي، پر آواز بلند ڪرڻ تي ئي کين جيلن ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ملڪ ۾ قانون جي بالادستي چاهي ٿو عمران خان کي غير قانوني طور اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو، ۽ گذريل رات جڏهن هو گهر واپس پئي وئي، ته روات پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو هن چيو ته 3 عورتن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 8 کان وڌيڪ گاڏيون قبضي  ۾ ورتيون ويون، هر ڪارڪن کان 5 لک طلب ڪيا ويا.عليمه خان الزام لڳايو ته گاڏيون آزاد ڪرائڻ لاءِ پوليس کي پئسا ڏيڻا پيا ۽ عدليه کي آزاد ڪرڻ لاءِ نڪرندڙ ماڻهن کي ئي جيلن ۾ واڙيو پيو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.