”معرڪه حق“ کٽڻ کان پوءِ اسان جي جهازن جي طلب وڌي وئي آهي\شهباز شريف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته معرڪه حق ۾ فتح کان پوءِ اسان جي جهازن جي طلب وڌي وئي آهي، ڪيترائي ملڪ جهاز حاصل ڪرڻ بابت ڳالهائي رهيا آهن، ان سان ملڪ جي معيشت کي فائدو ٿيندو. اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ورلڊ لبرٽي فنانشل سان هڪ ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون آهن، معاهدي سان پاڪستان جي معيشت کي فائدو ٿيندو.هن چيو ته دهشتگردي جو مڪمل طور تي خاتمو ڪيو ويندو ۽ پوءِ اسان سک جو ساهه کڻنداسين، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. تيمور ويپن جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ٿوري وقت ۾ معاشي ميدان ۾ وڏي ترقي ڏيکاري آهي. اسان معاشي استحڪام آندو آهي، هاڻي ترقي لاءِ قدم کڻنداسين. هن چيو ته بلوچستان ۾ ست دانش اسڪول ٺاهيا پيا وڃن.

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ ورلڊ لبرٽي فنانشنل وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿي ويون. پاڪستان ۽ ورلڊ لبرٽي فنانشل وچ ۾ ڊجيٽل ادائيگين ۾ جدت لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ٿيون. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.هوڏانهن وزيراعظم سان ورلڊ لبرٽي فنانشل آمريڪا جي وفد چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر زچري وٽڪوف جي قيادت ۾ ملاقات به ڪئي.وزيراعظم وفد کي ڊجيٽل پاڪستان جي نظريي کان آگاهه ڪندي چيو ته ڊجيٽل ڳانڍاپو، شفافيت ۽ عوامي پهچ حڪومت جي ترجيح آهي. بي بي سي موجب پاڪستان ڊجيٽل ادائيگي ۾ جدت آڻڻ لاءِ ورلڊ لبرٽي فنانشل (ڊبليو ايل ايف) سان هڪ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيح ڪئي آهي، جيڪو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاندان سان ڳنڍيل هڪ ڪرپٽو ڪرنسي ڪاروبار آهي. ڊبليو ايل ايف جي سي اي او زڪريا وٽڪوف، ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. زچري وٽڪوف آمريڪي صدر ٽرمپ جي خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف جو پٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.