”برابري جا موقعا ناهن“وفاقي وزير پاران حڪومت جي معاشي ماڊل تي خدشا ظاهر

اسلام آباد(امتياز گل)اسلام آباد جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ هڪ تمام ئي غير معمولي واقعو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ پاڪستان پاليسي ڊائلاگ دوران چار وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي، وزير مصدق ملڪ چيو ته جيڪڏهن خوشحالي جو سرچشمو صرف طاقت، پئسو ۽ تعلقات آهي، ته عام ماڻهو ڪيئن خوشحال ٿيندا ۽ ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو؟ هن چيو ته جيڪڏهن توهان صرف ڪجهه ماڻهن کي امير ڪرڻ چاهيو ٿا، ته شام جو منهنجي آفيس تي اچي وڃو، مون وٽ وڏا فارمولا آهن.هن هڪ ڪهاڻي ذريعي وضاحت ڪئي ته هڪ ملڪ "خيالستان” آهي، جنهن جو انچارج "چوڌري” آهي ۽ ملڪ ۾ هڪ "دوکو منڊي” آهي. چوڌري ڏسي ٿو ته ڪجهه ماڻهو وڏي آسودگي سان زندگي گذاري رهيا آهن، پوءِ انهن تي ٽيڪس لاڳو ڪري ٿو. ڪجهه عرصي کان پوءِ، چوڌري انهن ماڻهن کان پڇي ٿو ته مهانگائي ۽ خراب صحت بابت شڪايتون ڇو ڪري رهيا آهيو.مصدق ملڪ هن بيان سان سيمينار ۾ سوال ڪيو ته جيڪڏهن توهان اقتصادي ماڊل کي ري سيٽ ڪرڻ چاهيو ٿا، ته اهو ڪيئن ممڪن آهي جڏهن جيڪي تحفظات موجود آهن، اهي ئي ملڪ جي وڏي اڪثريت جي ڀلائي ۾ نه آهن. هن چيو ته بيوقوفيءَ جي تعريف اها آهي ته هڪ ئي ڪم کي بار بار ڪريو ۽ مختلف نتيجن جي توقع ڪريو.هن زور ڏنو ته ملڪ ۾ اصل ترقي ۽ خوشحالي صرف چند ماڻهن لاءِ نه، پر عام ماڻهن، خاص ڪري نوجوانن لاءِ اميد پيدا ڪرڻ سان ممڪن آهي. هن چيو ته جيستائين سرمائي ۽ مالي وسيلن جي برابري نه ڪئي ويندي، ۽ اهي وسيلن کي ننڍين ۽ وچولي ڪمپنين تائين نه پهچايا ويندا، ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر نه ٿيندي.مصدق ملڪ جي ڳالهه غير معمولي هئي، ڇو ته هن واضح ڪيو ته ملڪ جي خوشحالي لاءِ لازمي آهي ته سرمايو، وسيلن ۽ موقعن جي برابريءَ واري تقسيم) ڪئي وڃي ۽ نوجوانن کي اميد ۽ انصاف جو احساس ڏنو وڃي.

  1. مخصوص طبقي لاءِ  بجلي،گئس ۽ ٽيڪسن ۾ رعايتون ختم ڪرڻ گهرجن

اسلام آباد(بيورو) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته بجلي، گئس ۽ ٽيڪسن ۾ مخصوص طبقن کي ڏنيون ويندڙ رعايتون ختم ڪيون وڃن.پاڪستان پاليسي ڊائلاگ دوران خطاب ڪندي، مصدق ملڪ چيو ته برآمد ۾ واڌاري ئي ملڪ ۾ پائيدار معاشي ترقي جي ضمانت آهي ۽ حڪومت جي ڪوششن سبب اقتصادي اشاريه بهتر ٿي چڪا آهن.هن چيو ته جيتوڻيڪ اسان ايليٽ ڪئپچر کي ختم نه ڪنداسين، ڪجهه به نه ٿيندو،ماڻهو چون ٿا ‘مون کي سستو ڏيو،مون کي پروٽيڪٽ ڪريو، ۽ پوءِ ڪجهه به نه ٿيندو. جڏهن ڪو سيڙپڪار اچي ٿو، اسان چوندا آهيون ته صنعت لڳايو، اسين اوهان کي بجلي ۽ گئس سستي ڏينداسين.مصدق ملڪ حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته خوشحالي حاصل ڪرڻ جو واحد رستو پيداوار وڌائڻ ۽ ماحول دوست معاشي ترقي آهي. وفاقي وزير زور ڏنو ته حقيقي ترقي تڏهن ممڪن آهي جڏهن هر شهري کي ڪم ڪرڻ جا برابر موقعا مهيا ڪيا وڃن، ڇو ته هاڻي پاڪستان ۾ خوشحالي جو رستو صرف طاقت ۽ اثر و رسوخ تائين محدود آهي.مصدق ملڪ وڌيڪ چيو ته رياست کي ڪاروبار هلائڻ بدران سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ۽ نجڪاري ڪنهن نظرياتي منصوبي طور نه پر مارڪيٽ جي ڪمزوريون درست ڪرڻ لاءِ هڪ مؤثر طريقو آهي.

  1. ڪجهه فرم ملڪ ڇڏين پيا، مڃڻ گهرجي ته ٽيڪس يا توانائي قيمتون وڌيڪ آهن

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته اهو سچ آهي ته ڪجهه فرم ملڪ ڇڏي رهيا آهن ۽ اسان کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته ٽيڪس وڌيڪ آهن يا توانائي جون قيمتون وڌيڪ آهن، اهي حقيقي مسئلا آهن. پاڪستان پاليسي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس پاليسي هاڻي وزارت خزانه وٽ آهي، ايف بي آر جو ڪم ٽيڪس آمدني گڏ ڪرڻ آهي، ايف بي آر جو ڌيان ٽيڪس گڏ ڪرڻ تي آهي، ٽيڪس پاليسي ايف بي آر کان فنانس ڊويزن ڏانهن منتقل ڪئي وئي آهي، گذريل سال 38 ارب ڊالر جي ترسيل وصول ڪئي وئي هئي ۽ هن سال 41 ارب ڊالر جي ترسيل وصول ٿيڻ جي اميد آهي. محمد اورنگزيب چيو ته ٽيرف شعبي ۾ وڏا سڌارا متعارف ڪرايا ويا آهن، اهو سچ آهي ته ڪجهه فرمون ملڪ ڇڏي رهيون آهن، اسان کي اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته ٽيڪس وڌيڪ هجن يا توانائي جون قيمتون وڌيڪ هجن، اهي حقيقي مسئلا آهن، جيتريون وڌيڪ ڊيوٽيون يا ٽئڪس لڳايون ٿا، اهو اسان لاءِ نقصان آهي، اسان کي ڊيوٽين کي معقول بڻائڻو پوندو ۽ ڪاروباري خرچن کي گهٽائڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته بينڪن کان محروم ماڻهن کي باقاعده مالي نظام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي، برآمدات تي ٻڌل معيشت ڏانهن وڌڻ لاءِ ٽيرف کي معقول بڻائڻ ضروري آهي، هن سال جون تائين سڀئي سرڪاري ادائيگيون ڊجيٽل چينلز تي منتقل ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته ترقي صرف معاشي سڌارن ذريعي ممڪن آهي، حڪومتي سڌارن جو مقصد قومي خزاني تي بار گهٽائڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيرف ۾ گهٽتائي پاڪستان جي برآمدات ۽ صنعتي پيداوار ۾ اضافو ڪندي. پهريون ڀيرو، خام مال تي ڊيوٽي ٽيرف سڌارن ذريعي گهٽائي وئي. موجوده معاشي سڌارا پاڪستان لاءِ اوڀر ايشيا جي تحريڪ ثابت ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته قرض جي ادائيگي پاڻ ۾ گهٽ نه ڪئي وئي آهي. اسان قدم کنيا آهن. هن چيو ته مقامي سيڙپڪارن پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ حصو ورتو، 24 ادارا نجڪاري ڪميشن جي حوالي ڪيا ويا آهن، سرڪاري ادارن ۾ هر سال لڳ ڀڳ هڪ هزار ارب رپيا ضايع ٿي رهيا آهن، يوٽيلٽي اسٽور، پي ڊبليو ڊي ۽ پاسڪو بند ڪيا ويا آهن، ۽ انهن ادارن کي ڏنل سبسڊيز ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي.

  1. پاڪستان، ڀارت کان فوجي لحاظ کان مضبوط،معاشي ميدان ۾ گهڻو پوئتي

دبئي(ڪامران خان)2025ع ۾ پاڪستاني فوج دنيا جي چوٿين وڏي فوجي قوت جي دعويٰ ڪندڙ ڀارتي فوج کي ميدان جنگ ۾ شڪست ڏني، ۽ دنيا ۾ پنهنجي فوجي طاقت جو اعتراف مڃرايو،پاڪستان هڪ ذميوار نيوڪليئر پاور طور به تسليم ٿيو، يعني پاڪستان جودفاع ناقابل تسخير آهي.اها پاڪستانين جو اعتماد ۽ جذبو زنده رکڻ جي وڏي بنياد آهي.پر سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي پاڪستان فوجي طاقت ۾ مضبوط آهي پر اقتصادي لحاظ کان ڪمزور ۽ نپوڙيل آهي.ڀارت، جنهن کي فوجي ميدان ۾ شڪست ڏني وئي، اقتصادي ميدان ۾ پاڪستان کي پوئتي ڇڏي ويو آهي.هڪ وقت هو جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان جي معيشت جو مقابلو ڪيو ويندو هو، ڪڏهن پاڪستان اڳتي، ڪڏهن ڀارت اڳتي. پر گذريل 25 سالن ۾ تقريباً سڀني اقتصادي اشارن ۾ پاڪستان ڀارت کان تمام گهڻو پوئتي رهي ويو آهي.ڀارت جي جي ڊي پي  دنيا جي پنجين وڏي معيشت آهي، جڏهن ته پاڪستان جو نمبر 40 تي آهي.ڀارت ۾ في ڪس آمدني 2820 ڊالر آهي، پاڪستان ۾ تقريباً 1707 ڊالر، يعني ڀارت تقريباً 55 سيڪڙو اڳتي آهي.ڀارت جو قرض جي ڊي پي  جي 57 سيڪڙو، جڏهن ته پاڪستان ۾ 70.2 سيڪڙو،پاڪستان ۾ هر شهري تي 3,18,000 روپيا  قرض آهي ۽ قرض جي واڌ جاري آهي،ڀارت وٽ ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرا687 بلين ڊالر ، پاڪستان وٽ 21 ارب ڊالر جا ذخيرا آهن، ڀارت جي مجموعي ايڪسپورٽ پاڪستان کان 20 ڀيرا وڌيڪ آهي.ڀارت ۾ ٽيڪس جو نظام وڌيڪ جديد، شفاف ۽ عوام دوست آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ اڃا به مسئلا موجود آهن. ڀارت ۾ تعليم تي خرچ 3.5 سيڪڙو آهي، پاڪستان ۾ 2 سيڪڙو کان به گهٽ.پرائمري تعليم ۾ ڀارت ۾ 12.9 سيڪڙو شاگرد اسڪول ڇڏي رهيا آهن، پاڪستان ۾  22 سيڪڙودنيا جي هڪ هزار بهترين يونيورسٽين ۾ ڀارت جون 41 يونيورسٽيون  جڏهن ته  پاڪستان جون چار يونيورسٽيون شامل آهن،گذريل 25 سالن ۾ ڀارت تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي، تحقيق، انساني ترقي ۽ معيشت جي شعبن ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي، جڏهن ته پاڪستان سياسي ۽ اقتصادي عدم استحڪام سبب بار بار بحرانن جو شڪار ٿيو. مستقبل ۾ پاڪستان کي اقتصادي سڌارن تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي، ته جيئن فوجي ۽ اقتصادي طاقت ٻئي گڏجي مضبوط ٿي سگهي.

  1. سياسي بحران معاشي ترقي کي نقصان پهچايو

اسلام آباد(بيورو)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جينجڪاري جو عمل ڪاميابي سان مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن سبب قومي خزاني تي پوندڙ بار گهٽيو آهي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ آئي آهي. هن چيو ته هاڻي ٻين سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو عمل به تيزي سان اڳتي وڌايو پيو وڃي،هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي ۽ پاڪستان جي معيشت هاڻي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ڏانهن وڌي رهي آهي.شفافيت ۽ مؤثر ڪارڪردگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل گورننس کي فروغ ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.