ڪراچي ويجهو تاريخي ٻيٽ کي ماحولياتي سياحت ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ويجهو زيارت حسن شاهه ٻيٽ کي ماحولياتي سياحت جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان منصوبي تي هڪ کان ڏيڍ ارب رپيا خرچ اچڻ جو اندازو آهي. تفصيل موجب بحري معاملن جي وفاقي وزير جنيد انور چوڌري ڪراچي ويجهو زيارت حسن شاهه ٻيٽ کي جديد ماحولياتي سياحت جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ٻيٽ تي ماحول دوست، راندين ۽ طرز زندگي جي سياحت تي مشتمل هڪ جامع سياحتي منصوبو متعارف ڪرايو ويندو. وفاقي وزير چيو ته زيارت حسن شاهه ٻيٽ کي جديد سياحتي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبي تي هڪ کان ڏيڍ ارب رپيا خرچ اچڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته هن منصوبي تحت اربين رپين جي سيڙپڪاري جي اميد آهي. جنيد انور چوڌري چيو ته ٻيٽ کي زميني رستي ذريعي ڪراچي جي اوڀر زون سان ڳنڍيو ويندو، جيڪو سياحن کي آسان رسائي فراهم ڪندو ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪندو، جڏهن ته مقامي معيشت کي به فروغ ڏيندو. هن چيو ته اهو منصوبو ساحلي ماحول جي تحفظ کي ترجيح ڏيندو ۽ يقيني بڻائيندو ته سياحت جي فروغ سان گڏ ماحولياتي ذميواري جو به خيال رکيو وڃي. جنيد انور وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت پاڪستان جي ساحلي پٽي کي معاشي انجن بڻائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي، جڏهن ته زيارت حسن شاهه ٻيٽ بليو اڪانومي جي هڪ نئين مثال طور سامهون ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.