مٺي(رپورٽ:غازي بجير)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٿر۾ ايترو ڪوئلو آهي جيترو سعودي عرب وٽ تيل آھي، بدقسمتي سان اسان کي پنهنجا وسيلا استعمال ڪرڻ جي اجازت ناھي، ڪجھ عنصر سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ چاھين ٿا، ٿر جا معدني وسيلا عوام جو اثاثو آھن، سنڌ حڪومت ٿرپاڪر جي ترقي لاءِ ڪوشان آهي،ٿر پاڪستان کي بدلائي رھيو آھي اڳ تاثر ھوندو ھو ته اسلام آباد ملڪ کي پيو ھلائي پر ٿر اھو تاثر ختم ڪري ڇڏيو آھي،اھڙو اظهار ھن ٿرپارڪر جي ڳوٺ مٺڙيو ڀرسان نيشنل انسٽيٽيوٽ، سائنس اينڊ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪئمپس جي نئين عمارت جي افتتاحي تقريب ۾ ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ ايندو آهيان ته خوش ٿيندو آهيان ٿر جو عوام پيپلزپارٽي سان هر اليڪشن ۾ ساٿ ڏيندو آهي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو سان محبت ڪندو آهي، پيپلزپارٽي به ٿر جي عوام جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ھن چيو ته ڪجھ قوتون اوهان جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ چاهين ٿيون ۽ ٿرپارڪر کي جواز ڄاڻائي بيانيو ٺاھيو آهي ته ننڍي صوبي ڪجھ نه ڪيو آهي، انهن کي جواب ٿرپارڪر ضلعي جي ترقي آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماضي واري ٿرپارڪر ۽ هاڻي واري ٿرپارڪر ۾ فرق آهي ۽ ٿر ۾ ايترو ڪوئلو آهي جيترو سعودي عرب ۾ تيل آهي، شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڪوئلي جي کوٽائي لاءِ 1993ع ۾ ڪوشش ڪئي پوء به ٿر ۾ ڪوئلي جو استعمال ڪيو ۽ ان ڪوئلي فيصل آباد ۾ معاشي فائدو ڏنو آهي، ٿر جي ڪوئلي سبب معاشي انقلاب آيو آهي هتي ايتريون صحت جون سهولتون نه هيون هاڻي سڄي ٿر ۾ اسپتالون ٺاهيون آهن، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ٿر جي نوجوانن کي اين اي ڊي يونيورسٽي جي پنهنجي عمارت آهي ۽ ڪئمپس کي جلد يونيورسٽي ۾ تبديل ڪنداسين، سنڌ حڪومت عوام جي سرڪار آهي ۽ عوام جي مدد ڪري رهي آهي، نياڻين جي تعليم وارو شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو جيڪو ھي يونيورسٽي قائم ڪري پورو ڪري رهيا آهيون، هن يونيورسٽي ۾ گلگت بلتسان جا شاگرد به تعليم پرائي رهيا آهن، صحت ،تعليم ۽ ٻين پبلڪ پارٽنر شپ ۾ نالو ڪمايو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جي ڪهاڻي منهنجي زباني اها آهي ته جڏهن ماضي ۾ ملڪ جي نامزد ڪيل وزيراعظم جي اليڪشن ۾ آيو هئس ۽ ڪراچي مان مٺي پهچڻ ۾ 8 ڪلاڪ لڳا هئا، ٿر جي ترقي بابت جيڪو شهيد راڻي خواب ڏٺو هو صدر آصف علي زرداري ٿر جي ڪوئلي ۽ ٻين رٿائن ۾ پورو ڪيو آهي ۽ هاڻي 4 ڪلاڪ ۾ ڪراچي پهچي سگهجي ٿو، نيشنل انسٽيٽيوٽ سائنس اينڊ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪئمپس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته اسان روڊن جو ڄار وڇايو ۽ پاڻي ۽ صحت جي حوالي سان ٿر کي بدلايو آهي ۽ جئين ٿر پاڪستان کي بدلائي پيو ۽ پاڪستان جي قسمت بدلائي آهي، اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ بجلي جي 1 سئو يونٽ جو بل سرڪار ڏي ٿي ۽ چاهيون ٿا ته هر فائدو ٿر جي عوام کي ملي، اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ الڳ انجنيئرنگ ڪئمپس قائم آهي جنهن مان 125 شاگرد تيار ٿيا آهن، سنڌ حڪومت ترجيح بنيادن تي ٿر جي عوام کي سهولتون فراهم ڪيون آهن، ھن چيو ته هن يونيورسٽي ۾ جلد مختلف ڪلاس شروع ڪيا ويندا ۽ سنڌ حڪومت جي طرفان مڪمل سهڪار ڪيو ويندو ۽ 2028 ۾ فيز ٽو جو ڪم مڪمل ٿيندو ۽ ڪئمپس کي مڪمل يونيورسٽي قرار ڏنو ويندو.