نون صوبن بابت نومبر تائين وڏي فيصلي جا امڪان! محسن نقوي جو ”ٻئي هنڌ فيصلو ٿي چُڪو آهي“ جو بيباڪ اظهار

لاهور (امداد سومرو(وفاقي گهرو وزير محسن نقوي لاهور جي هڪ خانگي يونيورسٽي ۾ ڪوٺايل قومي پاليسي ڳالهه ٻولهه دوران جيڪو لهجو اختيار ڪيو، اهو ڪنهن روايتي سياستدان جو نه، پر هڪ اهڙي بااختيار سڌارڪ جو هو، جيڪو 80 سال پراڻي نظام کي ناڪام قرار ڏئي ان کي مڪمل طور نئين سر ترتيب ڏيڻ جو پڪو ارادو رکي ٿو. سندس خطاب مان واضح ٿيو ته پردي پٺيان ڪجهه اهڙيون تبديليون پچي رهيون آهن، جن جو شايد اڃا عوامي نمائندن کي به پورو ادراڪ ناهي.

محسن نقوي پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ان قول جو حوالو ڏنو ته صوبائيت هڪ لعنت آهي. ظاهري طور اهو هڪ تاريخي حوالو هو، پر تجزيه نگار جي نظر سان ڏٺو وڃي ته ان جي پويان هڪ خوفناڪ سياسي ايجنڊا لڪل آهي. هن قول کي هاڻوڪي صوبائي خودمختياري ۽ سڃاڻپ خلاف هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي.

نقوي صاحب جو اشارو صاف آهي ته وفاق هاڻي انهن صوبن جي ان حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا پاڪستان جي قيام وقت طئي ڪئي وئي هئي. اهو رڳو انتظامي ورهاست جو معاملو ناهي، پر صوبائيت جي خاتمي جي نالي تي صوبن جي سياسي ۽ آئيني اهميت کي ختم ڪرڻ جو ارادو نظر اچي ٿو.

هن بحث جو سڀ کان آمراڻو پاسو ان وقت سامهون آيو، جڏهن محسن نقوي سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد ۽ اتي ٿيل تقريرن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو. هڪ وفاقي وزير جو چونڊيل ايوان کي مخاطب ٿي اهو چوڻ ته اوهان جي راءِ جي ڪا اهميت ناهي، جمهوريت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿي سگهي ٿو.

محسن نقوي جو لهجو ڪنهن ڊڪٽيٽر کان گهٽ نه هو، جڏهن هن واضح ڪيو ته اهو فيصلو ايوانن ۾ نه، پر ڪنهن ٻئي هنڌ ٿي چڪو آهي. سندس اهو چوڻ ته هو ان مطالبي تان پوئتي نه هٽندو، هڪ وڏي سياسي بحران ۽ پارلياماني بالادستيءَ تي سڌي حملي جي نشاندهي ڪري ٿو.

هن چيو ته منهنجي نوڪري رهي يا نه رهي، مان نون صوبن جي مطالبي تان پوئتي نه هٽندس. ڪو به فرد، سياسي پارٽي يا نمائندو ان کي روڪي نٿو سگهي.

محسن نقوي برطانيا ۽ آمريڪا جي بااختيار مڪاني حڪومت واري نظام، جنهن ۾ ممداني ۽ صادق خان ماڊل جو ذڪر ڪيو، جنهن بابت ڳالهائيندي هڪ مليل جليل اشارو ڏنو. پر هن گفتگو جو سڀ کان وڏو انڪشاف، جيڪو هن وقت تائين لڪايو ويو هو، اهو محسن نقوي جو اسلام آباد بابت منصوبو آهي.

هو اسلام آباد کي مڪمل انتظامي يونٽ يا صوبو بڻائڻ جي سڀ کان وڏي حمايت ڪندڙن مان هڪ طور سامهون آيو آهي. سندس خيال آهي ته 80 سال پراڻي ناڪام ڍانچي کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي شروعات وفاقي گادي واري شهر کان ڪئي وڃي، جتي گهرو وزارت جي ماتحت ادارن کي هڪ بااختيار مڪاني يا انتظامي ماڊل ۾ تبديل ڪري سگهجي، جيئن ان کي سڄي ملڪ لاءِ آزمائشي نموني طور پيش ڪيو وڃي.

عوامي ردعمل، خاص طور سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي ناراضگي کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ نقوي صاحب ساڳي پراڻي منطق پيش ڪئي، جيڪا ماضي ۾ ڪالاباغ ڊيم لاءِ ڏني ويندي هئي. سندس دعويٰ آهي ته پنجاب يا سنڌ کي اترين ۽ ڏاکڻين حصن ۾ ورهائڻ سان لساني يا نسلي سڃاڻپ ختم نه ٿيندي.

هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا رڳو جاگرافيائي ليڪا ڪڍڻ سان اهي گهريون سياسي ۽ تاريخي پاڙون ختم ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي صوبائي خودمختياري سان ڳنڍيل آهن؟ سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هن قدم کي وفاق جي هڪ نئين جارحيت طور ڏٺو پيو وڃي.

سڀ کان ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ واري اها قومي ڳالهه ٻولهه پارليامينٽ بدران لاهور جي هڪ خانگي يونيورسٽي ۾ ٿي رهي آهي. ان ڳالهه ٻولهه ۾ شاهد خاقان عباسي، حامد مير ۽ ملڪ محمد احمد خان ته موجود هئا، پر اتي اون چوڌري ۽ ايس ايم تنوير جهڙين شخصيتن جي موجودگي ڪيترائي سوال اٿاري ٿي.

اهي اهڙا ماڻهو آهن، جن وٽ سڌي ريت ڪو عوامي مينڊيٽ ناهي، پر اهي رياست جي انتظامي ڍانچي تي اثرانداز ٿي رهيا آهن. وڌيڪ اهو ته محسن نقوي ڳجهن ۽ خانگي سرويَن جو به ذڪر ڪيو، جن جي بنياد تي اهو سمورو نقشو تيار ڪيو پيو وڃي.

ڇا 25 ڪروڙ عوام جي تقدير جو فيصلو پارليامينٽ بدران خانگي ماڻهن جي مطالعي ۽ آن لائين سرويَن جي بنياد تي ڪيو ويندو؟

تصديق ٿيل اطلاعن موجب، هن سموري عمل لاءِ هڪ مخصوص وقت مقرر ڪيو ويو آهي ۽ نومبر تائين ڪنهن وڏي فيصلي جي اميد آهي. محسن نقوي ان جو اشارو اهو چئي ڏنو ته اهو سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن نه، پر اهو ٿي رهندو.

محسن نقوي جي بيانن مان واضح ٿئي ٿو ته رياست هڪ وڏي جراحي آپريشن جي تياري ڪري رهي آهي. 80 سال پراڻي نظام کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي خواهش پنهنجي جاءِ تي درست ٿي سگهي ٿي، پر جنهن طريقي سان چونڊيل ايوانن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ غير چونڊيل ماڻهن کي هن عمل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اهو شفافيت تي وڏو سواليه نشان آهي.

You might also like