اسلام ڪوٽ تعلقي ۾ سئو مفت بجلي يونٽ جي دعويٰ حقيقتن جي ابتڙ قرار

مٺي:بلاول ۽ مراد علي شاھ پاران ٻيھر اسلام ڪوٽ تعلقي جي عوام کي بجلي جا 100 مفت ڏيڻ جي دعويٰ،حقيقتن جي ابتڙ آهي. بلاول ڀٽو زرداري پاران بجلي جا 100 يونٽ مفت ڏيڻ وارو اعلان سچو ثابت نه ٿيو،صرف 500 ميٽرن مان في ميٽر تي 800 روپيا ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي،بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه گذريل 8 سالن کان تعلقي اسلام ڪوٽ ۾ “مفت بجلي” جون دعوائون ڪري رهيا آهن،پر زميني حقيقت ان جي ابتڙ آهي صرف چند ميٽرن تي معمولي رعايت (تقريباً 800 رپيا) ڏني وڃي ٿي،تعلقي جا سوين ڳوٺ بجلي کان اڄ به محروم آهن، جڏهن ته اڪثريت اڄ به باقاعده بل ڀري رهي آهي،ھن وقت 500 جي لڳ ڀڳ ميٽرن تي ماھوار 800 سئو روپيا ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي پر 100 يونٽ مفت ڏيڻ وارو اعلان سچو ثابت ٿي ناھي سگھيو،ٿر جي صرف ٻن بلاڪن بلاڪ ون ۽ بلاڪ ٽو مان ھن وقت 2640 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ اسٽيشن کي فراھم ٿي رھي آھي پر بجلي پيدا ڪندڙ منو ٿر اڄ به اونداھي ۾ ٻڏل آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.