لاهور (سجاد انور(وفاقي وزير محسن نقويءَ جي اڄوڪي تقرير رڳو هڪ سياسي تجويز نه هئي، پر اهو ڄڻ ته هڪ ”آرڊر آف دي ڊي“ هو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ”آرڊر آف دي ڊي“ خالص فوجي اصطلاح آهي، جيڪا جنگي حڪم لاءِ استعمال ٿيندي آهي. نقوي صاحب جو لهجو صلاح مشوري وارو ٿيڻ بدران حڪم هلائڻ وارو هو، جنهن مان هن واضح ڪيو ته نوان انتظامي يونٽ هر صورت ۾ قائم ڪيا ويندا.
هن جارحاڻي اندازِ بيان مان اهو تاثر ملي ٿو ته فيصلا ڪندڙ ڌرين سياسي اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشوري بدران پنهنجو فيصلو مڙهڻ جو ارادو ڪري ورتو آهي. سندس اهو چوڻ ته ”ڪو به ان کي روڪي نٿو سگهي“، ان ڳالهه جو اظهار آهي ته پارليامينٽ ۽ عوامي راءِ کي ثانوي حيثيت ڏني پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ڪا به سياسي پارٽي، ڪو به اڳواڻ يا ڪو به صوبو هن فيصلي جي راهه ۾ رڪاوٽ نٿو بڻجي سگهي. نوان انتظامي يونٽ ٺهندا ۽ هر صورت ۾ ٺهندا.
نون صوبن جي هن مهم جو سڀ کان وڌيڪ تڪراري پاسو اهو سيمينار ڪلچر آهي، جيڪو لاهور جي ايئرڪنڊيشنڊ هالن ۾ وڌي ويجهي رهيو آهي. هن تحريڪ جي پٺڀرائي اها نئين اشرافيه ڪري رهي آهي، جنهن جو عوامي سياست سان پري پري تائين به ڪو واسطو ناهي. انهن سيمينارن ۾ خانگي يونيورسٽين جا مالڪ، جيڪي هاڻي رياست جا پاليسي ساز بڻجڻ چاهين ٿا. وڏا ڪاروباري ٽائيڪون ۽ سيٺ، گڏوگڏ اهي ٽيڪنوڪريٽ به شامل آهن، جيڪي ڪڏهن عوام کان ووٽ وٺڻ لاءِ گهٽين ۽ پاڙن ۾ ناهن ويا.
حقيقت اها آهي ته تختِ لاهور تي ويهي گوادر، وزيرستان ۽ راولاڪوٽ جا فيصلا ڪندڙ انهن صاحبن جون عوام ۾ پاڙون نه هجڻ جي برابر آهن. اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته عوام جي گهٽين ۾ وڃڻ سان سندن جوتا ميرا ٿي ويندا، پر اهي سنڌ ۽ بلوچستان جي انتظامي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جا دعويدار بڻيل آهن.
قانوني طور نون صوبن جو قيام هڪ ”نان اسٽارٽر“ نظر اچي ٿو. 1973ع جو آئين واضح ڪري ٿو ته ڪنهن به صوبي جي حدن ۾ تبديلي لاءِ ان صوبي جي اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ضروري آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي تازي سخت قرارداد هن منصوبي کي هڪ لحاظ کان سخت ڌڪ رسايو آهي.
هاڻي مقتدر حلقن ۾ 28هين ترميم جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي، جنهن جو مقصد صوبائي اسيمبلين جا اختيار کسي قومي اسيمبليءَ ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي، ته جيئن مرڪز پنهنجي مرضيءَ سان نوان صوبا قائم ڪري سگهي. پر هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا پيپلز پارٽي يا پي ٽي آءِ جهڙن وڏن سياسي بلاڪن کانسواءِ پارليامينٽ ۾ اها عددي اڪثريت حاصل ٿي سگهي ٿي؟ جواب نفيءَ ۾ آهي، جنهن سبب اهو سڄو منصوبو آئيني ڊيڊلاڪ جو شڪار نظر اچي ٿو.
هن سڄي ڪهاڻيءَ ۾ سڀ کان وڏو موڙ جنرل فيصل نصير جي اوچتي بدلي آهي. سياسي حلقن ۾ اهو بحث عام آهي ته نون صوبن جي قيام لاءِ جيڪا ميڊيا مهم ۽ منصوبي جي جوڙجڪ ڪئي وئي هئي، ان جي نگراني مبينا طور تي اهو ئي ڪري رهيو هو.
سنڌ اسيمبليءَ جي مزاحمت ۽ پارلياماني سطح تي هن منصوبي جي ناڪاميءَ کي جنرل فيصل نصير جي مشن جي شڪست طور ڏٺو پيو وڃي. سندس روانگي ان ڳالهه جو واضح اشارو سمجهي وڃي ٿي ته جنهن ميڊيا مهم ذريعي عوامي راءِ کي هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، اها عوامي ۽ سياسي سطح تي بُريءَ ريت ناڪام ٿي چڪي آهي.
محسن نقويءَ پنهنجي تقرير ۾ قائداعظم جو حوالو ڏيندي صوبائيت کي ”زهرِ قاتل“ قرار ڏنو. پر هتي هڪ بنيادي تجزياتي نڪتو نظرانداز ڪيو ويو ته سنڌي، پنجابي، بلوچ ۽ پشتون سڃاڻپون پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان صديون اڳ جون آهن ۽ اهي ثقافتي ۽ لساني حقيقتون آهن.
پنجاب شايد پنهنجي ٻولي ۽ سڃاڻپ کي مصلحت تحت پوئتي رکي ڇڏيو هجي، پر سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ پنهنجي تهذيب ۽ سڃاڻپ بابت حساسيت تمام گهڻي آهي. ماڻهن جي انا ۽ سندن تاريخي حساسيت سان کيڏڻ وفاق لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. ثقافتي ۽ لساني سڃاڻپن کي صوبائيت جو نالو ڏئي دٻائڻ هڪ زهريلو عمل آهي، جيڪو وفاق خلاف نفرت ۽ نئين جاگرافيائي ورهاست جي بنياد بڻجي سگهي ٿو.
پاڪستان ۾ انتظامي ضرورت جو لبادو اوڍي هڪ اهڙو ايجنڊا مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن کي آئيني ۽ عوامي حمايت حاصل ناهي. جيستائين فيصلا ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۽ نودولتي اشرافيه جي سيمينارن بدران عوامي نمائندن ذريعي نه ڪيا ويندا، تيستائين ڪنهن به ڍانچائي تبديليءَ جو خواب اڌورو ئي رهندو.