نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ ڀارتي سفارتخاني پنهنجي شهرين کي ايران ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا موجب سفارتخاني ڀارتي شاگردن، زائرين، واپارين ۽ سياحن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي جلد کان جلد ايران ڇڏي وڃن.
ڀارتي سفارتخاني هدايت جاري ڪئي آهي ته ڀارتي شهري ايران ۾ احتجاج وارن هنڌن کان پري ۽ سفارتخاني سان رابطي ۾ رهن.
واضح رهي ته ايران ۽ آمريڪا ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران ٻنهي ملڪن جي اعليٰ اختيارين وچ ۾ سڌي ريت رابطو ختم ٿي ويو آهي، جنهن سبب امڪاني حملن جو خدشو وڌي ويو آهي.
You might also like