فيفا ورلڊ ڪپ: آفريڪا کان آمريڪا تائين ”ڊاءِ ڊاءِ“، شڪيرا جي نئين تراني ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڪولمبين گلوڪارا شڪيرا هڪ ڀيرو ٻيهر فٽبال جي سڀ کان وڏي ميلي سان واڳجي ويئي آهي ۽ فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ سندس نئين آفيشل گيت مداحن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
شڪيرا پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ورلڊ ڪپ 2026 جي آفيشل گاني ”ڊاءِ ڊاءِ“ جو ٽيزر جاري ڪيو، جنهن کانپوءِ فٽبال ۽ موسيقي جي شوقينن ۾ نئون بحث ڇڙي ويو آهي.
هي گيت نائيجيريا جي مشهور گلوڪار برنا بوائي جي سهڪار سان تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو 14 مئي رليز ڪيو ويندو،
گاني جي وڊيو برازيل جي تاريخي ماراڪانا اسٽيڊيم ۾ فلمائي وئي آهي، جتي شڪيرا رنگ برنگي رقصائن سان گڏ فن جا جوهر وکيريا آهن، جڏهن ته مختلف ٽيمن جي جرسين جي رنگن ۾ رڱيل پرفارمرز چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
گيت ٽيزر جي صورت ۾ رليز ٿيندي ئي سموري دنيا ۾ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي، رڳو انسٽاگرام تي ان کي ڪروڙين ڀيرا ڏٺو ويو آهي.
واضح رهي ته شڪيرا ۽ فيفا ورلڊ ڪپ جو تعلق ڪو نئون ناهي، 2010 ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ ۾ سندس گيت ”واڪا واڪا“ نه رڳو سپر هٽ ثابت ٿيو پر اڄ به ان جو ڳاڻيٽو عالمي ڪپ جي تاريخ جي يادگار ترين ترانن ٿئي ٿو.
ان کان اڳ هوءَ 2006 ۾” هِپس ڊانٽ لائي“۽ 2014 ۾ ” لا لا لا“ ڳائي فٽبال شوقينن جي دلين ۾ گهر ڪري چڪي هئي.
سوشل ميڊيا تي مداحن شڪيرا جي واپسي کي ”آئيڪونڪ“ قرار ڏيئي رهيا آهن، ڪيئي واهپيدارن ته اهو به چيو آهي ته ورلڊ ڪپ ۽ شڪيرا هاڻي هڪ ٻئي کانسواءِ اڻپورا محسوس ٿين ٿا.
ياد رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2026 آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪئناڊا ۾ گڏيل طور تي 11 جون کان 19 جولاءِ تائين کيڏيو ويندو.
ميگا ايونٽ جي افتتاحي ميچ ميڪسيڪو سٽي جي تاريخي ازٽيڪا اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته فائنل نيو جرسي جي ميٽ لائيف اسٽيڊيم ۾ ٿيندو.
هن ڀيري ٽورنامنٽ ۾ پهريون ڀيرو سُپر بائول طرز جو هاف ٽائيم شو به متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن جي موسيقي جي نگراني ڪولڊ پلي جو ڪرس مارٽن ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.