دنيا هن وقت هڪ انتهائي سنگين بحران جي ور چڙهيل آهي۔ هڪ پل اهو تاثر ملي ٿو ته تڪرار پنهنجي پڄاڻيءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي، ته ٻئي پل خوفناڪ ٽڪراءُ جا خطرا سامهون اچي وڃن ٿا۔ آمريڪي صدر بابت دنيا جي چوٽيءَ جي نفسياتي ماهرن جي گڏيل راءِ آهي ته هو هڪ انتها درجي جو نرگسي ۽ هڪطرفي مزاج رکندڙ شخص آهي۔ اڄ جو بحران به صدر ٽرمپ جي خودپسنديءَ جو نتيجو آهي۔ سندس هڪطرفي سوچ ۽ غيرسنجيده حڪمرانيءَ جي انداز دنيا ۾ هڪ وڏو هُل مچائي ڇڏي آهي۔ سڄي دنيا ان ڳالهه تي متفق آهي ته صدر ٽرمپ 28 فيبروريءَ تي دنيا کي هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو، جتان نڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي۔ هڪ ڏينهن ذهني انتشار ۽ هيجان جي حالت ۾ هو ايڪس پوسٽ ذريعي ايران جون شرطون مڃڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو، ۽ ٻئي لمحي اشتعال انگيز بيان ڏئي ٿو۔ آخري اطلاعن تائين ڳالهين بابت اميد ظاهر ڪرڻ باوجود سندس تازو بيان ڏسو: اسان جنگ کٽي چڪا آهيون، ايران تباهه ٿي چڪو آهي، ايران معاهدي لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي، اسان ڪامياب ٿي ويا آهيون۔ ۽ ساڳئي ساهه ۾ چوي ٿو: اسان هڪ معاهدي جي تمام ويجهو آهيون، نون ايراني اڳواڻن سان اسان جا لاڳاپا گهڻو بهتر آهن۔
سنجيده حلقا به اميد رکن ٿا ته شايد آمريڪا ۽ ايران هن مختصر يادداشت يا ميمو وسيلي ڪنهن معاهدي جي ويجهو پهچي رهيا آهن، پر ڪجهه چوڻ ڏکيو آهي، ڇو ته هر روز ان معاملي تي نيون ۽ هڪ ٻئي جي ابتڙ ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون۔ ڪالهه ئي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو بريفنگ ڏني ته جنگ ختم ٿي چڪي آهي ۽ ايران خلاف آپريشن مڪمل ٿي ويو آهي، ۽ ساڳئي وقت صدر ٽرمپ جي ڌمڪي سامهون اچي وئي ته جيڪڏهن ايران شرطن سان اتفاق نه ڪيو ته بمباري اڳ کان وڌيڪ شدت سان ٻيهر شروع ڪئي ويندي۔ اهڙي حساس معاملي ۾ اهڙا غيرسنجيده ۽ متضاد بيان سڄي دنيا کي پريشان ڪري رهيا آهن۔
جيتوڻيڪ ڊيل يا منصوبو رڳو هڪ صفحي جي ميمو تي ٻڌل آهي، پر ان ۾ بيشمار پيچيده ۽ حساس مسئلا شامل آهن۔ آمريڪا ايران کي هڪ نئون جوهري فريم ورڪ پيش ڪيو آهي۔ جيڪڏهن تهران ان کي قبول ڪري ٿو ته ايندڙ 30 ڏينهن تفصيلي ڳالهين جي شروعات ٿيندي۔ آمريڪا جون بنيادي شرطون ۽ ڳاڙهيون ليڪون هي آهن: ايران يقين ڏياريندو ته هو جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ نٿو چاهي، افزودگي ۽ اصفهان جون جوهري تنصيبات مڪمل طور ختم ڪيون وينديون، زمين هيٺ هر قسم جي جوهري سرگرميءَ تي مڪمل پابندي هوندي، ڪنهن به وقت جاچ جي اجازت هوندي، يورينيم افزودگيءَ تي 20 سالن جي پابندي لڳندي، افزودہ يورينيم جا سمورا ذخيرا ايران کان ٻاهر منتقل ڪيا ويندا، آبنائي هرمز ٻيهر کوليو ويندو، ۽ ان سان گڏ آمريڪا پنهنجي پابندين ۾ نرمي ڪندو، پر اها نرمي ڪارڪردگي ۽ عملدرآمد سان مشروط هوندي، فوري طور نه ڏني ويندي۔
جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه سچ آهي ته پوءِ ايران طرفان منهنجو جواب وصول ڪيو وڃي، ۽ ان کي ايران جي ’ نه‘ سمجهيو وڃي۔ 2015ع ۾ صدر اوباما جي دور ۾ جيڪو JCPOA معاهدو ٿيو هو، ان تي پهچڻ ۾ ٻه سال لڳا هئا۔ سبب اهو هو ته ان تفصيلي معاهدي جا 160 صفحا هئا، ته جيئن ايران ڪنهن قانوني خلا يا شق مان فائدو نه وٺي سگهي۔ تنهنڪري اها اميد رکڻ ته هي معاملو اک ڇنڀ ۾ حل ٿي ويندو، ناممڪن آهي۔ ان تناظر ۾ صدر ٽرمپ جي هڪ ڏينهن ۾ هڪ صفحي واري ڊيل دراصل رڳو هڪ ابتدائي خاڪو يا ڳالهين جو ايجنڊا ٿي سگهي ٿي، جنهن جو مقصد صرف ايترو آهي ته محدود وقت لاءِ ڳالهين جو رستو کليل رهي۔ صدر ٽرمپ لاءِ ان معاهدي تي ايراني صحيون ان ڪري به ضروري آهن، جو هو 14 مئيءَ تي چين جي اهم دوري کان اڳ ڪا مثبت پيش رفت ڏيکارڻ چاهي ٿو۔ هو چين کي اهو تاثر ڏيڻ چاهي ٿو ته جنگ بنديءَ جو معاملو ڪنٽرول هيٺ اچي چڪو آهي۔ ڇو ته چين دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيل ۽ گيس آبنائي هرمز ذريعي خريد ڪري ٿو، تنهنڪري اهو بحران ان لاءِ به انتهائي اهم آهي۔
هن وقت صدر ٽرمپ آمريڪي ڪانگريس، پنهنجي ريپبلڪن پارٽي ۽ عوامي دٻاءُ هيٺ به آهي۔ عوام مهانگي پيٽرول قيمتن کان متاثر آهي۔ ٽرمپ شدت سان چاهي ٿو ته هڪ مختصر، هڪ صفحي واري ابتدائي فريم ورڪ تي صحيون ٿين، ۽ اهي صحيون هر صورت ۾ چين جي دوري کان اڳ ٿين۔ تنهنڪري امڪان آهي ته جيڪڏهن صحيون طئي ٿي ويون ته شايد سومر تائين معاملا طئي ٿي وڃن۔
آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اعتماد مڪمل طور ختم ٿي چڪو آهي۔ ايران آمريڪا جي هر آڇ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ڇو ته هو ڪيترائي ڀيرا دوکو کائي چڪو آهي۔ انهيءَ بي اعتماديءَ جي ڪري جڏهن آمريڪا ڪا نرمي ڏيکاري ٿو ته ايران ان کي دوکو سمجهي ٿو، ۽ جڏهن ايران ڪا نرمي ڏيکاري ٿو ته آمريڪا پنهنجون شرطون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏي ٿو۔ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ايران ڪنهن به صورت ۾ آبنائي هرمز بابت نرمي ڏيکارڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته يورينيم افزودگيءَ بابت به فوري ڳالهه ٻولهه بدران ايندڙ تفصيلي ويهڪن ۾ بحث ڪرڻ چاهي ٿو۔
آمريڪا تي اهو دٻاءُ به آهي ته نئون معاهدو 2015ع واري JCPOA کان وڌيڪ مضبوط ۽ سخت هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته صدر ٽرمپ 2017ع ۾ اهو معاهدو ان دليل سان ختم ڪيو هو ته اوباما جو معاهدو ايران جي حق ۾ هڪطرفو هو۔ ساڳئي وقت ايران به اهو سمجهي چڪو آهي ته آمريڪا ٻيهر مڪمل جنگ ۾ وڃڻ جي سگهه نٿو رکي، ڇو ته پهرين 35 ڏينهن ۾ آمريڪا کي به وڏي تباهيءَ کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔ اهو احساس ڳالهين جي توازن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو۔آبنائي هرمز عالمي توانائي ۽ واپار لاءِ انتهائي اهم رستو آهي۔ ايران ڪنهن به صورت ۾ ان کي ٻيهر آمريڪي اثر هيٺ وڃڻ نه ڏيندو۔ جيڪڏهن آبنائي هرمز تي آمريڪي ڪنٽرول وڌي ٿو ته چين جي معيشت تي هميشه هڪ وڏو خطرو لامارا ڏيندو رهندو۔ ٻئي طرف نار ملڪ به سخت تذبذب ۽ پريشانيءَ جو شڪار آهن۔ وچ اوڀر جو اسٽريٽجڪ توازن تبديل، بلڪه بگڙي چڪو آهي۔ ڪجهه خليجي ملڪ آمريڪا جي وڌيڪ ويجهو ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه ايران سان ڳنڍجي چڪا آهن، جنهن سبب خليجي تعاون ڪائونسل به ڪمزور ٿي رهي آهي۔
حقيقت اها آهي ته هي تڪرار صرف فوجي ناهي، پر سياسي، معاشي، علائقائي ۽ نظرياتي به آهي۔ دنيا جا وڏا وڏا تجزيه نگار حيران ۽ خاموش آهن، ۽ ڪنهن اميد کي پڪڙڻ لاءِ تيار ناهن، ڇو ته اهو هڪ اهڙو بحران آهي جنهن جو ڪو فوري يا سولو حل موجود ناهي۔ اهو هڪ ڊگهو، پيچيده ۽ غيريقيني عمل آهي۔ صدر ٽرمپ هاڻي آمريڪا سميت سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي۔ 28 فيبروريءَ جو اهو منحوس ڏينهن، جڏهن صدر ٽرمپ ۽ نيتن ياهو ايران تي حملو ڪيو، اڄ عالمي سياسي، اقتصادي ۽ علائقائي نظام کي اهڙي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي، جتان نڪرڻ ممڪن نظر نٿو اچي۔