دنيا جي حڪمرانن کي امن ۽ محبت جو ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، جنگين، نفرتن ۽ ڌمڪين کان پاسو ڪرڻ گهرجي

هڪ پاسي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ ختم  ڪرائڻ لاءِ پاڪستان سميت دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڳالهين جو ماحول ٺاهي رهيا آهن ته ٻئي پاسي آمريڪا جو صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي گهٽ ۽ ڪمزور ڏيکارڻ ۽ ان کي چيڙائڻ توڙي غيرت ڏيارڻ وارا روز بيان به ڏئي رهيو آهي ۽ خطاب به ڪري رهيو آهي جيڪو عمل هلندڙ ڳالهين کي سڌو سنئون متاثر ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي. هلندڙ  ڳالهين ۾ ”خاموش“ رهبو آهي جيستائين ڳالهيون ڪنهن نتيجي تي نه پهچن.

هن دنيا جي سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي ته  هتي هر دور جي بادشاهن ۽ حڪمرانن هميشه جنگين، نفرتن ۽ ڌمڪين جي  ٻولي  ڳالهائي آهي. جيڪا ڪنهن به ملڪ جي عوام جي ترجماني ناهي ڪندي. عوام  هميشه امن ۽ محبت جون ڳالهيون ٻڌڻ چاهيندو آهي، اهو نفرتن ۽ جنگين جي باهه ۾ دنيا کي ساڙڻ جي حق ۾ ناهي هوندو. عوام سڀني ملڪن سان امن ۽ محبت رکڻ واري پاليسيءَ جو حامي رهيو آهي پر ان الميئي تي ڇا چئجي ته دنيا جا حڪمران عوام کان امن، خوشحالي ۽ ترقي جي نالي تي ووٽ وٺي اقتدار ۾ ته اچن ٿا پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اهي اسٽيبلشمينٽ جي ڏنل  پاليسين تي هلي سندس خوشنودي چاهين ٿا. گهڻو پوئتي نه وڃجي ته تازو مثال ان ڏس ۾ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو پيش ڪري سگهجي ٿو جنهن چونڊ مهم ۾ عوام کي پروگرام ڏنو هيو ته مان اقتدار ۾ ايندس ته دنيا اندر نه صرف هلندڙ سڀ جنگيون ختم ڪرائيندس پر اڳتي ڪا نئين جنگ به ڪرڻ نه ڏيندس پر دنيا ڏٺو ته هو پنهنجي چونڊ مهم واري ان بيانئي تي نه بيهي سگهيو.

ٽرمپ دعوائون ڪندو آهي ته مون ست جنگيون روڪرايون جڏهن ته حقيقت ۾ هن صرف ڀارت ۽ پاڪستان جي هڪ جنگ ختم ڪرائي جيڪا واقعي به سندس يادگار اڳڀرائي هئي جو هن هڪ ٽيليفون ڪال تي ٻنهي حڪمرانن سان ڳالهائي هڪدم جنگ ختم ڪرائي ڇڏي هئي پر حيرت آهي ته جيڪو ڊونلڊ ٽرمپ اڳتي جنگيون نه ڪرڻ جو چونڊ پروگرام ڏئي اقتدار ۾ آيو هو تنهن نه رڳو ايران خلاف نئين غير ضروري جنگ شروع ڪئي پر ايران جا حڪمران به شهيد ڪيا، باوجود ان جي ته ايران سان سندس ڳالهيون به هلي رهيون هيون ۽ ايران آمريڪا کي لاڳيتو يقين به ڏياري رهيو هو ته اسان جو ايٽمي پرگرام دفاعي مقصد لاءِ آهي ڪنهن اڳرائي لاءِ ناهي. ٻيو ته ائين به ناهي ته ايران دنيا جو ڪو پهريون ملڪ آهي جيڪو ايٽمي ملڪ بڻجڻ چاهي ٿو يا بڻيل آهي. سو اهو اهڙو معاملو آهي جنهن تي ڪنهن ذميدار ملڪ کان ضمانت وٺي ايران کي اعتماد ۾ وٺي سگهجي پيو ۽ ايران هاڻي به اهڙي ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار آهي.  سو دنيا اندر عام تاثر اهو آهي ته آمريڪا غير ضروري طور تي طاقت جو جنگي مظاهرو ڪري سڄي دنيا جي تيل جي معيشت کي به بيهاري ڇڏيو آهي جنهن سبب اهي ملڪ ۽ انهن ملڪن جو عوام به سخت معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن جن جو ان جنگ سان ڪو تعلق به ناهي.

اها به دلچسپ ڳالهه آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ هڪ پاسي اها دعويٰ ڪندو رهيو آهي ته هن جنگ ذريعي ايران جو ايٽمي پروگرام ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻئي پاسي وري ايٽمي پروگرام کي ختم ڪرڻ لاءِ ايران کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڊونلڊ ٽرمپ خود آمريڪا ۾ به ناقابل اعتبار ۽ تڪراري بڻجي ويو آهي. وچ تي اهي به خبرون هلي رهيون هيون ته آمريڪي ڪانگريس ڊونلڊ ٽرمپ کان جنگ ڪرڻ وارو اختيار کسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ڇو ته ان جو خيال آهي ته جيڪڏهن ايران وٽ واقعي به ايٽمي طاقت هجي ها ته هن وقت تائين آمريڪا  جو وجود ئي نه هجي ها. ڊونلڊ ٽرمپ  جي انهن بيانن تي به هاڻي دنيا کلي رهي آهي جنهن ۾ هو روز دعويٰ به ڪري رهيو آهي ته آمريڪا جنگ کٽي چڪو آهي ۽ ٻئي پاسي ايران کي روز ڌمڪيون به ڏئي رهيو آهي سوال اهو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جنگ کٽي چڪو آهي ته پوءِ اهي ڌمڪيون ڇو ۽  ڇالاءِ، بقول ايران جي ته ٽرمپ اهو سڀ ايران کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ چئي رهيو آهي جڏهن ته ايران انهن ملندڙ ڌمڪين جي صورت ۾ ان سان ڪيئن ڳالهين جي ميز تي ايندو. جيڪڏهن آمريڪا جنگ ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي ڪيترن ڳالهين ۾ ڪس به کائڻي پوندي ۽ جنگ جي نقصان جو ڏنڊ به ڀرڻو پوندو. اهو ممڪن ناهي ته صرف ۽ صرف آمريڪا جي خواهش تحت ڳالهيون ڪجن ۽ صرف ان جا مطالبا مڃجن.

سو مجموعي طور تي ڏسجي ته آمريڪا جو رويو ڪنهن  ريت به هڪ ذميوار سپر پاور ملڪ طور سڀني ملڪن کي گڏ کڻي هلڻ ۽ ڇپر ڇانو بڻجڻ جهڙو ناهي. اهو رويو طاقت جي نشي ۾ سرشار رهندڙ حڪمران جو ٿي سگهي ٿو جيڪو دنيا کي پر امن ۽ محبت جوڳو بڻائڻ بدران جنگين ۾ تباهه ڪرڻ گهري ٿو. اهو اصل ۾ پاڳلپڻو آهي ۽ ڪنهن به پاڳل کي ڪنهن سپر پاور ملڪ جو ان ڪري به سربراهه نه بڻائڻ گهرجي جيڪو چرين وانگر ايٽمي طاقت سان دنيا جي ملڪن کي تباهه ۽ برباد ڪندو وتي. دنيا کي اهڙن حڪمرانن جي ضرورت آهي جيڪي صرف ۽ صرف امن ۽ محبت جون ڳالهيون  ۽ دنيا کي اصل ۾ پکين جي آکيرن جهڙ پرسڪون بڻائي ڏيکارين. ڪاش حڪمرانن جي ذهنن ۽ دلين ۾ صوفين ۽ شاعرن جي  سوچ سمائي ڇڏجي جيئن اهي صوفين ۽ شاعرن واري دنيا آباد ڪري سگهن جنهن ۾ جنگين ۽ فسادن جو ڪو تصور نه هجي. جيڪڏهن نه  ته پوءِ سڄي دنيا جي عوام کي سڀني حڪمرانن کان ”امن“ واري دنيا قائم ڪرڻو جو مطالبو ڪرڻ پوندو، ٻي صورت ۾ کين اقتدار ۾ آڻڻ کان جواب ڏيڻو پوندو ۽ ٻڌائڻو پوندو ته اسان کي جنگين ۽ جنگين جا جشن ملهائڻ جي نه پر امن جي نوبل انعام جهڙي جشن جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.