هاويئر کان فلسطين جي حمايت تي اهم پراجيڪٽس کسجي ويا ، ڏُک ناهي، هالي ووڊ کانسواءِ به هلي سگهان ٿو: اداڪار

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) هسپانوي اداڪار هاويئر بارڊم فلمي دنيا جي سڀ کان وڏي ايوارڊ شو آسڪرز 2026 ۾ اسٽيج تي امن جو پيغام ڏيڻ سبب هالي ووڊ جي پراجيڪٽس کان محروم ٿي ويو.

رپورٽ موجب هاويئر بارڊم مظلوم فلسطينن جي حق ۾ سڀ کان وڌيڪ آواز اٿاريندڙ مشهور شخصيتن مان هڪ آهي. هن تازو فلمي دنيا جي سڀ کان وڏي ايوارڊ شو آسڪرز 2026 ۾ به اسٽيج تي غزا ۾ جاري اسرائيلي جارحيت خلاف آواز اٿاريندي فلطسين جي حق ۾ نعرا لڳايا.

رپورٽ موجب هسپانوي اداڪار تازو هڪ ميگزين کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته سندس موقف هن جي ڪيرئير کي متاثر ڪيو آهي. اداڪار پنهنجي تجربي جي ڀيٽ سوزين سيرينڊن سان ڪندي چيو ته اداڪارا 2023 ۾ فلسطين جي حمايت ۾ نڪرندڙ ريلي ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد هن جو به ڪيرئير متاثر ٿيو هو.

هائيور بارڊم چيو ته هن کي نياپو ڏنو ويو ته ڪجهه پراجيڪٽس ۽ برينڊ انڊورسمنٽ هاڻي فراهم نه ڪندا، پر کيس انهن شين سان فرق نٿو پوي ڇاڪاڻ ته هسپانوي اداڪار هجڻ جي ناتي سندس ڪيرئير هالي ووڊ تائين محدود ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته جڏهن هن اڪيڊمي ايوارڊز جي تقريب ۾ فلسطين جي حق ۾ پنهنجو آواز اٿاريو ته کيس منفي رد عمل جي اميد هئي پر اُتي کيس تاڙين جي موٽ ملي جنهن تي هو حيران ٿيو.

هسپانوي اداڪار اهو به ٻڌايو ته هالي ووڊ ۾ ڪيترائي ماڻهو فلسطين جي حمايت ڪندا آهن پر هو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ کان ڪيٻائين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.