هر خاندان کي ماهوار 12 هزار رپيا روڪ ڏنا ويندا، وڏو اعلان ٿي ويو

پشاور(ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم اي اتر وزيرستان ۽ خوست جي متاثرن لاءِ وڏي امداد جاري ڪندي چيو آهي ته هر ڪٽنب کي ماهوار 12 هزار 120 رپيا روڪ ڏنا ويندا، جڏهن ته روڪ رقم کانسواءِ هر خاندان کي ماهوار 8 هزار رپيا ماليت جو فوڊ راشن به فراهم ڪيو ويندو.
صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) خير پختونخوا اتر وزيرستان ۽ خوست جي متاثرن لاءِ جولاءِ ۽ آگسٽ 2025ع جي رهتن جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي مالي امداد جاري ڪرڻ جو باظابطا فيصلو ڪري ورتو آهي.
پي ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مجموعي طور تي 17 هزار 788 متاثر خاندانن کي روڪ رقم ۽ فوڊ راشن فراهم ڪيو ويندو.
خط ۾ چيو ويو ته متاثر خاندانن لاءِ 71 ڪروڙ 86 لک 35 هزار 200 رپيا جاري ڪيا ويا آهن، هر ڪٽنب کي ماهوار 12 هزار 120 رپيا نقد ڏنا ويندا، جڏهن ته روڪ رقم کانسواءِ هر خاندان کي ماهوار 8 هزار رپيا ماليت جو فوڊ راشن به فراهم ڪيو ويندو، اهي ادائيگيون موبائل سمز ذريعي ڪيون وينديون ته جيئن فنڊز جي سڌي ريت ۽ شفاف منتقلي کي يقيني بڻائي سگهجي.
اختيارين هدايت ڪئي آهي ته امدادي فنڊز جي ورڇ وارو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي.
خط ۾ وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي ته اها امدادي رقم رڳو جولاءِ ۽ آگسٽ 2025ع جي عرصي لاءِ مختص آهي، اڻ ورهايل رقم ۽ سروس چارجز 60 ڏينهن اندر واپس جمع ڪرائڻا پوندا.
لاڳاپيل اختيارين کي سمورو رڪارڊ ۽ آڊٽ جا تفصيل پي ڊي ايم اي کي فراهم ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي، هن قدم جو مقصد متاثرن جي معاشي پريشانيون گهٽائڻ ۽ کين وقت سر بنيادي ضرورتون فراهم ڪرڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.