تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته جڏهن به سفارتي طريقي سان معاملا حل ٿيڻ ڏانهن وڌندا آهن ته بلڪل ان موقعي تي آمريڪا هڪ خطرناڪ فوجي مهم جوئي جو چونڊ ڪندو آهي.
سوشل ميڊيا سائيٽ ”ايڪس“ تي جاري ڪيل بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير سوال ڪيو ته ”ڇا هي رڳو دٻاءُ وجهڻ جي هڪ اڻ ڍنگي حڪمت عملي آهي؟ يا وري ڪا ٻي شرپسندي ، جيڪا هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي صدر کي هڪ نئين ڌُٻڻ ۾ ڌڪي رهي آهي؟“
سندس چوڻ هو ته ”سبب ڇا به هجي، نتيجو هميشه هڪ ئي رهندو آهي ۽ اهو هي ته ايراني ڪڏهن به دٻاءُ اڳيان نه جهڪندا آهن.“
عباس عراقچي آمريڪي سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) طرفان ايران جي ميزائل ذخيرن بابت اندازن کي به غلط قرار ڏنو آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته ”اسان جي ميزائل ذخيرن ۽ لانچرز جي صلاحيت 31 مارچ جي ڀيٽ ۾ 75 سيڪڙو ناهي، صحيح انگ اکر 120 سيڪڙو آهن.“
ايراني پرڏيهي وزير جو هي بيان گذريل رات آبناءِ هُرمز ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيل مختصر چڪرين کانپوءِ سامهون آيو آهي.
ٻئي پاسي آمريڪا دعويٰ ڪئي هئي ته سندن فوج گذريل رات ايران ۾ فوجي اڏن تي بمباري ڪئي آهي ۽ اهو قدم آبناءِ هُرمز ۾ آمريڪي سامونڊي جهازن تي ايراني حملن جي جواب ۾ کنيو ويو هو. پر ان جهڙپ کانپوءِ آمريڪي صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ فائرنگ جي باوجود جنگ بندي بدستور برقرار آهي.