ڪجهه سالن کان شدت سان اهو احساس ٿيڻ لڳو آهي ته اهو طبقو، جيڪو اسان جي سماج کي تخليقي، سياسي ۽ معاشي سطح تي سرگرم رکندو هو، هاڻي تيزي سان پنهنجو پاڻ ختم ڪندو پيو وڃي۔ هن سفيد پوش يا وچولي طبقي جي گهٽجندڙ انگن جي تصديق انگ اکر به ڪن ٿا۔ ورلڊ بئنڪ جي هڪ رپورٽ موجب لڳ ڀڳ 45 سيڪڙو پاڪستاني غربت جي ليڪ جي ويجهو يا ان کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن۔ موجود انگن اکرن مطابق 16.5 سيڪڙو ماڻهو انتهائي غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن۔ ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪي ماڻهو اڳ وچولي طبقي ۾ شمار ٿيندا هئا، اهي هاڻي هيٺئين طبقي ڏانهن ڌڪيليا ويا آهن، ۽ جيڪي باقي بچيا آهن، تن کي به ان طرف ڌڪيو پيو وڃي۔ اهڙن ماڻهن جي خريداري جي سگهه ۾ تمام گهڻي گهٽتائي اچي چڪي آهي۔ گذريل ڪجهه سالن دوران وچولي طبقي جي حقيقي آمدني لڳ ڀڳ 55 کان 60 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي۔ ۽ جيڪڏهن آمدني ڪاغذن تي وڌندڙ انگن جي صورت ۾ نظر اچي ٿي ته ان مان دوکو نه کائو، ڇو ته اصل معاملو قوتِ خريد جو آهي، جيڪا انور مسعود جي چوڻ مطابق سج ۾ پيل برف وانگر ڳرندي پئي وڃي۔ يوٽيلٽي بل، خوراڪ ۽ ٻارڻ سڀ مهانگا ٿي چڪا آهن ۽ هن طبقي جي پهچ کان ٻاهر نڪري ويا آهن۔ اها صورتحال ان ڪري به ڳڻتي جوڳي آهي ته هڪ طرف وچولو طبقو غربت جي ليڪ ڏانهن ڌڪيو ويو آهي، جڏهن ته امير وڌيڪ امير ٿيندو ويو آهي۔ مٿئين طبقي ۾ دولت جي هن ارتڪاز سڄي سماج کي غيرفعال بڻائي ڇڏيو آهي۔
جنهن طبقي جو ماتم مان لکي رهيو آهيان، انهيءَ جي ڪري ئي اسان وٽ زندگيءَ جي رونق ۽ چرپر جو احساس هوندو هو، نه ته مٿيون طبقو ته بحرانن ۾ ملڪ ڇڏي ٻاهر هليو ويندو آهي، ڇو ته اتي به انهن جا گهر ۽ ڪاروبار آهن۔ هيٺيون طبقو وري سماجي سرگرمين کان ان ڪري پري رهندو آهي، جو ان کي سڄي عمر روزي روٽي جي ڳڻتي هوندي آهي۔ وچولي يا سفيد پوش طبقي جا ماڻهو ئي ملڪ جي نظام ۾ بهتري لاءِ روڊن تي نڪرندا رهيا آهن۔ سياسي جلسن ۾ به رونق انهن ماڻهن جي هوندي هئي۔ نظريا، انقلاب ۽ تبديلي جا نعرا به اهي ئي ماڻهو هڻندا هئا۔ ادب، شاعري، سياست، صحافت ۽ ثقافت به انهن جا مسئلا هئا۔ پر هاڻي انهن تي اهڙو معاشي بار وڌو ويو آهي جو اهي به روزگار ۽ پيٽ جي چڪر ۾ سڀ ڪجهه وساري ويٺا آهن۔ هن طبقي جو وڏو حصو نوڪري پيشه ماڻهن تي مشتمل آهي، ۽ ٽيڪس جو سڄو بار به صرف پگهاردار طبقي تي آهي۔ ڪمزور معاشي ماڊل ملڪ جي پيداواري صلاحيت کي ڄڻ ته بانجھ بڻائي ڇڏيو آهي۔ صنعتن جي ترقي تقريبن نه هجڻ برابر آهي، ڇو ته توانائي ۽ يوٽيلٽي بحران مان نڪرڻ جي ڪا واٽ نظر نٿي اچي۔ بجلي ۽ گئس ڏينهون ڏينهن مهانگيون ٿينديون پيون وڃن۔ ان تي وري جنگي صورتحال به وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري رهي آهي۔
زرعي ترقي ڏانهن به ڪنهن جو ڌيان ناهي۔ پاڪستان هڪ زرعي ملڪ رهيو آهي، پر اڄ اهو شعبو سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي۔ پاڻيءَ جي کوٽ، پيداواري لاڳت ۾ اضافو، ڀاڻ ۽ ٻج جي مهانگائي، ۽ موسمي تبديليءَ جي اثرن هارين کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي۔ نتيجي طور ڳوٺاڻن آباديءَ جو وڏو حصو شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيو آهي۔ هن لڏپلاڻ هڪ نئين مسئلي کي جنم ڏنو آهي۔ شهرن ۾ آباديءَ جو دٻاءُ وڌڻ سبب رهائش، ٽرانسپورٽ ۽ روزگار جا مسئلا شدت اختيار ڪري ويا آهن، ۽ شهري انفراسٽرڪچر تي وڌيڪ بار پئجي رهيو آهي۔ ساڳئي وقت زرعي زمينون به تيزي سان گهٽجي رهيون آهن۔ هائوسنگ سوسائٽين ۽ بي ترتيب شهري واڌ ويجهه قابلِ ڪاشت زمين کي گهٽائي ڇڏيو آهي۔ ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته زرعي پيداوار متاثر ٿيڻ لڳي آهي۔ خوراڪ جي سلامتي خطري ۾ پئجي وئي آهي ۽ ڳوٺاڻِي معيشت وڌيڪ ڪمزور ٿي رهي آهي۔ جمهوري ادارا هجن يا انتظاميا، سڀ ڪجهه عارضي بنيادن تي هلي رهيو آهي۔ اسان جي ترجيحن ۾ عوام نه، پر اهڙي نظام جو تحفظ شامل آهي، جنهن جي آئين ۾ گنجائش ئي ناهي، پر ان کي سيڪيورٽيءَ جي نالي تي جائز بڻايو ويو آهي۔ مون کي ته ائين ٿو لڳي ڄڻ وچولي طبقي جي هن لاش تي روئڻ وارو به ڪو ناهي۔ اهو لاش، جيڪو دفن به نٿو ٿي سگهي ۽ سرِعام سڙي رهيو آهي۔
پاڪستان ۾ وچولي يا سفيد پوش طبقي جو تيزي سان زوال ڪو معمولي سانحو ناهي۔ اهو طبقو ڪنهن به سماج جي ڪرنگهي جي هڏي هوندو آهي، جيڪو معيشت هلائڻ، ادارن کي مضبوط رکڻ ۽ سماجي توازن برقرار رکڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو آهي۔ جيئن مٿي عرض ڪري چڪو آهيان ته هتي هڪ عجيب معاشي تضاد موجود آهي؛ آمدني سست رفتاريءَ سان وڌي رهي آهي، جڏهن ته خرچ تيزي سان وڌيا آهن۔ نتيجي ۾ استاد، ڪلارڪ، انجنيئر ۽ ڊاڪٽر سڀ ساڳين مسئلن جو شڪار آهن۔ علاج لاءِ ترسڻ، ٻارن جي تعليم جا خرچ پورا نه ٿيڻ، ۽ باوقار زندگيءَ جو خواب ڌنڌلو ٿي وڃڻ جهڙا مسئلا نوجوان نسل کي ملڪ ڇڏي ٻاهر وڃڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن۔ جيڪڏهن اها صورتحال برقرار رهي ته اسان اهڙي سماج ڏانهن وڌنداسين، جتي صرف ٻه طبقا هوندا: هڪ انتهائي امير، ۽ ٻيو انتهائي غريب۔ هڪ طبقو اهڙو، جنهن لاءِ ملڪ سان وابستگي ڪا اهم ڳالهه نه هوندي، ۽ ٻيو اهڙو، جيڪو جيئڻ جي جدوجهد ۾ سڀ ڪجهه وساري چڪو هوندو۔ ياد رکڻ گهرجي ته مضبوط وچولي طبقي کان سواءِ ڪو به سماج پائيدار ترقي حاصل نٿو ڪري سگهي۔ هاڻي سوال اهو آهي ته هن مسئلي جو حل ڇا آهي؟
سڀ کان پهرين، اسان کي جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو ته جيئن حڪومتي ادارا بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن۔ آئين کي وساري ڇڏڻ بدران ان جي تقاضائن کي پورو ڪرڻو پوندو۔ پيچيده عدالتي نظام ۾ سڌارا آڻڻا پوندا ته جيئن عام ماڻهوءَ کي جلد ۽ سستو انصاف ملي سگهي۔ زرعي شعبي جي بحالي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، بهتر آبپاشي نظام، هارين کي سستي اگهه تي زرعي شيون فراهم ڪرڻ، ۽ فصلن جي مارڪيٽن تائين رسائي ۽ مناسب قيمتن جون سهولتون مهيا ڪرڻيون پونديون۔ ڳوٺاڻن علائقن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا ته جيئن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ گهٽ ٿئي۔ شهري منصوبابندي بهتر بڻائڻي پوندي ته جيئن زرعي زمينون محفوظ رهي سگهن۔ صنعتي شعبي کي سستي توانائي ۽ پاليسيءَ جو استحڪام فراهم ڪرڻو پوندو۔ نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا پيدا ڪرڻا پوندا، ۽ برين ڊرين کي روڪڻ لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، جتي صلاحيتن جي قدر ڪئي وڃي۔ پگهاردار طبقي کي فوري رليف ڏيڻ ضروري آهي۔ ٽيڪسن ۾ نرمي، ضروري شين تي ٽيڪس گهٽائڻ، ۽ هدف بڻايل سبسڊي جهڙا قدم ناگزير آهن۔ مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻو پوندو۔ ان لاءِ توانائي شعبي ۾ سڌارا، خوراڪ جي سپلاءِ چين کي بهتر بڻائڻ، ۽ ذخيره اندوزيءَ خلاف سخت قدم کڻڻ ضروري آهن۔ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي هٿي ڏيڻ، برآمدات وڌائڻ، ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري اهڙا قدم آهن، جيڪي وچولي طبقي کي ٻيهر مضبوط ڪري سگهن ٿا۔ توانائي کي سستو ۽ عام ماڻهن جي پهچ ۾ آڻڻو پوندو۔ سولر ۽ ونڊ انرجِي جهڙن متبادل ذريعن کي عام ماڻهن لاءِ آسان بڻائڻ هڪ اهم قدم ٿي سگهي ٿو، ۽ متبادل توانائيءَ جي ذريعن جي حوصلا شڪنيءَ وارو رويو ختم ڪرڻو پوندو۔ سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط ڪرڻو پوندو۔ صحت، تعليم ۽ رهائش جهڙن بنيادي شعبن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي؛ انهن کي خانگي بڻائي واپار جو ذريعو بڻائڻ ظلم جي برابر آهي۔ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻا پوندا ته جيئن بار منصفاڻي نموني ورهايو وڃي ۽ هر طبقو پنهنجي حيثيت موجب حصو وجهي۔ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته تعليم ۽ مهارتن تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي، ته جيئن ماڻهن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملي سگهن ۽ معاشي ترقيءَ ۾ سڀني جي شموليت يقيني بڻجي سگهي۔
هي وقت صرف ڳڻتيءَ جو نه، پر عمل جو آهي۔ جيڪڏهن اڄ اسان صحيح فيصلا نه ڪيا ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندو۔ وچولي طبقي جي بحالي دراصل پاڪستان جي بحالي آهي۔ آخر ۾ مان رڳو اهو چوڻ چاهيندس ته هڪ مضبوط، خوشحال ۽ متوازن پاڪستان جو خواب تڏهن ئي حقيقت بڻجي سگهي ٿو، جڏهن ان جو وچولو طبقو مضبوط، باوقار ۽ سرگرم هجي۔