قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو جي سال 2025 لاءِ باڊي چونڊي وئي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو جي سال 2025 لاءِ باڊي چونڊي وئي.
سرپرست اعليٰ انور علي ابڙو جي نگراني ھيٺ نئين باڊي چونڊي وئي، جنهن تحت عبدالوحيد ابڙو کي صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته نائب صدر عبدالهادي ڀنگر، سينيئر نائب صدر حسين بخش ابڙو ، جنرل سيڪريٽري مجاهد علي ڪلهوڙو، جوائنٽ سيڪريٽري آغا نعيم اڪبر ابڙو ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد موسيٰ مستوئي، خزانچي عمران علي دايو کي چونڊيو ويو.
آفيس سيڪريٽري اڪبر سنڌي، آفيس سيڪريٽري عبدالمجيد اوڍاڻو، انفارميشن سيڪريٽري امان الله کوسو، صدر ڪيميرامين عبدالنبي چانڊيو ۽ ٻيا عھديدار چونڊيا ويا.
ورڪنگ ڪميٽي ميمبرن ۾ چيئرمين انور علي ابڙو، امير بخش لاڙ، عبدالفتاح چنو، عرفان علي، ساجد شيخ، سائل عباس سولنگي چونڊيا ويا.
نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي گلن جا هار پارا يا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.