استاد بخاري: سچ، سونهن ۽ سنگيت جو شاعر

تحرير: سيد مختيار علي

اُستاد بخاري 16 جنوري 1930ع ۾ ڄائو سندس نالو”پنهل شاهه“، جنهن جو نالو بعد ۾ بدلائي سيد احمد شاهه بخاري رکيو ويو، سنڌ جو مشهور ترقي پسند سنڌي شاعر هو شاعريءَ جي ميدان ۾ سندس تخليقي ڪمن لکين ماڻهن جي سوچ کي مٽائي ڇڏيو ۽ کيس سڄي سنڌ توڙي پرڏيهه ۾ مڃتا ملي. هو عوام جي شاعر طور مشهور هو ۽ بلاشڪ هو ان ڪري به هو، جو هن پنهنجي جذبات جو اظهار عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ ڪيو.

1944ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ بعد بخاري تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. 1951ع کان 1952ع تائين مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج مان، اديب سنڌي ۽ اديب فاضل جي ڊگري حاصل ڪئي. هن 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 1967ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار طور نوڪري ڪئي. ان بعد کيس اسسٽنٽ پروفيسر طور پروموشن مليو ۽ هو پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. استاد ۽ شاعر طور سندس ڪيل خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس وفات کان پوءِ سنڌ حڪومت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج دادو جو نالو استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو رکيو.

استاد بخاري پنهنجي شاعري ذريعي سنڌ جي ثقافت، زندگي جي طرز ۽ مقامي ماڻهن جي مشڪلاتن ۽ جدوجهد سميت مختلف مسئلن تي ماڻهن جي رهنمائي ڪئي سندس شاعريءَ سنڌ جي هارين ۽ پورهيت طبقي کي همٿايو آهي. استاد بخاري جي شاعريءَ ۽ نثر ۾ هڪ منفرد ڊڪشنري هئي. استاد بخاري کي سنڌ يونيورسٽي خاص ڪري ان جي ماحول سان تمام گهڻي محبت هئي. سندس شاعريءَ ۾ سنڌ جي چڱيءَ طرح عڪاسي ٿيل آهي. هن ماڻهن کي سيکاريو ته مشڪلاتن کي منهن ڪيئن ڏجي ۽ زندگي سان پيار ڪيئن ڪجي.

استاد بخاري سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل تي ڌيان ڏنو ڇاڪاڻ ته هو هڪ غير تڪراري، انتهائي ٻاجهارو ۽ پيار ڪندڙ  شخص هو. سندس شاعري شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جو تسلسل آهي. استاد بخاري نه رڳو شاعر پر هڪ عالم به هو، جنهن پنهنجي شاعري ذريعي غريبن ۽ مسڪينن جي رهنمائي ڪئي.

شاعر سماج جو نمائندو هوندو آهي. هو پنهنجي عوام لاءِ وڙهندو آهي، مظلومن کي همٿائيندو آهي، مايوس ماڻهن ۾ اعتماد ڀريندو آهي، ملڪ جي غلط سياستدانن ۽ فاشسٽ عنصرن تي تنقيد ڪندو آهي، عام ماڻهن جي رهنمائي ڪندو آهي.  سنڌ هر دور ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن. استاد بخاري به انهن مان هڪ آهي. ڇوته رومانوي شاعريءَ کان سواءِ ڪو به شاعر وجود نٿو رکي، ائين ئي استاد بخاري جو به آهي. سندس رومانوي سٽون محبوبن جي ساراهه کي ڇهندڙ انسان، ملڪ ۽ ڌرتيءَ جي اجتماعي محبت تائين پهچن ٿيون. تجربو، مراقبو، دوستي، ماحول ۽ رسمي ۽ غير رسمي تعليم شاعر سميت تخليقي ماڻهن جي اڏاوت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.

استاد بخاري وڏيون تحريڪن  ۾ پڻ حصو ورتو آهن. جهڙوڪ جنرل ايوب جي دور ۾ ون يونٽ جو آغاز، جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ 83ع واري تحريڪ وغيره. سندس قلمي دوستن ۾ محمد ابراهيم جويو، سراج ميمڻ، رسول بخش پليجو، الله داد ٻوهيو سميت ٻيا ڪيترائي  نالا شامل آهن، جن سندس فڪر کي پختو ڪرڻ ۽ شاعراڻي صلاحيتن کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڳوٺاڻي ماحول ۾ پرورش ٿيڻ ڪري هن کي ڳوٺاڻن سان بيحد پيار آهي.

استاد بخاري سنڌ، هارين، پورهيتن ۽ سمورن مظلومن جي خلوص دل سان نمائندگي ڪئي آهي. هن اجتماعي ڀلائيءَ کي ذاتي کان به وڌيڪ ترجيح ڏني آهي. سندس زندگيءَ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪڏهن به پنهنجي سوچ کان پاسو نه ڪيو آهي، نه ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ شعر لکيا آهن ۽ نه وري پنهنجي زندگيءَ کي سهڻو بنائڻ لاءِ ڪو انعام حاصل ڪيو آهي. هو عوامي شاعر طور سڃاتل هو ۽ آخري ساهه تائين انهن لاءِ شمع وانگر رهيو. اهو ئي سبب آهي جو هن پنهنجي فن ذريعي عام ماڻهن تي راڄ ڪيو آهي، جنهن کي مقامي گلوڪارن محفلن ۽ ڪيسٽن ۾ سينگاريو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.