سنڌي سماج ۾ ميڊيا جو ڪردار

تحرير: ادريس چانڊيو

عوامي آواز ۾ڪالم لکڻ دوران هڪ مرحلي تي لکي  چڪو آهيان ته ننڍن پارٽين جا وڏا اڳواڻ اهو ڇونه ٿا مڃن ته سنڌ ۾ سياست، صحافت ۽ ادب جا محاذ هڪ ئي وقت ڪمزورٿي ويا آهن. اڄوڪي ڪالم ۾ سنڌ اندر صحافت يا ميڊيا بابت مختصر بحث ڪري رهيا آهيون. ميڊيا جي طاقت کي ڪنهن به ريت ماپي ۽ توري نٿوسگهجي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري ترقي ميڊيا جي اوسر واري عمل ۾ صحافت جو سفر   جلد ئي بلندين تي پهچندو، ڇو ته 21 صدي ميڊيا جي عروج جي صدي آهي.

ميڊيا وسيع معنيٰ رکندڙ لفظ آهي، صحافت کي عام طور اخباري دنيا جو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. اخباري دنيا کي پرنٽ ميڊيا ۽ ريڊيو، ٽي وي کي اليڪٽرانڪ ميڊيا سمجهيو پيو وڃي. اهڙي طرح فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ وغيره کي سوشل ميڊيا جو نالو ڏنو ويو آهي. صحافت، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا اصل ۾ اطلاع پهچائڻ، نياپو يا پيغام ڏيڻ آهي. صحافت جو بنياد به انساني تهذيبن سان گڏ پيو آهي. صحافت کي به جيڪڏهن گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار سال پراڻو سمجهجي ته ڪو وڌاءُ نه آهي. پٿرن تي اُڪريل حڪم ناما صحافت جي ابتدائي شڪل هئي، ڪاڳر جي ايجاد کان پوءِ صحافت جو ڪلچر وڌيو.

19  صدي ۾ ڇپائي جي جديد سهولتن ملڻ سان صحافت جي موجوده شڪل سامهون آئي آهي.

1605ع ۾”تعلقات“ نالي مختصر صفن واري اخبار جرمني ۾ ڇپجي ماڻهن جي هٿن ۾ آئي. 1901ع ڌاري ريڊيو ايجاد ٿيو. 1920ع ۾ ٽي وي وجود ۾ آئي. 1971ع ۾پهريون دفعو اي ميل جي نظام وجود ورتو. 2002ع ۾ ويب سائيٽ، 2004ع ۾ فيس بوڪ ۽ 2005ع ۾ يوٽيوب اچي ويا. 2009ع ۾ واٽس ايپ وجود ۾ آيو. جيڪو فيس بوڪ جو حصو آهي. اربين ماڻهو واٽس ايپ کي استعمال ڪن ٿا ۽ اهڙي ريت هن وقت دنيا جا اربين ماڻهو ميڊيا وسيلي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن.

رياست يعني جديد جمهوري رياست جي تشريح ۾ رياست جا بنياد انتظاميا، قانون ساز ادارن، عدليا ۽ پريس ٻڌايا وڃن ٿا. چوٿون بنياد رياست جي ايترو قابو ۾ نه هوندو آهي. جيترا ٻيا ٿنڀا. ميڊيا سياست ۽ سياسي اڳواڻن لاءِ مواصلاتي گاڏي آهي. جنهن جي ذريعي سياستدان عوام مٿان اثر انداز ٿين ٿا، ووٽ حاصل ڪن ٿا ۽ حڪومت جي منزل تي پهچن ٿا. بهرحال خيالن جي تشهير جو سڀ کان وڏو ۽ طاقتور ذريعو هن وقت ميڊيا آهي.

گهڻي ڀاڱي ميڊيا کي نفسياتي جنگ طور استعمال ڪيو ويو آهي ۽ ڪيو پيو وڃي. ٻي عالمي جنگ ۾ نيوز ميڊيا ۽ ٻين ذريعن کي پرچار طور بيدرديءَ سان استعمال ڪيو ويو. مالدار ڪمپنيون اشتهارن کي عام ماڻهن کي قائل ڪرڻ ۽ مخالفن کي شڪست ڏيڻ لاءِ استعمال ڪن ٿيون، ضرورت وقت ساڳيو عمل رياستون ۽ حڪومتون دهرائن ٿيون. حڪمران ۽ طاقتور طبقا نفسياتي جنگ جو هٿيار ان لاءِ استعمال ڪن ٿا ته دماغن ۽ دلين تي قبضو ڪريو ته جيئن عام عوام جو روح هنن جي پيروي ڪري.اصل حقيقتن کي لڪائڻ لاءِ منظم عمل نفسياتي جنگ جو حربو آهي. جنهن ڪري دنيا وڌيڪ پيچيده ٿي وئي آهي. ڇوته سچ ماڻهن تائين نٿو پهچي.

نفسياتي جنگ به ٻين علمن وانگر سائنس آهي. جيڪا اڄوڪي دور ۾ هر هنڌ ۽ هر طرف موجود آهي ۽ ڪم ڪري پئي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هي سائنس نئين ۽ پراڻي زماني کي جدا ڪري ٿي. ڇوته اقتدار جو افسانو سچائي ۽ تاريخ کان وڌيڪ ماڻهن کي تڪڙو متاثر ڪري وجهي ٿو. نفسياتي جنگ جو بنيادي مقصد منظم پرچار ذريعي مخالفن جي راءِ، جذبات ۽ روين تي اثر انداز ٿيڻ هوندو آهي. نفسياتي جنگ اصل ۾ دماغي جنگ آهي، جيڪا آواز، انداز ۽ نظر سان وڙهي ويندي آهي. پيغام جي هٿيار جي اهميت اها آهي ته آواز ٻڌندڙن تي اثر انداز ڪيئن ٿجي؟

سويت يونين جي زوال سرد جنگ جو خاتمو آندو ۽ ٻن بلاڪن واري دنيا گلوبل وليج جي شڪل اختيار ڪري ورتي. پورهيت نظريي واريون رياستون به سرمائيدارن جي قبضي ۾ اچي ويون. دنيا ۾ هن وقت 08 ارب انسان رهن ٿا. اهڙي ريت هڪ پل ۾ 08 ارب خيال ۽ سوچون جنم وٺن ٿيون. طاقتور قوتن پاران قائم ڪيل ايڊوانس ادارن ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي انهن خيالن تي قبضو ڪيو وڃي ٿو يا انهن کي چيڪ ڪري پوءِ اڳتي ڇڏيو وڃي ٿو. جيئن درياهن مٿان بئراجن جو نظام قائم آهي. اهڙي ريت خيالن جي درياهن تي به ڪنٽرول سسٽم موجود آهي. ظلم، ناانصافي، ڏاڍ، حڪمران ۽ ظالم طبقن خلاف اٿندڙ خيالن نظرين ۽ تحريڪن کي لڪايو وڃي ٿو. پراڪسيوار ۾ ڪوڙيين خبرن کي هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.

اسان جي معاشري ۾ ساڳئي وقت مغرب جي طاقتور عالمي ميڊيا، پاڪستان جي اردو ميڊيا ۽ ڪمزور شڪل ۾ سنڌي ميڊيا جي پهچ موجود آهي. جديد دور جي فنامنا سڄي دنيا کي لوڏي وڌو آهي. فطرت ۾ بي ڍنگائپ، بي قائدگي، بي ترتيبي، مونجهارا پيدا ڪرڻ، نظرين کان انڪار، ڄاڻ جي جڳهه تي اطلاعات کي اهميت ڏيڻ، ماضي کان انڪار، تاريخ کان انڪار، اجتماعيت کان انڪار، مرڪز کان انڪار انفراديت واري نظريي جا بنياد آهن. Hi Reality يعني ڪوڙ کي سچ سمجهڻ ۽ نتيجا پرستي جي راهه تي هلڻ لاءِ عالمي ميڊيا کي استعمال ڪيو پيو وڃي.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جهڙي ريت رياست جي حڪمراني تي مستقل مفاد، عوام دشمن گروهن جو قبضو ٿي ويو، اهڙي ريت ميڊيا تي به پڻ رياستي ڪنٽرول سبب انهن مستقل مفاد گروهن جي سوچ وارن جو قبضو ٿي ويو. اردو ميڊيا وڌيڪ تعصب جو شڪار رهي. تاريخي قومن جي وطنن، مقامي ٻولين، ڪلچر. تهذيب ۽ حقيقي وفاق کان انڪار تي بيٺل بيانو جوڙي پرچار ڪري، رياست جي سيڪيورٽي مفاد کي پاڪستان جو قومي مفاد سڏيو ويو. رياست جي سرحدن جي بچاءَ جي تحفظ بجاءِ نظرياتي سرحدن جو راڳ ڳايو ويو. مذهبي جنونيت کي وڌايو ويو. قومن جي برابري، انسان دوستي، عوام دوستي، رواداري ۽ برداشت کان خالي سوچ کي مسلسل اڀاريو ويو. جنهن سان قومن وچ ۾ اعتماد حقيقي وفاق جڙي نه سگهيو ۽ حقيقي جمهوريت جا مضبوط بنياد  پئجي نه سگهيا.

اسان جنهن سنڌ ۾ رهون ٿا، ان جي پنهنجي تاريخ، روايتون، سياسي سماجي بيهڪ ۽ ان ۾ ميڊيا جو پنهنجو الڳ معيار آهي. سنڌ ۾ پرنٽ ميڊيا، سنڌي اليڪٽرانڪ چينل ۽ هاڻ سوشل ميڊيا جنهن کي ڪروڙين ماڻهن سان گڏ عورتون ۽ نوجوان استعمال ڪري رهيا آهن. سنڌي ميڊيا سنڌي معاشري ۾ وڏي سجاڳي پيدا ڪئي آهي. ظلم، بربريت، ناانصافي خلاف ۽ انساني حقن سميت شهري حقن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ جا پريس ڪلب عوامي احتجاج جا مرڪز آهن.

جيئن ته بدقسمتي سان ملڪ اندر ڪنٽرولڊ جمهوريت سان گڏ ڪنٽرولڊ ميڊيا آهي. سنڌي ميڊيا مسلسل وڌيڪ قبضي ۽ دٻاءَ جو شڪار رهي آهي. نون صحافين لاءِ نه ڪشش آهي نه ئي سکيا جو بندوبست. اداري ۽ فيلڊ ۾ ڪم ڪندڙ جاکوڙي سنڌي صحافين کي وقت تي مناسب پگهارون ملڻ ۾ مشڪل پيدا ٿي رهي آهي. حڪومتي اثر رسوخ، ميڊيا مالڪن جي ڪاروبار مفادن، معاشري ۾ موجود تشدد، دٻاءُ ۽ ڪيترن صحافين جي شهادتن سبب صحافتي ڪردار ڪمزور ٿي رهيو آهي.

سنڌي ميڊيا دنيا جي صحافتي معيار تي ڪڏهن پهچندي. راءِ عامه کي منظم ڪرڻ وارو ڪردار ادا ڪيئن ڪندي، نون صحافين لاءِ ڪشش جو سبب ٿيندي ٿا نه. قومي مفادن جي تحفظ سان گڏ سنڌ جي قومي ورثي کي بچائڻ جو عوامي سجاڳي وارو فرض پورو ڪيئن ڪندي؟ ان کان وڌيڪ به سوال هي آهي ته سنڌي عوام جي دماغن ۽ دلين کي ٻاهرين نفسياتي يلغار کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيندي يا نه؟ اميد ته سنڌ ۾ موجود سوشل ميڊيا وارو لشڪر، سنڌ جي قومي مفادن ۽ ڏيهي پرڏيهي حالات کي سمجهندي، سوشل ميڊيا جي استعمال وقت ذهني خانه جنگي پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.