بنگلاديش ۽ ھندستان ۾ سرحدي ڇڪتاڻ جي اصل ڪھاڻي

 بنگلاديش ۾ سياسي منظرنامو تبديل ٿيڻ بعد هندستان سان سرحد تي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. تازو اھڙو تڪرار ڊگهو ٿي ويو آهي.تڪرار تڏهن وڌيو جڏهن اولهه بنگال ۾ بنگلاديش بارڊر گارڊز جي ھڪ بٽالين جي ڪمانڊر بيان جاري ڪيو، ته ”ڪوٽليا نديءَ جي ڪناري تي پنج چورس ڪلوميٽر جي علائقي تي قبضو ڪيو ويو آھي“جنھن تي بنگلاديشي پرڏيهي وزير جي سيڪريٽري محمد جاشم الدين ڍاڪا ۾ هندستاني هاءِ ڪمشنر پرنائي ورما کي طلب ڪري پيغام ڏنو ته هندستان اهڙي ”چڙ ڏيندڙ ڪارروائي“ کان پاسو ڪري.ھندستاني ميڊيا موجب، بنگلاديس تازين ڪارروائي تي ڳڻتي ظاھر ڪندي سرحد تي ڪنڊيدار تار وڇائڻ کي غيرقانوني قرار ڏنو.ڍاڪا الزام لڳايو ته هندستان ٻه طرفي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي سرحد جي پنجن هنڌن تي واڙ لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.اولهه بنگال ۾ هندستان ۽ بنگلاديش جي ڊگهي لڳندڙ سرحد آهي.

ڪجهه وقت کان هن سرحد تي ڪيترائي واقعا ٿيا آهن، جنهن جي ڪري ٻنھي ملڪن جي  بارڊر فورسز ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.گذريل هفتي  ٻنھي ملڪن جي فورسز  ۾ ”فليگ ميٽنگ“ پڻ ٿي.ٻنهي فوجن ۾  جهڙپ جي تصديق ٿيل رپورٽ نھ آئي آھي، پر ڪيترن ئي هنڌن تي ڇڪتاڻ  موجود آهي.ساڳئي وقت سرحدي پوسٽ تي سينيئر هندستاني آفيسرن ۽ بنگلاديشي محافظن جي هڪ هنگامي فليگ ميٽنگ ٿي آھي.فليگ ميٽنگ تڪرار جي صورت ۾ ٻنهي پاسن جي آفيسرن جي وچ ۾ مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سڏائي ويندي آهي.چيو پيو وڃي تھ  بنگلاديش بارڊر سيڪيورٽي فورس آفيسر جي بيان  مونجهارو پيدا ڪيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته هن وقت صورتحال ساڳي اڳ  جھڙي آهي ۽ سرحد جي ٻنهي پاسن تي امن قائم آهي.اولهه بنگال قانون ساز اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ، سبندو اختياري سوشل ميڊيا پيج تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي. جنهن کان پوءِ  واڙ لڳائڻ جو ڪم ڪجهه وقت لاءِ روڪيو ويو.انڊين بارڊر سيڪيورٽي فورس جو چوڻ آهي ته بنگلاديشي بارڊر گارڊ آفيسرن کي ڄاڻ هئي ته هندستاني سرحد تي خاردار تار لڳائي پئي وڃي.تار لڳائڻ جو ڪم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ معاهدي جي بنياد تي ڪيو پيو وڃي.غلط فهمي دور ٿيڻ کان پوءِ، تارون لڳائڻ جو ڪم ٻيهر شروع ٿي ويو آهي.

1971 ۾ آزاد ٿيڻ کان وٺي  بنگلاديش جا هندستان سان دوستانا لاڳاپا رهيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو هندستان-بنگلاديش سرحد تي صورتحال ڪڏهن به خراب نه ٿي آهي. پر بنگلاديش ۾ هاڻي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو واضح ڪري ٿو ته انهن جي وچ ۾ تڪرار پيدا ٿيندو.سرحدي ڳوٺن جا ماڻهو هميشه پنهنجي حفاظت بابت ڳڻتي ۾ رهندا آهن. هتي ڪيترائي اهم علائقا آهن جتي ڪا به تار ناهي. اهڙين هنڌن تي، شهري پاڻ دفاع ڪندا آهن.سيڪيورٽي جا انتظام وڌايا ويا آهن. نگراني لاءِ ڪيمرا لڳائڻ ۽ رات جو گشت  شروع ڪيو ويو آهن.

ميڊيا رپورٽ مان ظاھر ٿئي ٿو تھ ٻنھي ملڪن وچ ۾ سرحدي ڇڪتاڻ ھندستان اندر سياسي ڌرين جي تڪرار ڪري بھ وڌيڪ فوڪس ٿي رھيو آھي. ھندستاني رياست اولھه بنگال جي  وڏي وزير ممتا بنرجي چيو آھي ته انھن علائقن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتي مبينا طور تي دراندازي ٿي رهي آهي. ھن جو چوڻ ھو تھ سرحدي سيڪيورٽي جي ذميواري ترنمول ڪانگريس يا رياستي پوليس تي ناهي،بارڊر سيڪيورٽي فورس جو ڪم آهي. اهي دراندازن ۽ ڏوهارين جي مدد ڪري رهيا آهن.ممتا بنرجي جي بيان کان پوءِ، بي ايس ايف جي ڏکڻ بنگال بارڊر ايريا جي ڊپٽي ڪمشنر آف پوليس نيلوتپال ڪمار پانڊي چيو ته اهڙا بيان بارڊر سيڪيورٽي فورس جا حوصلا پست ڪري رهيا آهن.ھوڏانھن بي جي پي، وڏي وزير ممتا بنرجي جي بيان خلاف جارحاڻو موقف اختيار ڪري رهي آهي. مخالف ڌر جي اڳواڻ سبيندو اختياري وڏي وزير کي خط لکي ڪيترائي سوال اٿاريا آهن.هن اهو به چيو ته اولهه بنگال ۾، رياستي حڪومت بنگلاديش جي سرحد سان لڳ ڀڳ 300 ڪلوميٽر خاردار تار لاءِ زمين مختص ڪرڻ ۾ به سستي ڏيکاري رهي آهي.گھڻو امڪان آھي تھ اھو معاملو جلد ئي حل ٿي ويندو. پر ٻنھي ملڪن وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ جي ڪري ڪنھن بھ مرحلي تي ڪو ٻيو معاملو اڀري سگھي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.