پرڏيهي قرض جو وڌندڙ بار ۽ حڪمرانن جا شاهي خرچ

تحرير: رياض ابڙو 

حڪومت جو ڌيان رڳو پيٽرول، گيس، بجليءَ جي قيمتن وڌائڻ تي مرڪوز آهي، ٻيا ترقياتي ڪم وڃي پون کڏ ۾. حڪومت اهو پختي طرح سمجهي ٿي ته آءِ ايم ايف کان رهيل قسط ۽ رقم جيڪا هن سال ملڻي هئي سا رقم هاڻي نه ملي سگهندي، پر ناڻي واري وزير ته جُتيون کسائي ڇڏيون آهن، ڪڏهن آمريڪا آن لائين ميٽنگ ڪري ٿو وٺي ته ڪڏهن دوها ۾ ميٽنگ جي ڀڄ ڀڄان لڳي پئي اٿس. ان قسط وصول ڪرڻ جي لاءِ رڳو اهو پريشر اٿن ته هي سرڪار گيس، بجلي ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائڻ واري ڳالهھ تي صحيون ڪري، ٽيڪس جي رڪوري ڪري ڏيکاري جنهن جو هنن واعدو ڪيو هيو، نه ته ٻي صورت ۾ اهي 2 ارب ڊالرن جي قسط نه ملندي. پر حيرت اها به آهي هي شهبازسرڪار رڳو پيٽرول جي قيمتن تي سياست ڇو ٿي ڪري. جيڪڏهن پيٽرول سستو ٿو ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ ٽرانسپورٽيشن ۽ ڪرايا کڻي سستا ٿين ۽ مهانگائيءَ تي ضابطو اچي، پر اهو به ناهي. ان سان گڏ حڪومت جي فرضن ۾ اهو به آهي ته هو ٻين ڳالهين تي به توجهھ ڏين، جنهن ۾ امپورٽ، ايڪسپورٽ، ماڻهن جي في ڪس ڪمائي، روزگار ۽ انهن سان لاڳاپيل روپئي جي قدر جي ڳالهھ ڪن. پر هنن جي اچڻ سان ته ڊالر کي پر لڳي ويا، غريب ماڻهن جي وڌايل منيمم ويجز واري ڳالهھ ته ڪنهن به ڪم جي نه ٿي، جو اٽي ٻاٽ، گيهھ کير کنڊ ۽ عام واهپي جون شيون روز روز ٻيڻيون ٿينديون پيون وڃن.

اها ڳالھه چٽي آهي ته نون ليگ جي سياست اڃان تائين نيپوٽزم مان نڪري ناهي سگهي. تيئن ئي پي ٽي آءِ وارن جي قول ۽ فعل جي تضاد واري سياست ساڳي هلندي پئي اچي. عمران خان اڃان تائين ڪنٽينرن جي سياست ۽ سول نافرماني واري سوچ مان ٻاهر نڪري ناهي سگهيو.  پيپلزپارٽي ڪرپشن جا الزام سهي سهي مڙئي ٿورو ٿَڪو ڪم به ڪرائي ٿي وڃي پر ماڻهن کي پوءِ به لالوکيت لنڊن جهڙو گهرجي ۽ ڪورنگي کي ڪوريا جهڙو ڏسڻ ٿا چاهين. ڳالھه اها به آهي ته هي ويچارو عمران خان ته سياسي نريٽو ڦيرائي ڦيرائي وري ساڳي ڳالهھ تي بيهي ٿو رهي.

گذريل سال حڪومت قومي اسيمبلي ۾ اي وي ايم (اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين) جو بل نامنظور ڪرائي ان مشين کي مورڳو ئي ختم ڪي ڇڏيو هيو، ان ڪري جو ملڪ اهڙن آئينن ۽ قانونن جي ذريعي ئي هلائي سگهجي ٿو نه ڪو ڪو انارڪي ۽ فاشٽ سياست جي ڪري. ماڻهن ۾ تخريبڪاري ڦهلائي، ماڻهن ۾ انتشار ڦهلائجي، بيڪار سياست نه ڪجي. عمران خان جي پهرين دور جڏهن هن اڃان 2018 واري اليڪشن کٽي ڪرسي جا مزا نه ڏٺا هيا تڏهن هر ماڻهو واقعي ئي تنگ هيو ته هنن چورن مان جان ڇٽي، ماڻهو سمجهن پيا ته هنن چورن واقعي ئي ملڪ لٽي ڇڏيو آهي، هنن چورن ته ايڏي ڪرپشن ڪئي آهي (يا ڪن ٿا) جو سڄي ملڪ جي دولت مان هنن رڳو ”ايون فيلڊ“ لنڊن ۾ هڪڙو فليٽ ورتو آهي. هنن ايتري ڪرپشن ڪئي آهي جو ان ڪرپشن جي پئيسن مان پنج يا اٺ لينڊ ڪروزر وي 8 گاڏيون گهرائي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو اٿن، چار هزار کان مٿي گاڏيون رڳو عسڪري ادارن جي اڳواڻن کي گهرائي ڏنيون اٿن، پر جي خرچ جو حقيقي موازنو ڪيون ته اهي سڀ چور جيڪڏهن سڀ پئيسا موٽائي ڏين به يا ايون فيلڊ کپائي ڏين، لينڊ ڪروزر گاڏيون کپائي ڏين به ته ملڪ جي هڪ ڏينهن جو خرچ به نه هلائي سگهندا، ان ڪري جو ملڪي خزانو مشڪري ناهي، پر سسٽم خراب آهي، جنهن ۾ خرچ ۽ آمدني  توازن رکڻ ضروري آهي ان ڪري ته نوازشريف ۽ زرداري صاحب پنهنجي پنهنجي ڪمپنين جي آڊٽ ۽ نگهباني ته ڪن ٿا پر ملڪي ناڻو دشمن جو مال ٿا سمجهن جنهن ۾ ايمانداري جي ڳالھ ئي ناهي يا ڪا آڊٽ يا وٺ پڪڙ ناهي جنهن ۾ ڪير پڇا ڳاڇا ڪري سگهي ته جيڪي غريب ماڻهو ڪمائن ٿا انهن مان به رياست حصو لهڻي ۽ جيڪي کائن پيئن ۽ جيئن مرن ٿا انهن مان به رياست جو اڌ جو اڌ هجي ٿو.

مثال بجيٽ ڊيفيسٽ ڪيئن پورو ڪندا؟ ڪرنٽ اڪائونٽ جا خسارا ڪاڏهون پورا ٿيندا؟ ڀلا جيڪي تعليم جون اربين روپيا بجيٽ رکن ٿا اهي رکڻ کانپوءِ خرچ ڪٿي ٿا ڪن؟ صحت جي بجيٽ ۾ ڪيترا پيسا واڌارو رکن ٿا، جنهن ۾ غريب ماڻهن جو صحت جو ڀلو ٿئي. پر اها ڳالھه به آهي ته اها بجيٽ جيڪڏهن تعليم، صحت، سيڪيورٽي جي خرچن، ڊفينس يا ٻين خرچن جو ٽوٽل ٻڌائي پورو ڪري، انهن ادارن جي هزارين لکين ملازمن جي ڪل پگهارن يا پينشن جي ڪٿيل رقم ٻڌائي مڙئي ٽوٽل پورو ڪندا آهن، پر بجيٽ جي ظلم ۾ اها به ڳالھه آهي ته رٽائرڊ ملازم  لکين روپيا پگهارون به کڻن ٿا، ٻي نوڪري ۽ ڪاروبار به ڪن ٿا، پر گريجوئيٽس جيڪي نوڪرين جي آسري ويٺا زندگي خراب ڪري ٿا ويهن، انهن جو ازالو ئي نه ٿو ٿئي. يا اهو به مڃن ته رڳو هڪ اليڪشن جو خرچ 42 ارب روپين کان به مٿي آهي، ته اتي هنن جي خزاني ۾ واقعي ئي پيسا ناهن جو نيون چونڊون هر هر ڪرائي سگهن. ان ڪري آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪري جيڪي 8 ارب ڊالر روپيا ملندا اٿن (جنهن جي قسط ٻه ارب ڊالر آهي) ته هي نيون چونڊون ڪرائن. پر اها ڳالھه به مڃن ته حڪومتون هاڻي ائين ئي هلنديون جو بصرن کائڻ واري ڳالھه ته ”آپڻا مال هي رونسون ڀي ۽ کانسون ڀي“ معني لعن طعن به سهندا، حڪومتون به ڪندا، وزارتون به ماڻيندا، آءِ ايم ايف ڏي به ويندا، ابتا سبتا معاهدا ڪري لٽ ڦر ڪري ملڪ جو ٻيڙو به ٻيڙيندا ۽ سرخرو به ٿيندا. اها آهي ملڪي برانڊ جي سياست، ته قوم کي گمراھ ڪيو، لٽيو ڦريو، عوام کي بليڪ ميل ڪيو، پر سياست ڪيو، ۽ ماڻهن کي پنهنجن مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو، ان ڪري ته سياستدانن جو مطلب ۽ مقصد رڳو ڪرسي آ پر عوام ۽ عوام جا درد ناهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.