خانگي اسپتالن ۽ ڪلينڪس ۾ ڦرجندڙ سنڌ جا ماڻھو\پاڪستان ۾ پوليو جو مرض ختم ڇو نه ٿو ٿئي ؟

سنڌ ۾ بيڊ گورنرس جو ھڪ نھ پر ڪيترائي مثال ڏئي سگھجن ٿا. جنھن ۾ پوليس، تعليم، صحت، آبپاشي، زراعت جي شعبا شامل آھن، ھر لحاظ سان تھ سمورا شعبا اھم آھن پر صحت جو شعبو وڌيڪ ڌيان گھري ٿو. سنڌ جي اڪثر شھرن ۾ سرڪاري اسپتالون تھ آھن، پر انھن جي ڪارڪردگيءَ مايوس ڪندڙ آھي، اھا عام شڪايت آھي تھ اتي پوليس ۽ صحت ٻھ اھڙا کاتا آھن، جن ۾ مقرر ڪيل عملي توڙي آفيسرن مان گھڻا ئي آن رڪارڊ موڪل تي ۽ ٻيا وري مفرور ھوندا آھن، ڪجهھ ڏينھن کان تعليم کاتي بايئو ميٽرڪ حاضري جو سسٽم معارف ڪرايو آھي پر اھا بھ حقيقت آھي تھ انھن ڊوائيسز کي آپريٽ ڪندڙ عملي جا ماڻھو بھ ھوشياري سان ”ڏي وٺ“ جي بنياد تي حاضري لڳائين ٿا.

صحت کاتي جي ننڍي عملي جي بدران وري گھڻو ڪري ڊاڪٽر موڪلن تي ھوندا آھن يا وري ڪو “جڳاڙ“ ڪري مفرور ھوندي حاضر ڳڻيا ويندا آھن،جنھن ڪري پھرين تي اڪثر اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ رھي ٿي.ٻيو وڏو مسئلو دوائن جي کوٽ ھوندو آھي، ٽيون وڏو مسئلو ليبارٽري ٽيسٽ جو گھربل سھولتون نھ ھجڻ آھي. جنھن ڪري او پي ڊي، وارا مريض رلندا رھندا آھن. ڪنھن کي دوا ملندي آھي ڪنھن کي نھ ملندي آھي، ڪنھن جي بيماري جي سڃاڻپ ٿيندي آھي، ڪنھن جي نھ ٿيندي آھي.اھو جڳاڙ سالن کان ھلندڙ آھي، جيڪڏھن ڪو ڊاڪٽر پنھنجي دلچسپي وٺي ڪري ڪنھن اسپتال کي بھتر ھلائي ٿو تھ وري ”ڪرپشن “ ڪندڙ ڊاڪٽر توڙي عملو ان جي پٺيان پئجي ويندا آھن.

بي ايڇ يو، آر ايڇ سي يا وري تعلقي جي درجي واري اسپتال ۾ تھ ڇڏيو پر ضلعي ھيڊ ڪوارٽر جي اسپتالن جا حال بھ گھڻو خراب آھن.جنھن ڪري وڏن شھرن جي اسپتالن ڏانھن مريضن جو اچڻ لازمي ڳالھھ آھي.پر حيرت جي ڳالھھ آھي تھ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسپتالن جي وارڊن جي حالت بھتر ڪرڻ بدران  پھرين اوليت ڊاڪٽر يا پروفيسر جي آفيسن جي بھتر فرنيچر ۽ سنوار سنگار تي ڏني ويندي آھي. سنڌ جي ھر شھر ۾ انڪري گھٽين ۽ گلين ۾ ڊاڪٽرن جو عام جام ڪيلنڪس يا وري تعلقي ۽ ضلعي جي سطح جي شھرن ۾ خانگي اسپتالن جو رواج عام آھي. ھڪڙو خيال ھي آھي تھ اھي خانگي اسپتالون ئي سرڪاري اسپتالن جي خرابي جو سبب بڻجنديون آھن.اھڙي خيال جي پٺڀرائي ڪندڙ مبصرن جو خيال آھي تھ جيڪڏھن انھن سرڪاري اسپتالن جي اندر مريضن تي مڪمل ڌيان ڏنو وڃي ۽ مريض اطمينان محسوس ڪري ۽ ان کي فائدو پھچي تھ ڪر اھو نجي اسپتالن جو رخ نھ ڪري.

سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو ھجڻ وري ھڪ ٻيو مسئلو آھي.ڳچ عرصي کان اھو سلسلو جاري آھي، سنڌ حڪومت وري سنڌ ۾ صحت جي سھولتن کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جوڙي جنھن جو ڪم عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ آھي. پر اھڙيون گھڻيون ئي شڪايتون اچي رھيون آھن تھ ان اداري جا ماڻھو بھ خانا پوري ڪرڻ ۾ رڌل آھن، جنھن جي بدلي ۾ کين ڪميشن ملي ٿي.جنھن ڪري سنڌ ۾ عطائي ڪلينڪس بھ ھلن پيون ۽ بيماريون بھ وڌن پيون. حڪومت پنھنجي ڪارڪردگيءَ ۾ اھو ڄاڻائي ٿي تھ ھليٿ  ڪئير ڪميشن وڏو ڪم ڪري رھي آھي، جنھن کي جيڪڏھن زميني حقيقت سان ڀيٽائيبو تھ اھو اھڙي ڪا بھ صورتحال نھ آھي،جنھن کي چئجي تھ اسين ڪنھن بھتري واري رخ ۾ اڳتي وڌي رھيا آھيون.

ڪجھه وقت کان  سڄي سنڌ ۾ جنرل پريڪيٽشنرز، جرنل  فزيشنز، ڪنسلٽنٽس ۽ پروفيسرز (ننڍيون وڏيون خانگي اسپتالون ھلائيندڙ) پنهنجي فين ۾اضافو ڪري ڇڏيو آھي.ھڪ خبر ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ انھن  ڪورونا واري وبا ۽ ان بعد جاري مھانگائي جو جواز ڄاڻائي ٽن سالن دوران 35 کان 50 سيڪڙو تائين ، فيون وڌائي ڇڏيون آھن.صوبي جي پبلڪ هيلٿ ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ صحت کاتي وٽ ڊاڪٽرن ۽ خانگي اسپتالن جي فين مقرر ڪرڻ جو ڪو به اختيار يا پاليسي ناهي.چيو ٿو وڃي تھ خانگي اسپتالن يا ڪيلنڪس جا ڪنسلٽنٽس ھڪ کان ٻھ ھزار رپيا في وصول ڪن ٿا. جنھن ڪري عوام جي مٿان ميڊيڪل جي مد ۾ خرچ اڳي جي مقابلي ۾ وڌي رھيو آھي.سنڌ حڪومت کي ھڪ تھ سرڪاري اسپتالن جي صورتحال کي سڌارڻ گھرجي، ٻيو خانگي طور ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ ماھر ڊاڪٽرن بابت سخت پاليسي جوڙڻ گھرجي، ان جي جوڳي مانيٽرنگ ڪرڻ گھرجي.ڪنھن شڪايت جي صورت ۾ ان جي بنا ڪنھن امتياز جي جاچ ڪرڻ ۽ ان تي ڏنڊ مقرر ڪرڻ گھرجي.ھر معاملي ۾ پاڻ کي آجو ڪرائي ڇڏڻ سان ماڻھن جا مسئلا وڌي رھيا آھن،بيڊ گورنرس جا وڌيڪ مثال قائم ٿي رھيا آھن.

ملڪ ۾ پوليو جي خلاف ورھين کان مھم جاري آھي پر پوليو ختم نھ ٿي سگھيو آھي، جنھن ڪري ٻارڙا متاثر ٿين ٿا ۽ اھي سموري حياتي معذور رھن ٿا.ھڪڙو خيال ھي آھي تھ ھر حڪومت پوليو خلاف مھم جي پروگرام ۾ ان ڪري بھ دلچسپيءَ وٺي ٿي جو ان پروگرام ۾ خاص بجيٽ آھي.ضلعي انتظاميا کان ويندي صحت کاتي ۽ پوليس کاتي کي پوليو خلاف مھم ھلائڻ ۾ شامل ڪرڻ باوجود پوليو جي بيماري جي پاڙ پٽجي نھ سگھي آھي. ان جا ڪي حقيقي سببن پڻ آھن،جنھن ۾ افغانستان کان ماڻھن جي اچ وڃ ۽ تاحال ڏورانھن علائقن تائين نھ پھچي سگھڻ شامل آھي.

ھن وقت جيڪب آباد ضلعي ۾ هڪ ٻيو ٻار پوليو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آھي.ٻارڙي کي گذريل سال پوليو جو شڪار قرار  ڏنو ويو هو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻار ۾ پوليو جون علامتون 27 ڊسمبر تي ظاهر ٿيون. تنهن ڪري اهو 2024 جو ڪيس آهي.اختيارين موجب 2024ع تائين پاڪستان ۾ پوليو متاثرن جو  انگ وڌي 71 ٿي ويو آهي. جيڪب آباد ۾ 2024ع ۾ پوليو جا 5 ڪيس سامهون آيا.بلوچستان ۾ پوليو جا 27، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 21، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.

اختيارين کي گھرجي تھ ھن مھم ۾ ماڻھن ۾ سجاڳي آڻي، جنھن طريقي سان ماڻھن کي ڏنڊو کڻي ڦڙا پيارڻ جو سلسلو جاري رھندو ان جو مثبت نتيجو نھ نڪرندو.اميد ڪجي تھ سنڌ سرڪار ھنن اھم صحت سان لاڳاپيل معامل ڏانھن وڌيڪ ڌيان ڏيندي ۽ جنھن سان ئي بھتر نتيجا اچي سگھن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.