ڪجهه مبصرن کي حيرت آھي تھ آخر پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني اڳواڻ عمران خان جيل مان ٻاھر اچڻ ڇو نھ ٿو چاھي ۽ ڪجهه مھينا خاموش رھي ڪري ٻيھر وزيراعظم ڇو نھ ٿو بڻجڻ چاھي ۽ بار بار اھو ڇو ٿو چئي تھ آئون سڄي زندگيءَ جيل ۾ رھڻ لاءِ تيار آھيان.پر موجودھ نظام کي قبول نھ ڪندس، انھن مبصرن کي حيرت نھ ٿين گھرجي.عمران خان سمجھي ٿو تھ اٺ فيبروري تي عوام جي مينڊيٽ کي چوري ڪيو ويو ھو ۽ ان کانپوءِ ھڪ مصنوعي پارليامينٽ جوڙي ڪري اھڙاو بندوبست ڪيو ويو،جنھن سان سموري آئين ڍانچو ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿي ويو آھي ۽ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون وجو رستو بند ڪيو ويو آھي. پي ڊي ايم جي اڳوڻي حڪومت ۾ بھ خيبرپختونخوا ۽ پنجاب اسميلبين جو چونڊون مقرر وقت تي نھ ڪرائي بھ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ھئي.پي ڊي ايم، دوران جيڪي قانون جوڙيا ويا ۽ ترميم ڪئي وئي آھي، موجودھ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومتي نظام جي جاري رھڻ جي ڪري ڏھاڪن تائين انصاف ڀرين چونڊن جو ڪو امڪان نھ آھي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني جي رويي مان آساني سان ان ڳالھھ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ ھو اھو سمجھي رھيو آھي تھ موجودھ نظام ۾ ھن کي ڪنھن مجبوري ۾ وزيراعظم بڻايو بھ ويو تھ ھن کي بي اختيار ڪيو ويندو،ھو وزيراعظم ھائوس جو قيدي بڻجي يا ڪوڙو پروٽوڪول وٺي ڪري عوام جي لاءِ معمولي قدمن کانسواءِ ڪجهه بھ نھ ڪري سگھندو.آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ انصاف تي ٻڌل فلاحي رياست ۽ عوام جي خوشحال بڻائڻ جي ڪم جي شروعات بھ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني جي لاءِ ممڪن نھ ھوندي.ھاڻي ھن مان توقع ڪئي پئي وڃي تھ ھو جيل کان ٻاھر بھ اچي وڃي، ڪجهه وقت جي لاءِ خاموش بھ رھي سو ھو ڪنھن ريت بھ اھو قبول نھ ڪندو.چاھي ھن کي موت جي سزا يا جنم ٽيپ ئي ڇو نھ ڏني وڃي.
ڪجهه دانشور سڏائيندڙ مبصر جن کي” دانش ڪدھ“ چوڻ وڌيڪ مناسب ٿي سگھي ٿو، انھن جو چوڻ آھي تھ سياست ۾ رڳو اقتدار ۽ عھدا ئي سڀ ڪجهه آھن.ملڪ ۾ طاقت جي سھاري سان ڪيتريون ئي مارشل لائون لڳيون. انھن ”دانش ڪدھ “ مبصرن جي ڳالھه کي درست مڃيو وڃي تھ سمورا مارشل لائي ايڊمنستريٽر ئي سڀ کان وڏا ۽ عالي مرتبي جا سياستدان ھئا.
پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني جيل ۾ رھي ڪري قومي ۽ عالمي سطح تي جيڪو اعليٰ مرتيو ۽ مقام حاصل ڪري ورتو آھي، ان جي سامھون وزيراعظم سميت سمورن اعليٰ عھدن جي ڪا حيثيت نھ آھي.پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪي اڳواڻ تھ ھاڻوڪي نظام کي نيم مارشل لا جو نظام سمجھن ٿا.ھاڻي جيڪڏھن پي ٽي آءِ، جي باني کي عمر قيد ۾ رکيو وڃي يا موت جي سزا ڏني وڃي تھ اھا موجودھ نظام جي ئي شڪست ھوندي.ھاڻوڪي حڪمرانن جي، ذاتي ملازمن ۽ خاندان جي ماڻھن ۾ بھ انھن جي لاءِ سٺا جذبا ختم ٿي سگھن ٿا.جيڪي مبصر اھو تصور ڪري ويٺا آھن تھ اقتدار ۾ رھي ڪري مسلم ليگ ۽ ٻين اقتدار ۾ ويٺل جماعتن جي خلاف عوام اندر روز وڌندڙ نفرت ۾ ڪا گھٽتائي ٿي سگھي ٿي يا ٻن چئن ڪاليجن ۾ سخت سيڪيورٽي جو سھارو وٺي ڪري تقرير جي ذريعي ھاڻوڪن حڪمرانن بابت عوام ۾ موجود نفرت جي جذبن کي ختم ڪري سگھبو اھا رڳو خوش فھمي تي ٻڌل حڪمت عملي آھي، جيڪا حقيقت جي نمائندگي نھ ٿي ڪري سگھي.جيڪڏھن اھي اڳواڻ ذڪر ڪيل درسگاھن مان وڃڻ بعد ٻئي ڏينھن انھن شاگردن کان انھن جي جذبن بابت آگاھي حاصل ڪن ھا تھ انھن کي خبر پئجي وڃي ھا تھ شايد اھي پنھنجي لاءِ نفرت ۾ وڌيڪ واڌارو ڪري ھليا ويا آھن.اھا نفرت وڌندي وڌندي انھن اقتدار تي ويٺل جماعتن جي حڪومتن جي انت جو سبب بڻجندي.
اٺ فيبروري جي چونڊ نتيجن کي سامھون رکڻ گھرجي.جئين ئي عمران کي سزائون ڏنيون ويون.پاڪستان تحريڪ انصاف کي سياسي جماعت تسليم نھ ڪيو ويو، انھن کي چونڊ مھم ھلائڻ نھ ڏني وئي . ان ھوندي مسلم ليگ ن جو قائد، جيل ۾ بند ڪينسر جي مريضھ بزرگ خاتون ڊاڪٽر ياسمين راشد جي سامھون مقابلي ۾ ھارائجي ويو ھو، اھو تھ بعد ۾ نتيجا تبديل ڪري ان کي ڪامياب قرار ڏنو ويو.پي ٽي آءِ، مطابق فارم 45 جي مطابق مسلمليگ کي رڳو 17 سيٽون ميلون ھيون.جڏھن تھ ايم ڪيو ايم کي ھڪ بھ سيٽ نھ ملي ھئي.ڪراچي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي بھ شڪست کي منھن ڏيڻو پيو.ان ڪري اھا فارم 45 پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رھي.
ھاڻوڪي نظام جو جاري رھڻ تباھي جو سبب بڻجي رھيو آھي.سمورو نظام ۾ ڊھي رھيو آھي،ان ھوندي نظام جي حامين جي خواھش آھي تھ عمران خان کي فوجي عدالت جي ذريعي جنم ٽيپ يا موت جي سزا ڏني وڃي.
ان صورت ۾ اقتدرا ۾ويٺل جماعتون ان قومي ۽ عالمي ردعمل ۾ پنھنجو وجود ئي ختم ڪري ويھنديون، ڇو تھ اھي جماعتون اڳ ئي نفرت کي منھن ڏئي رھيون آھن.ھاڻي وري اھي دنيا جي جمھوري حڪومتن ۽ مالياتي ادارن جي دٻاءِ ۾ اچي وينديون، جيڪڏھن ملڪ ۾ جمھوري نظام بحال نھ ٿيو تھ انتھاپسند جماعتن کي عوام ۾ پنھنجو اثر وڌائڻ جو موقعو ملندو.جيڪي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تخريبي ڪارروايون ڪري سگھن ٿيون.جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم اڳ ئي ان ڳالھھ جي نشاندھي ڪري چڪو آھي تھ ووٽ ذريعي تبديلي جو رستو بند ڪيو ويو تھ عوام اھڙو رستو اختيار ڪري سگھي ٿو جيڪا وڏي تباھي جو سبب بڻجندي.خود حڪومت ۾ شامل جماعتون ۽ ڪجهه طاقتور حلقا ڪوشش ڪري رھيا آھن تھ سامھون مولانا فضل الرحمان کي ميدان ۾ لاٿو وڃي.نتيجي ۾ مولانا اھڙا بيان ڏئي رھيو آھي، جيڪي دوستاڻي نشان بازي بھ ٿي سگھن ٿا.پر ان نشان بازي جو نقصان ھڪ اھم اداري کي پھچي رھيو آھي.
حالتون اھري رخ ڏانھن وڌي رھيون آھن.جنھن ۾ حڪمران جماعتون بي وس آھن ۽ اھي حڪومت ۾ رھندي بھ عوامي سطح تي پنھنجي ناڪامي ۽ باقي مينڊيٽ جي مسلسل خاتمي جو منظر ڏسي ڪري بھ ڪجهه ڪري سگھڻ جي پوزيشن ۾ نھ آھن.حڪمران جماعت جي لاءِ موجودھ مصنوعي اقتدار برقرار رکڻ جي بدران فور طور تي پاڪستان تحريڪ انصاف سان سمجھوتو ڪرڻ گھرجي ۽ واپسي جو محفوظ رستو ڳولي وٺڻ گھرجي.
اقتدار کي ڊيگھھ ڏيڻ جي صورت ۾ حالتون ھٿن کان ٻاھر ٿي سگھن ٿيون،ماڻھن جي ڪاوڙ ۽ نفرت خطرناڪ رخ اختيار ڪري وٺي يا ڪو اھڙو دٻاءِ اچي جنھن ڪري اوچتو اقتدار کان جدا ٿيڻ جو مرحلو اچي وڃي.اھري ڪيفيت ۾ وڌيڪ رسوائي کي منھن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.بھتر تھ اھو ئي آھي تھ ملڪ ۾ شفاف جمھوري عمل کي بحال ڪيو وڃي.تھ جئين انتھاپسندي جا لاڙا ۽ دھشتگردي کي عوام جي مدد سان شڪست ڏئي سگھجي.پاڪستان جي عوام کي موقعو ڏنو وڃي تھ اھو ملڪ ۾ معاشي ۽ سياسي استحڪام جي رستي صقف ڪري سگھي ٿو.پاڪستان وڌيڪ اقتدار ۾ ويٺل جماعتون پنھنجي حڪمراني کي ڊيگھھ ڏئي ڪري خود پنھنجي لاءِ عوامي نفرت ۾ واڌارو ڪري رھيون آھن ۽ عوامي مينڊيٽ کان محروم ٿي رھيون آھن.ھٿرادي نظام کي جاري رکڻ سان پنھجو وجود وڃائي رھيون آھن.اٺ فيبروري تي وڏي پئماني سان ڌانڌلي سان لاڳو ڪيل ھاڻوڪو نظام ڪنھن وقت بھ ڍير ٿي سگھي ٿو.