هاري جدوجهد جي علامت ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي

تحرير: صادق لاکو

 ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي زماني ۾ نوابشاهه سنڌ جي دل سياسي طور تي تمام سرگرم علائقو رهيو. سڪرنڊ ۽ سن عوامي، قومي ۽ جمهوري سياست جا مرڪز رهيا. ان زماني ۾ ضلعي نوابشاهه تعلقي سڪرنڊ سان تعلق رکندڙ سنڌ جي جهوني هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي کي ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگهجي. وقت جو وهڪرو وهندي جڏهن ڪامريڊ جواني ۾ پير پاتو ته پاڻ سياسي ماڻهن جي صحبت ۾ هجڻ ۽ پنهنجي ڳوٺ جو وڏو هجڻ سان گڏ علائقي جي راڄن جا فيصلا ڪرڻ ۾ مهارت رکڻ سبب سياسي سوچ ئي کيس سياست ۾ کڻي وئي.

ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي سياست جي شروعات ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري تحريڪ کان ٿي. ان بعد ضلعي نوابشاهه ۾ ڪامريڊ غلام رسول سهتو، ڪامريڊ صالح بلو، ايڊووڪيٽ رشيد احمد، ڪامريڊ خادم چانڊيو، ڪامريڊ سارنگ انڙ، ڪامريڊ ڀائي خان انڙ، ڪامريڊ عبداش پنهور، ڪامريڊ تماچي راهو سميت ٻين اهڙن انيڪ ڪردارن هارين جي تحريڪ کي تيز ڪيو.

ان زماني ۾ پارلياماني سياست ۾ نوابشاهه ضلعي اندر اڳوڻو نگران وزيراعظم غلام مصطفيٰ جتوئي، سائين امداد محمد شاهه، حاڪم علي زرداري، سيد شبير احمد شاهه، الحاج غلام رسول انڙ سميت ٻيا اهڙا ڪيئي سياسي ڪردار هئا. جن نوابشاهه جي سياست کي ملڪي سياسي هلچل ۾ سرفهرست بيهاري ڇڏيو.

ملڪي تاريخ ۾ جڏهن پهريون ڀيرو 1970ع ۾ عام چونڊون ٿيون ته ان وقت اولهه پاڪستان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پيپلز پارٽي ۽ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي پارٽي عوامي ليگ زبردست عوامي مقبوليت سان اڀري آيون. شهيد ڀٽو ۽ شيخ مجيب جو سياسي اثر ملڪي سياست تي ڇانيل رهيو. ان زماني ۾ نوابشاهه ۾ سائين جي ايم سيد جو فرزند سائين امداد محمد شاهه شيخ مجيب جو سرگرم عوامي ليگ جو اڳواڻ هو ۽ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي، شيخ مجيب الرحمان ۽ سائين امداد محمد شاهه جو ويجهو سياسي ساٿي هو، جنهن 1970ع ۾ سائين امداد محمد شاهه سان گڏجي شيخ مجيب الرحمان جي اليڪشن مهم زبردست طريقي سان هلائي. جڏهن شيخ مجيب الرحمان نوابشاهه ۾ اليڪشن مهم تي آيو هو ته ان گڏجاڻي ۾ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي پڻ شامل هو. جنهن اليڪشن مهم ۽ سياسي صورتحال بابت شيخ مجيب کي آگاهي ڏني هئي.هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي شيخ مجيب الرحمان، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏجي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن جي حقن جي حاصلات لاءِ عوامي ۽ جمهوري واٽ وٺندي سياسي، آئيني ۽ قانوني ويڙهه ڪئي. نوابشاهه ۾ هارين جا مسئلا ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي ٿاڻن کان عدالتن تائين کڻي ويندو هو ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ وڃي وڏي واڪي هارين سان زميندارن جي ظلم جي ڳالهه ڪري کين قائل ڪندو هو ته خدارا پنهنجي هارين سان انصاف ڪيو. اهڙيون سچيون ۽ کريون ڳالهيون ڪامورن کي تکيون ضرور لڳنديون هيون پر ڪامريڊ جي انداز ۽ سچ چوڻ جي جرئت انهن جي ضميرن کي جنجهوڙيندي انصاف ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي هئي.

ڪامريڊ محمد رمضان سڄي زندگي جدوجهد ۾ گذاري. ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ سائين امداد محمد شاهه سندس زندگي جا تمام ويجها سياسي دوست هئا. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي دلير هاري اڳواڻ هوندو هو. جنهن ڪڏهن به جاگيردارن ۽ وڏيرن آڏو ڪنڌ نه جهڪايو، سدائين انهن سان مهاڏو اٽڪايو، ڪامريڊ رمضان خاصخيلي جي ڳوٺ ڪنڊو خاصخيلي واري اوطاق توڙي سڪرنڊ واري رهائشگاهه تي ڪامريڊ آڌي مانڌي پيا ايندا ويندا هئا، اسان پاڻ ڪامريڊ وٽ ويندا هئاسين ته ڪامريڊ ڪڏهن به آڌي رات کٽ هنڌ بسترو ۽ پنهنجي ٻچن لاءِ تيار ٿيل جيڪا به دال ماني هوندي هئي اڳيان اچي رکندو هو. اهڙا هئا اهي سچا ۽ کرا ماڻهو.

ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي زندگي جا آخري ٻه ڏهاڪا هوائن جي شهر حيدرآباد ۾ گذاريا ۽ حيدرآباد کي پنهنجو مستقل گهر بڻائي ڇڏيو.ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي 15 جنوري 2022ع تي 88 سالن جي ڄمار ۾ حيدرآباد ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. ساهه جي آخري گهڙين تائين به سنڌ جي هارين جي حقن جو ذڪر سندس زبان تي هو. اڄ 15 جنوري 2025ع تي ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي جي ٽئين ورسي آهي. ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي اسان سڀني کان جسماني طور تي جدا ضرور ٿيو آهي پر سندس جدوجهد ۽ ڪردار تاريخ ۾ صدين تائين زندهه رهندي

هاري اڳواڻ ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي شيخ مجيب الرحمان، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ ڄام ساقي سان گڏجي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن جي حقن جي حاصلات لاءِ عوامي ۽ جمهوري واٽ وٺندي سياسي، آئيني ۽ قانوني ويڙهه ڪئي. نوابشاهه ۾ هارين جا مسئلا ڪامريڊ محمد رمضان خاصخيلي ٿاڻن کان عدالتن تائين کڻي ويندو هو ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس ۾ وڃي وڏي واڪي هارين سان زميندارن جي ظلم جي ڳالهه ڪري کين قائل ڪندو هو ته خدارا پنهنجي هارين سان انصاف ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.