چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئشن جي ميمبرن سان ملاقات بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌي ۽ بلوچ ججن کي به قبول ڪرڻ گهرجي، اهو وقت گذري ويو جڏهن جج هڪ ٻئي جي خلاف موقف رکندا هئا، هن وڌيڪ اهو به چيو ته جبري گمشدگين ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي،گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس ورتا ويندا، ان سان هُن بلوچن ۽ سنڌين جو خيال رکڻ جي پڻ تاڪيد ڪئي.
حقيقت اها آهي ته طاقتور ماڻهن پنهنجي هٺ ڌرمي، غرور، غير جمهوري ۽ غير سياسي عملن جي ذريعي ملڪ کي جنهن چوواٽي تي اتي اچي بيهاريو آهي، اها صورتحال ننڍن ۽ مظلوم قومن لاءِ فيصلائتي گهڙي بڻجي وئي آهي ڇاڪاڻ ته تباهي پسند طاقتور ماڻهو ملڪ کي هر طرح کان کوکلو ڪري هاڻ خطرناڪ منصوبا جوڙي مظلوم قومن جو وجود به خطري ۾ وجهي رهيا آهن. جنهن جو تازو ۽ وڏو مثال سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ آهي. سنڌو درياهه نه رڳو لکين ماڻهن پر ڪروڙين جيوت ۽ زمين جو پڻ جياپو آهي، جيڪڏهن سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍي ان کي سڪايو ويندو ته نه رڳو سنڌ جي معيشت برباد ٿي ويندي پر ان خطرناڪ عمل سان ماڻهو، ماحول ۽ وڻ ٽڻ به متاثر ٿيندا.
درياهي پاڻي زمين جو جياپو هوندو آهي، اوهان ڏٺو هوندو ته جتي درياهي پاڻي ناهي پهچندو اتي به وڻ ٻوٽا ۽ گاهه وغيره ڦٽيل نظر ايندو آهي، جتي مينهن جي وسڪاري کان پوءِ فصل به پوکيا ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته اتان جي زمينن جي جر جو پاڻي مٺو هوندو آهي، جڏهن سنڌو درياهه سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سيراب ڪندو اچي ڪيٽي بندر وٽان سنڌي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي ته سمنڊ پوئتي ڌڪجي ويندو آهي . جيڪڏهن درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ڪندو ته اهو زير زمين وڌندو رهندو ۽ سوين ميلن تائين جر جو پاڻي کارو ٿي ويندو، جيڪو پيئڻ جي لائق ته نه رهندو پر زمينون به بنجر بڻجي وينديون جتان ڪو سلو به نه ڦٽندو ۽ بيٺل وڻ وغيره پڻ سڪي سڙي ويندا. ڇاڪاڻ ته وڻن جو جياپو به جر جي مٺي پاڻي تي هوندو آهي. ان لاءِ سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪئنال ڪڍڻ نه رڳو ماحول دشمن قدم آهي پر اهو عالمگير ڏوهه به ڳڻي سگهجي ٿو، ڇو ته عالمي قانون به ڊيم ۽ غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت نٿو ڏئي.
اسان وٽ ننڍن قومن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ روز ڪيئي نوان نوان اسڪرپٽ لکيا ۽ انهن جي ريهرسل ڪئي ويندي آهي، اڳ ۾ ڪالا باغ ڊيم وارو رينگٽ جنهن جي خلاف سنڌ جي ماڻهن تاريخي جدوجهد ڪئي، پر ان باوجود به پنجاب پنهنجي هٺ ڌرمي تان لهڻ لاءِ تيار ناهي اهو ڪنهن به ڪنهن صورت ۽ نالي جي ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ تي بضد آهي. اهو ئي سبب آهي ته شهيد مولانا خالد محمود سومري چيو هو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جو نالو مڪو ۽ مدينو به رکيو وڃي ته اسان کي قبول نه هوندو. دراصل ڪالاباغ ڊيم ٺاهي پنجاب جيڪو ٻين صوبن جي حصي جو پاڻي چورائي پنهنجيون جيڪي غيرآباد زمينون آباد ڪرڻ ٿي گهريون اهي هاڻ سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍي آباد ڪرڻ گهري ٿو. سندس ان تڪراري ۽ سنڌ دشمن فيصلي کان پوءِ سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، پر ملڪ جا حڪمران جيڪي ملڪي خوشحالي رڳو پنجاب جي خوشحالي کي تصور ڪندا آهن، پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ بدران ان امڪاني تباهي جا فائدا ٻڌائي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو سندن ان فيصلي کي سنڌ لاءِ تجربي خاطر زهر پيئڻ جيان سمجهي رهيا آهن، ڇوته زهر پيئڻ کان پوءِ ماڻهو زندهه رهندو ئي نه ته ڪيئن خبر پوندي ته ڪيل تجربي جو ڪهڙو نتيجو حاصل ٿيو.
جيتوڻيڪ پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، پر هن وقت تائين سنڌ جا ماڻهو جمهوري انداز ۾ پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن ان لاءِ ضروري آهي ته سندن آواز کي ٻڌو وڃي،ِ طاقتور ماڻهن کي گهرجي ته ملڪ جي حڪمرانن کي اهڙا فيصلا ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي جنهن سان ملڪي سالميت ۽ قومي ايڪي کي ڪو ڇيهو رسي. ڪارپوريٽ فامنگ جي منصوبي تحت سنڌ جون زمينون ڪمپنين کي ڏيڻ بدران سنڌ جي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن، ۽ انهن سان سرڪاري سطح تي سهڪار ڪيو وڃي ته اهي اوهان کي اميد کان وڌيڪ نتيجا ڏيندا ۽ گهڻي حد تائين غربت ۾ پڻ گهٽتائي اچي ويندي. اهو ڪم سنڌ حڪومت کي ڪرڻ گهرجي، جنهن جو منشور ۾ ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ به شامل آهي.
چيف جسٽس جي ان بيان جي اسان آجيان ڪريون ٿا، جنهن ۾ هُن بلوچن ۽ سنڌين جو خيال رکڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، هونئن ته جبري گمشدگين جو مسئلو سڄي ملڪ جو آهي پر ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر بلوچستان ۽ سنڌ ٿيا آهن، پر اهو سلسلو رڪجڻ جي بدران بدستور جاري آهي، جيڪو نه رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي پر اهو لاڙو ملڪي سالميت لاءِ خطرناڪ ۽ عدليه جي توهين پڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ عداليه جو هڪ مضبوط نظام موجود آهي، ڪنهن به ڪرمنل ۽ تخريبي سرگرمين ۾ ڪو شخص ملوث ڏٺو وڃي ته کين گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري عدالتن جي حوالي ڪيا وڃن، جيڪو جائز ۽ قانوني عمل آهي، پر سياسي ڪارڪنن ۽ تخريبڪارن ۾ فرق ڪيو وڃي. جڏهن اهو فرق ڪرڻ شروع ڪيو ويندو آهي ته اوهان ملڪي وهنور ۽ امن جي صورتحال ۾ به چٽو ۽ واضح فرق نظر ايندو.