ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)”اسان جي نياڻي سان جيڪو ظلم ڪيو ويو، ان نه رڳو اسان جي خاندان کي سخت صدمو پهچايو، پر سڄي علائقي کي سوڳوار ڪري ڇڏيو آهي.“
اهو چوڻ آهي بلوچستان صوبي جي ضلعي ڪيچ سان تعلق رکندڙ عورت ماهه گُل بلوچ جي پيءُ عبدالعزيز جو.
ماهه گُل کي آچر جي رات اڻڄاتل هٿياربندن سندس گهر مان اغوا ڪيو هو ۽ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ سندس لاش ويجهي علائقي مان مليو هو. 30 ورهين جي ماهه گُل ٻن ٻارن جي ماءُ هئي.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي عورت جي والد عبدالعزيز بلوچ ٻڌايو ته کيس بلڪل اندازو ناهي ته سندس ڌيءَ کي ڪنهن ۽ ڇو هن ظلم جو نشانو بڻايو.
ضلعي ڪيچ جي سياسي پارٽين هن واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري ۽ عورت جي خاندان کي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته سرڪاري اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
بلوچستان حڪومت جي گهرو کاتي جي ميڊيا بابت مددگار بابر يوسفزئي جو چوڻ آهي ته واقعي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.
واضح رهي ته ماهه گُل بلوچ جو تعلق ايراني سرحد سان لڳندڙ بلوچستان جي ضلعي ڪيچ جي علائقي ڪلگ سهراني سان هو.
ماهه گُل بلوچ جي والد عبدالعزيز بلوچ بي بي سي کي ٻڌايو ته سندس ڌيءَ پرائمري تائين تعليم حاصل ڪئي هئي، هوءَ شادي شده هئي ۽ سندس پنج ۽ اٺ ورهين جون ٻه ڌيئرون آهن.
عبدالعزيز موجب سندس ڌيءَ جو ڪنهن سياسي تنظيم يا گروهه سان ڪو تعلق نه هو ۽ هوءَ گهرواري هئي.
ماهه گُل جي اغوا ۽ قتل جي ايف آءِ آر سندس والد عبدالعزيز جي فرياد تي داخل ڪئي وئي آهي.
ايف آءِ آر موجب، 6 سيپٽمبر (آچر) جي رات لڳ ڀڳ 8 وڳي هڪ اڇي رنگ جي لينڊ ڪروزر گاڏي سندن گهر آئي، جنهن ۾ 6 کان 7 ماڻهو سوار هئا.
والد موجب، نقاب پوش ۽ هٿياربندن زبردستي سندس گهر ۾ داخل ٿيا ۽ پڇيو ته ماهه گُل ڪير آهي، تصديق ٿيڻ کانپوءِ هٿياربند سندس ڌيءَ کي زبردستي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.
والد موجب، گهر وارن مزاحمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هٿياربندن هوائي فائرنگ ڪئي ۽ بندوق جي زور تي سندس ڌيءَ کي اغوا ڪري کڻي ويا.
والد دعويٰ ڪئي ته سندس ڌيءَ يا ماهه گُل جي مڙس جي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه هئي ۽ نه ئي ماهه گُل ڪنهن سياسي يا غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث هئي.
You might also like